ڪيلاش جبل
ڪيلاش پربت | |
---|---|
ڪيلاش پربت جو اتر پاسي کان منظر | |
اوچي سطح | |
بلندي | 6٬638 m (21٬778 ft) |
امتياز | 1٬319 m (4٬327 ft) |
اڪيلائي | [اوزا تبديل: needs a number] |
مقانيت | |
جاگرافي | |
مرڪزي جابلو قطار | ھماليہ جبلن جي قطار |
ڪيلاش جبل (Kelaash Jabal) جي هاڻوڪي پاڻي جي ذخيري مان ايشيا جا چار عظيم درياءَ نڪرن ٿا، سنڌو ندي پاڪستان جو رخ ڪري ٿي، ستلج ڏکڻ اولهه ۾ ڪشمير ڏانهن وڃي ٿي، ڪرنالي ندي ڏکڻ اوڀر ۾ گنگا جو رخ ڪري ٿي، ۽ برهمپرا ندي اوڀر ۾ بنگلاديش ڏانهن وڃي ٿي.
جتان اهي چار نديون نڪرن ٿيون، اتي چئن عقيدن جا ماڻهو به ياترا لاء اچن جا خواب ڏسن ٿا، بون، ٻڌمت، جين ڌرم ۽ هندومت وارا هن جبل جي پوڄا ڪن ٿا، ۽ اها ڏکڻ ايشيا جي سڀ کان آڳاٽي روايت آهي، تبت جا ماڻهو ان جبل کي ”ڪانگري رنپوچي“ يعني املهه برف جو جبل ڪوٺين ٿا، بون لکتن ۾ ان جا ڪيترائي نالا آهن، ”پاڻي جو گل“، ”سامونڊي پاڻي جو جبل“ ۽ ”نو ڪنڊن واري سواستيڪا وارو جبل“ هندو مت وارن لاء اهو جبل ”شو“ جو گهر آهي، ۽ شولنگم (Shiv lingam) جهڙو آهي، جين مت وارن لاء هي جبل اهو هنڌ آهي جتي سندن ڌرم جي باني نرواڻ (Nirwaann) حاصل ڪيو هو، ٻڌمت وارن لاء اهو ڪائنات جو دن آهي، ۽ بون مت وارن لاء اهو آسماني ديوي سيپائمين جو آستان آهي، يورپي ماڻهن جڏهن ان جبل بابت مختلف ڏندڪٿائون ٻڌيون ۽ هتي اچي ڏٺو ته هنن چيو اهو ئي ”باغ عدن“ (Baag' e Adan) آهي ۽ ”ڪوه ارارات“ آهي جديد چينين ۽ اولهه جي ماڻهن لاء هي اهڙو علائقو آهي، جنهن بابت اڃا تحقيقي ٿيڻي آهي ته دنيا جي عظيم تهذيبن جو سرجڻهار هي جبل پنهنجي اندر ۾ ڪهرا اسرار رکي ٿو. [1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب_ ”سنڌ جون سلطنتون“ ليکڪ؛ ايلائيس البينيا