گهوٽڪي ضلعو
گھوٽڪي ضلعو | |
---|---|
Ghotki District | |
![]() پاڪستان جي نقشي ۾ ڳاڙھي رنگ سان ڏيکاريل گھوٽڪي ضلعو | |
![]() گھوٽڪي جو ھڪ باغ | |
بيھڪ: District 28°06′N 69°11′E / 28.10°N 69.19°Eمڪانيت: District 28°06′N 69°11′E / 28.10°N 69.19°E | |
ڊويزن | سکر ڊويزن |
صوبو | ![]() |
ضلعي جو قيام | 1983 |
ايراضي | |
• ڪل | ٦٬٧٢٦ ڪ.م٢ (٢٬٥٩٧ ميل٢) |
گهوٽڪِي ضلعو(انگريزي: Ghotki District) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي سکر ڊويزن جو هڪ ضلعو آهي جنھن جو صدرمقام ميرپورماٿيلو آھي. ھن ضلعي جو قيام 1983 ۾ ٿيو.ان کان اڳ ھي شھر سکر ضلعي جو تعلقو ھيو.[2] هن ضلعي ۾ پنج تعلقا آهن جن ۾ گهوٽڪي تعلقو ، ميرپور ماٿيلو تعلقو ،اُٻاوڙو تعلقو ،ڏهرڪي تعلقو،خان ڳڙهه تعلقو شامل آهن.
جاگرافي[سنواريو]
ھي ضلعو سنڌ ۽ پنجاب جي سرحد تي واقع آهي.ضلعي جو سرحدون اوڀر ۾ ڀارت سان ، ڏکڻ اولھ ۾ سکر، اتر ۾ پنجاب جي ضلعي رحيم يار خان جي تعلقي صادق آباد ۽ اوڀر ۾ ڪنڌڪوٽ ضلعي سان ملن ٿيو.
مردم نگاري[سنواريو]
مارچ 1998 جي آدمشماري مطابق ھن ضلعي جي آدمشماري 970550 ھئي جن مان 158500 ماڻھو شھر. م رھندڙ ھئا جيڪي ڪل آباديءَ جو 16.33 سيڪڙو ھيو. آبادي جو 812050 ماڻھو ڳوٺن ۾ رھندڙ ھئا جيڪي ڪل آباديءَ جو 83.67 سيڪڙو ھيا. [3]ھن ضلعي جي 92 سيڪڙو آبادي سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ آھي، باقي 3.1 سيڪڙو اردو ۽ 2.9 سيڪڙو آبادي پنجابي ڳالهائيندڙ آھي. 1998 جي مردم شماري مطابق ھن ضلعي جي آبادي جو 93.06 سيڪڙو آبادي مسلمان آھي، 6.68 سيڪڙو آبادي ھندو، 0.14 سيڪڙو عيسائي ۽ 0.04 سيڪڙو ٻين مذھبڻ سان تعلق رکندڙ آهي.
گھوٽڪي جي ٻھراڙي | گھوٽڪي جي شھري آبادي | گھوٽڪي ضلعي جي ڪل آبادي | |
---|---|---|---|
آبادي | 1242780 | 403538 | 1646318 |
مرد | 640467 | 208759 | 849226 |
عورتون | 602300 | 194751 | 797051 |
ٽين جنس | 13 | 28 | 41 |
خاندان | 223706 | 72964 | 296670 |
معيشت[سنواريو]
گھوٽڪي جي معيشت زرعي آھي ھتي جي سڀني شھرن جي منڊين ۾ سڀ کان وڌيڪَ زرعي جنسن جو واپار ٿيندو آهي. ھن ضلعي ۾ سڀ کان وڏو زرعي فصل ڪپھ آھي ۽ ٻئي نمبر ڪمند. ان سان گڏوگڏ ھي ضلعو سنڌ جو صنعتي ضلعو پن آھي. ھن ضلعي جي صنعت ۾ او جي ڊي سي، اينگرو فرٽلائيزرس، فوجي فرٽلائيزرس (پاڪ سعودي فرٽلائيزرس)، ٽي اين بي لبرٽي پاور پلانٽ، اينگرو پاور جين پلانٽ ۽ دوسان پاور پلانٽ شامل آهن. گھوٽڪي ۾ ان کانسواءِ ٽي گيس فيلڊون پڻ اھن. جن ۾ مري گيس فيلڊ، قادر پور گيس فيلڊ ۽ رحمت گيس فيلڊ شامل آهن. ھن ضلعي ۾ چار شگر ملون آھن جن ۾ JDW شگر ملز 3[5], SGM شگر ملز[6]، ڏھرڪي شگر ملز، رہٽي شگر ملز شامل آهن. ھتي ڪاٽن جننگ ملز جو بہ وڏو تعداد آهي.
موسم[سنواريو]
ھن ضلعي جي موسم سياري ۾ ٿڌي ۽ خشڪ ۽ اونھاري ۾ تمام گرم ھوندي آھي.
درگاھون[سنواريو]
گهوٽڪي ضلعي ۾ هيٺيون درگاهون مشهور آهن:
- ڀرچونڊي شريف، ڏهرڪي: درگاهه حافظ محمد صديق
- سوئي شريف، ڏهرڪي تعلقو: درگاهه سيد حسن شاه قادري نقشبندي
حوالا[سنواريو]
- ↑ "DISTRICT WISE CENSUS RESULTS CENSUS 2017" (PDF). www.pbscensus.gov.pk.
- ↑ PCO 199810.
- ↑ "Archived copy". وقت 2014-11-29 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2014-11-23.
- ↑ {http://www.pakinformation.com/population/ghotki.html}
- ↑ http://www.jdw-group.com/. Missing or empty
|title=
(مدد) - ↑ http://sgmsugar.com/. Missing or empty
|title=
(مدد)