مير معصوم شاهہ جو مُنارو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
معصوم شاھ جو منارو ٿورو پرڀري ڏيک کان

مير معصوم شاهه جو منارو سکر، سنڌ ۾ واقع هڪ قديم عمارت آهي جنهن کي سنڌ جي نامورمورخ، قادرالڪلام شاعر، طبيب،ڪتبه نويس، بکر جي سلطان محمود خان ۽ مغل شهنشاهه جلال الدين اڪبر جي امير مير محمد معصوم بکري (پيدائش:944ھ - وفات: 1014ھ) تعمير ڪرايو[1]۔

هن ميناري جي تعمير جي شروعات مير محمد معصوم بکري 1003ھ ۾ ڪئي جنهن کي مير صاحب جي وفات کان بعد سندن جي فرزند مير بزرگ  1027ھ ۾ مڪمل ڪرايو۔ هي مينار ٽڪري تي واقع آهي هن مينار تي پڪيون سرون ۽ چوني جو پٿر استعمال ٿيو آهي۔ هي مينار بنياد کان 84 فٽ ويڪرو آهي، ديگھ به 84 فٽ آهي ۽ گولائي ۾ ڏاڪڻ جي ڏاڪن جي تعداد به 84 آهي۔ مينار جي چوٽِ گنبد نما آهي[2]۔

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. تاريخ معصومي، مير محمد معصوم بکري، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 2006ء، ص 21
  2. تاريخ سکر، رحيمداد خان مولائي شيدائي، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو،2005 ء، ص108-109