اشتياق انصاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Iاشتياق انصاري

اشتياق انصاري (انگريزي: Ishtiaq Ansari) سنڌ، پاڪستان سان تعلق رکندڙ سنڌي ٻولي جو محقق ۽ ڪهاڻيڪار آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن.[1]

زندگي ۽ تعليم[سنواريو]

اشتياق انصاري جو اصل نالو اشتياق احمد آهي. پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب انيس انصاريءَ جي گهر ۾ لاهوري محلي لاڙڪاڻي ۾ 30 جنوري 1952ع جنم ورتائين. شروعاتي تعليم قمبر شهر ۽ لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين، بعد ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان گريجوئيشن سان گڏ مهراڻ يونيورسٽيءَ مان سول انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي. شاگرديءَ واري زماني ۾ ڪرڪيٽ ۽ ٻين راندين سان دلچسپي هئس. سٺو ائٿليٽ بہ رهيو ۽ شاگرد سياست ۾ بہ بهرو ورتائين ۽ ڪجهہ عرصو جيل ۾ بہ رهيو. ايگزيڪيوٽو انجنيئر طور دادو ۾ بہ رهيو. هن وقت حسين آباد، حيدرآباد ۾ پنهنجي جيون ساٿي شبنم گل سان گڏ رهائش پذير آهي، جيڪا پڻ سنڌي زبان جي مشهور ڪهاڻيڪاره ۽ ڊرامہ نگار آهي.[1]

ادبي خدمتون[سنواريو]

سير سفر ۽ تحقيق سندس مشغلو رهيو آھي. مهم جوئيءَ واري سلسلي ۾ هن ساٿين سان گڏجي 1989ع ۾ ٻيڙين ذريعي درياھ ڪابل کان مهم شروع ڪئي، جيڪا عربي سمنڊ ۾ پورٽ قاسم وٽ ختم ڪئي وئي. انڊس ڊيلٽا بابت مهمن دوران ديبل بندر جي ڳولا بہ ڪيائين ۽ انکان سواءِ اڇڙي ٿر، لاهوت لامڪان ۽ کيرٿر جا تحقيقي سفر ڪيائين. هن سفرناما ۽ ڪهاڻيون بہ لکيون آهن. “دکم“ (ڪهاڻيون) اڻڇپيل ڪتاب آهي. کيس سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا طرفان اوارڊ پڻ مليا آهن. هن گهڻائي ملڪ گهميا آهن.[1]

ڪتاب[سنواريو]

سندس ڇپيل ڪتابن ۾:[1]

  • سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا (تحقيق)[2]
  • خيما کاهوڙين (سفرنامو)،[3]
  • اينٿراپالاجيڪل ناول ”اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ“
  • ووڙيم سڀ وٿاڻ (سفرنامو)
  • انيس انصاري فن ۽ شخصيت
  • ”ڌرتي ماتا“ (تحقيق)
  • ”جتي ماڻڪ ماڳ“ (تحقيقي مضمون)
  • گورک تحقيق

اوارڊ[سنواريو]

اشتياق انصاري کي سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا ۽ سنڌي ادبي سنگت طرفان ادبي خدمتن تي اوارڊ مليل آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 "اشتياق انصاري : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-06-12. 
  2. "Sindh Ja Kot Ain Qila 2 Book Price in Pakistan-Homeshopping". Home Shopping Pakistan. حاصل ڪيل 2019-06-12. 
  3. "::: Sindhica :::". sindhica.org. حاصل ڪيل 2019-06-12.