برووخ اسپنوزا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

برووخ اسپنوزا
پيدائش 24 نومبر 1632(1632-11-24)
ايمسٽرڊيم, ڊچ ريپبلڪ
وفات 21 فيبروري 1677 (عمر 44 سال)
ھيگ, ڊچ ريپبلڪ
رھائش نيدرلينڊز
عهد سترھين صدي جو فلسفو
علائقو مغربي فلسفو
مڪتبه فڪر

عقليت پسندي(رئشنل ازم)
اسپنوزائيت(Spinozism)
اساسيت(فائونڊيشنلزم )[1]
ڪنسيپٽيوئلزم (تصوريت) آفاقي تصورن جو ذھني ھجڻ وارو نظريو [2]
سڌي حقيقت پسندي( ڊائريڪٽ ريئلزم) [3]
سچ جي ھم آھنگي وارو نظريو (ڪريسپانڊنس ٿيوري آف ٽرٿ)

[4]
شعبه عمل

اخلاقيات ، علميات (ايپسٽيمولاجي)

,مابعدالطبعيات , عبراني گرامر
اهم نظريا
ھمہ اوست(پين ٿيئزم) , تقدير جو نظريو (ڊٽرمنيشن) , نيوٽرل وحدانيت، نفسي عضون جي متوازيت, سوچ وچار جي آزادي، مذھبي آزادي , مذھب جي رياست کان علحدگي ، موسیٰ جي عبراني ڪتابن تي تنقيد, اقتدار جا حڪومتي نمونا .


برووخ اسپنوزا (انگريزي: Baruch Spinoza) [5] نومبر 24، 1632ع تي ايمسٽرڊيم جي علائقي جوڊنبورٽ ۾ پيدا ٿيو. هي پنهنجي دور جو هڪ وڏو فلسفي هو. ھن جو جنم نالو بينيڊٽو ڊي اسپنوزا ھيو. ھي ايمسٽرڊيم ۾ وڏو ٿيو، ۽ هن جي وفات 21 فيبروري 1677ع ۾ ٿي. ھن پنھنجي فلسفياڻي خيالن سان جاڳرتا جي لاءِ زمين ھموار ڪئي. [6]

هن جي والد جو نالو ميگئيل اسپنوزا ۽ ماءُ جو نالو اينا ڊيبورا ھيو. جڏهن اسپنوزا اڃان ڇهن سالن جو هو ته سندس والده وفات ڪري وئي. هن جو تعلق سيفراڊي يھودي گھراڻي سان هو ۽ سندس مادري زبان پورچوگيزي ھئي پر ھي عبراني، ڊچ ۽ اسپيني پڻ ڳالھائيندو ھو. هن کي عبادت خاني اندر ۽ ان جي چوطرف وقت گذارڻ وڌيڪ پسند هو. پنهنجي قوم جي تواريخ ۽ مذهب کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. اسپنوزا تيز فهم عالم هو ان لاءِ سندس قوم جا وڏا سمجھندا هئا، ته نيٺ هو پنهنجي مذهب ۽ قوم لاءِ هڪ اعليٰ نور ثابت ٿيندو. بائيبل کي پڙهڻ کان پوءِ، هو تلمود جون ڳوڙهن خيالن واريون تشريحون پڙهڻ لڳو.

سن 1656ع ۾ هو عبادت خاني جي بزرگن آڏو پيش ڪيو ويو ۽ هن تي ڪفر جو الزام مڙهيو ويو ۽ هن کي عبراني رسم ۽ رواج جي تڪليف واري رسم مطابق پنهنجي قبيلي مان خارج ڪيو ويو. ان واقعي مان هو ان نتيجي تي پهتو، ته دنيا اندر ڪي بلڪل ٿوريون جايون آهن، جتي هڪ فلسفي رڳو محفوظ رهي سگهي ٿو. ان کان پوءِ ائمسٽرڊم کان ٻاهر هڪ خاموش ڪمري ۾ رهڻ لڳو. هن پنهنجو نالو برووخ (Baruch) کان بدلائي بينيڊڪٽ (Benicidict) سڏايو.

اسپنوزا جوهر کي قدرت ۽ خدا سان هڪ ڪري ليکي ٿو. مدرسيت جي فلسفين وانگر هو قدرتن جي ٻن مختلف پهلوئن تي سوچ ويچار ڪري ٿو. اسپنوزا جي مطابق خدا جي مرضي ۽ قدرت جا قاعدا هڪ ئي حقيقت جا مختلف نالا آهن. تنهن ڪري سڀ واقعا اڻ تبديل ٿيندڙ قاعدن جو ميڪانيڪي عمل آهن ۽ نه هڪ غير ذميوار خودمختيار حاڪم تي جيڪو تارن ۾ ويٺو آهي. اسپنوزا جي خيال مطابق:ذهن مادي آهي ۽ نه وري مادو ذهن آهي. دماغي ڪارروائي نه خيال جو سبب آهي ۽ نه وري اهو نتيجو آهي. ٻئي ڪاروايون خودمختيار ۽ متوازن به ڪونه آهن. اهي ڪاروايون ٻه به ڪونه آهن، نه وري اهي ٻه مختلف هستيون آهن. فقط هڪ ئي ڪاروائي آهي، جنهن کي اندروني طور ڏسڻ سان خيال سڏجي ٿو ۽ ٻاهرين طور ڏسڻ سان حرڪت سڏجي ٿو.

ننڍپڻ ۽ تعليم

اسپين جي زوال شروع ٿيڻ سان هالينڊ ترقي ڪئي. سن 1598ع ۾ يهودين ائمسٽرڊم (Amsterdam) ۾ پنهنجو پهريون سنگاگ تعمير ڪيو. سن 1640ع ۾ اسپنوزا، موجوده زماني جو سڀ کان اعليٰ يهودي ۽ موجوده فلسفين مان سڀ کان اعليٰ فلسفي، اٺن سالن جو ٻار ۽ عبادت خاني جو هر دلعزيز شاگرد هو.[7].

1625 جو ايمسٽرڊيم ۾ موسیٰ ۽ ھارون چرچ(Moses and Aaron Church) جي چوگردائي وارو نقشو جنھن ۾ اڇي نشان سان چرچ ظاھر ٿيل آهي جنھن جاء تي اسپنوزا رھندڙ ھيو ۽ سندس ننڍپڻ اتي گذريو.[8]
ايمسٽرڊم جو موسیٰ ھارون چرچ. ان چرچ واري جاء تي اسپنوزا جو گھر ھوندو ھيو بعد م اتي اھو چرچ ٺھيو [9]

ھي پنھنجي والد ميگئيل اسپنوزا جو ٻيون نمبر پٽ ھيو. سندس والدين سيفراڊي يھودي يا اندلسي يھودي ھيا ۽ پورچوگيزي ڳالهيندا ھئا. سندس والد ھلڪو واپاري ھيو. اسپنوزا جي ماءُ جو نالو اينا ڊيبورا ھيو جيڪا ميگئيل جي ٻي زال ھئي. اسپنوزا اڃان ڇھ سالن جو ھيو تہ سندس والده وفات ڪري وئي. هنن جي مادري ٻولي پورچوگيزي ھئي پر ھي عبراني، ڊچ ۽ اسپيني بہ ڳالھائيندو ھو. 1655ع ۾ سندس پيءُ وفات ڪري ويو ان وقت هن جن جي عمر 21 سال ھئي. سندس ڀيڻ ريبيڪا ملڪيت جي وراثت واري معاملي تي هن جي خلاف ڪورٽ ۾ دعویٰ داخل ڪئي، پر پوءِ ان تان دستبردار ٿي وئي. ھن پنھنجو لاطيني ٻوليءَ جو نالو بينيڊڪٽس ڊي اسپنوزا رکيو.[10]. پيءَ جي وفات بعد ھن پنھنجي ننڍي ڀاءُ ابراھام گئبرل سان گڏجي پيءَ جو امپورٽ جو ڌنڌو سنڀاليو، پر ڌنڌي ۾ نقصان ۾ ويا. شايد ان جو سبب ان وقت ھلندڙ پھرين اينگلو ڊچ جنگ ھئي. نوبت ايتري اچي وئي جو ھن ايمسٽرڊيم جي ميونسپل اٿارٽيءَ ۾ رجوع ڪيو تہ کيس يتيم قرار ڏنو وڃي تہ جيئن پيءَ جي قرضن جي ادائگي کان بچي سگھي ۽ ماءُ جي وراثت حاصل ڪري سگھي.[11]

ھيگ ۾ اسپنوزا جو مجسمو

هي هڪ پڪو يهودي هو، جنهن جو پنهنجي قوم لاءِ احساس مٽجڻ جو نه هو. سندس والد ڪامياب واپاري هو، پر هن نوجوان جو ڌنڌي طرف لاڙو ڪونه هو. عبادت خاني اندر ۽ ان جي چوطرف وقت گذارڻ کيس وڌيڪ پسند هو. پنهنجي قوم جي تواريخ ۽ مذهب کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. هو هڪ تيز فهم عالم ۽ سندس قوم جا وڏا ائين سمجھندا هئا، ته نيٺ هو پنهنجي مذهب ۽ قوم لاءِ هڪ اعليٰ نور ثابت ٿيندو. بائيبل کي پڙهڻ کان پوءِ، هو تلمود جون ڳوڙهن خيالن واريون تشريحون پڙهڻ لڳو انهن تشريحن ۾ مائيمونائيڊس (Maimonides)، ليوي بين جرسن (Levi ben Gersen)، ابن عذرا (Ibn Ezra) ۽ هڊائي ڪرسڪس (Hasdai Gresees). ان کان پوءِ قديمي صوفي مصنفن ابن جبرائيل ۽ ڪارڊووا واري موسيٰ جا لکيل ڪتاب علمي ذوق سان پڙهڻ لڳو.[7] هن لئٽن زبان سکڻ شروع ڪئي، سندس تجربي ۽ علم جو دائرو وڌيڪ وسيع ٿيو. سندس نئون استاد وان ڊين اينڊ (Van den Ende) خود مذهبي عقيدن جو پڪو ڪونه هو، پر فرقن ۽ حڪومتن جو نقاد هو. هو هڪ خطرو کڻندڙ شخص هو، جيڪو پنهنجي ڪتب خاني کان قدم ٻاهر ڪڍي، فرانس جي بادشاهه خلاف هڪ منصوبي ۾ شامل ٿيو ۽ سن 1674ع ۾ ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويو. ان کي هڪ سهڻي ڌيءَ هوندي هئي، جنهن اسپنوزا جي دل ۾ ڪافي جڳهه پيدا ڪئي، پر اها خوبصورت نوجوان ڇوڪري اهڙي ذهين نه هئي، جو هوءَ اسپنوزا کي بهتر نصيب تي ترجيح ڏئي، جڏهن هڪ ٻيو عاشق ميدان ۾ آيو ۽ وڌيڪ قيمتي سوکڙيون نذر ڪيائين، تڏهن سندس دل ۾ اسپنوزا لاءِ ڪابه دلچسپي باقي نه رهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي، ته ان گھڙي کان ھي فلسفي بڻجي ويو[7]. بهرحال هو لئٽن زبان تي حاوي ٿي سقراط، افلاطون ۽ ارسطو کي پڙهيو، پر انهن کان وڌيڪ کيس ائٽمي نظريي جا عالم پسند هئا، جن جا نالا آهن ڊيموڪرائٽس، اپيڪيورس ۽ ليوڪريٽس. يونان جي ذاهدن پڻ سندس دماغ تي گهرو اثر ڪيو. ڪتبن جي فلسفين جو پڻ اڀياس ڪيائين، انهن وٽان نه صرف اصطلاحن جو ذخيرو حاصل ڪيائين، پر ساڳي وقت جاميٽريءَ جو طريقو پڻ سکيو. هن برونو (Bruno) (1548 – 1600ع) جو اڀياس پڻ ڪيو، جيڪو هڪ وڏو انقلابي هو.[7]

شڪل شبهيه

ول ڊيورنٽ مطابق، سپنوزا جون تصويرون جيڪي اسان کي دستياب ٿيون آهن، سي اسان کي سندس شڪل شبيهه کان واقف ڪن ٿيون، انهن کان علاوهڪوليرس سندس لاءِ چيو آهي،[7] هو وچين قد جو هو. سندس چهري جا نقش سٺا هئا، پر رنگ ڪارو هئس. سندس وار اوندها ۽ گهنڊيدار ۽ ڀرون ڊگها ۽ ڪارا هئا. سندس شڪل مان سڀ ڪو سولائيءَ سان سمجھي سگهي ٿي، ته هو پورچوگيز يهودين جي نسل مان هو. ڪپڙن بابت هو بي پرواهه هو ۽ گهٽ رتبي واري شهر واسيءَ کان به سندس ڪپڙا بهتر نه هئا.

مذھبي برادري مان نيڪالي

اسپنوزا جو مجسمو جيڪو ھيگ ۾ سندس گھر ڀرسان نصب ٿيل آهي

هو ظاهري طرح بلڪل خاموش نوجوان هو. پر سندس اندر ڪڙهي رهيو هو. سن 1656ع ۾ هو عبادت خاني جي بزرگن آڏو پيش ڪيو ويو ۽ هن تي ڪفر جو الزام مڙهيو ويو. کانئس پڇيو ويو، ته ڇا اها حقيقت هئي، ته هن پنهنجن دوستن کي چيو هو، ته شايد خدا کي جسم به هجي يا شايد مادي دنيا خدا جو جسم هجي؟ ڇا هن چيو هو، ته فرشتا شايد نظر جو فريب هجن؟ ڇا سندس خيال موجب روح به محض زندگي آهي؟ ڇا هن ظاهر ڪيو هو، ته توريت ۾ لافاني زندگيءَ بابت ڪجھه به چيل ڪونهي؟[7] ول ڊيورنٽ لکي ٿو تہ:اسان کي خبر به ڪانه آهي، ته هن ڪهڙو جواب ڏنو. اسان کي فقط اها خبر آهي، ته کيس هر سال 500 سڪن جي آڇ ڪئي وئي، ان شرط تي گهٽ ۾ گهٽ ظاهري طرح هو عبادت خاني ۾ مذهب سان وفادار هوندو. هن انڪار ڪيو، جنهن ڪري 27 جولاءِ 1656ع ۾ هن کي عبراني رسم ۽ رواج جي تڪليف واري ريت مطابق پنهنجي قبيلي مان خارج ڪيو ويو. ”جنهن وقت مٿانئس لعنت پڙهي پئي ويئي، ان وقت هڪ وڏي سڱ جو طويل ۽ دردناڪ آواز پئي ٻڌڻ ۾ آيو. شروع ۾ سڀ بتيون پئي چمڪيون، پر پوءِ آهستي آهستي هڪ هڪ بتي وسائي پئي وئي. آخر ۾ تاريڪي ڇائنجي وئي. اهو اشارو ان طرف هو ته خارج ٿيل ماڻهوءَ جي روحاني زندگي ختم ٿي چڪي هئي.“

جن لفظن ۾ کيس خارج ڪيو ويو ۽ مٿانئس ڦٽ لعنت جي برسات وسائي وئي، سي وئن لوٽن اسان جي آڏو پيش ڪيا آهن: ”مذهبي ڪائونسل جا اڳواڻ اعلان ٿا ڪن، ته انهن کي اسپنوزا جي بدخيالن ۽ عملن بابت يقين ٿي چڪو آهي، ڪيترن طريقن ۽ ڪوششن سان هنن کيس بديءَ جي رستن کان موڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر جيئن ته کيس سنئين راهه تي آڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪونه ٿي آهي، جيئن ته هو هر روز پنهنجي ڪفر جي ڪلمن جو چٽي نموني اعلان ڪندو رهي ٿو ۽ بي ادبيءَ سان انهن جي تبليغ ڪندو رهي ٿو، جيئن ته ڪيترن معتبرن سندن خلاف حق جي شاهدي ڏني آهي، تنهن ڪري کيس ڏوهي ٺهرايو وڃي ٿو. سڄي معاملي جو غور سان اندازو لڳائي، ڪائونسل جا اڳواڻ، ٻين سڀني ميمبرن جي يڪراءِ منظوريءَ سان فيصلو ٿا ڪن، ته هن کي ڏوهاري ٺهرايو وڃي، هن کي بني اسرائيلين کان جدا ڪيو وڃي ۽ هن گهڙيءَ کان وٺي هن کي بددعا ڏني وڃي[7].سڀني کي نصيحت ڪئي ٿي وڃي، ته هو هن سان گفتگو نه ڪن، ساڻس لکپڙهه نه ڪن، سندس ڪنهن به قسم جي خدمت نه ڪن، ساڳيءَ ڇت هيٺان تحرير نه پڙهن، جيڪا هن لکي هجي يا ٻين کان لکائي هجي.“[7]هن بردباريءَ سان پنهنجي نيات نيڪاليءَ برادريءَ مان ڪڍڻ کي قبول ڪيو.

”اها مون کي ڪنهن به ان ڳالهه ڪرڻ لاءِ مجبور نه ٿي ڪري، جيڪا مون کي هر صورت ۾ ڪرڻ نه گهربي هئي.[7]

— اسپنوزا
اسپنوزا يھودين جي نشاني تي

هڪ نوجوان شاگرد کي هاڻي ڪڙي ۽ بيرحيم اڪيلائيءَ جو مقابلو ڪرڻو پيو. اڪيلائيءَ جي سڀني نمونن کان اها اڪيلائي وڌيڪ مشڪل آهي. جنهن ۾ هڪ يهوديءَ کي پنهنجي قوم کان علحده زندگي گذارڻي پوي ٿي. پنهنجي قديمي ايمان وڃائڻ ڪري هو اڳ ۾ ئي گهڻو ڀوڳي چڪو هو. اهڙيءَ ريت اهو سڀ ڪجھ ڪنهن جي ذهني مقصد جون پاڙون پٽجڻ هڪ وڏي آپريشن جهڙو آهي، جيڪا ڪيترا زخم پيدا ڪري ٿي. جيڪڏهن اسپنوزا ٻئي ڪنهن مذهب ۾ داخل ٿئي ها، ۽ رڍن وانگر ٻئي ڪنهن متعصب ۽ تنگ فرقي جي چوديوارين اندر پاڻ کي قيد ڪري ها، ته جيڪر هڪ مريد وانگر دلي تسڪين حاصل ڪري ها، جيڪا هو وڃائي چڪو هو. پر هو ٻئي ڪنهن فرقي اندر داخل ٿيڻ لاءِ تيار نه هو ۽ هن پنهنجي سڄي زندگي خاموشيءِ ۾ گذاري. سندس والد کي وڏيون اميدون هيون، ته هو هڪ عبراني عالم جي حيثيت ۾ وڏي شهرت جو مالڪ بڻبو، پر هاڻي ان به کيس پنهنجن نظرن کان دور ڪيو. سندس ڀيڻ ٺڳي ڪري، کانئس ٿورڙي جائداد کسڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس شروعاتي دوست پڻ کانئس منهن موڙڻ لڳا. ان ۾ ڪوبه عجب ڪونهي ته هن ۾ رحم دلي بنهه ڪانه آهي. ان ۾ڪوبه عجب ڪونهي، ته جڏهن هو قاعدي جي محافظن بابت خيال ڪري ٿو، تڏهن نهايت تلخ بيانيءَ کان ڪم وٺي ٿو[7].

”دنيا ۾ ڪي اهڙا چند شخص آهن، جيڪي معجزن جي سببن ڳولڻ جا خواهشمند آهن، جيڪي ڪائنات جي شين کي فلسفين وانگر سمجھڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، جيڪي انهن شين کي بيوقوفن وانگر انهن کي عجب وچان نه ٿا ڏسن. اهڙن انسانن کي ڪافر ۽ پليت سمجھيو وڃي ٿو. هجوم جا مرشد اهڙن انسانن جي ملحد هئڻ جو اعلان ڪن ٿا. اهڙن مرشدن کي خبر آهي، ته جيڪڏهن هڪ دفعو لاعلمي ختم ٿئي، ته پوءِ هميشه لاءِ هجوم جي حيراني ختم ٿي ويندي ۽ هو پنهنجي اقتدار برقرار رکڻ جو واحد ذريعو وڃائي ويهندا.“

— اسپنوزا

پنهنجي قوم مان خارج ٿيڻ بعد جلد ئي هن کي هڪ ڪڙو تجربو حاصل ٿيو. هڪ رات جيئن اسپنوزا گهٽين ۾ چهل قدمي ڪري هيو هو، تيئن هڪ يهودي بدمعاش، پنهنجي مذهبي جنون کي ثابت ڪرڻ لاءِ، مٿس خنجر سان وار ڪيو. اسپنوزا ڦڙتيءَ سان هڪ طرف ڦري پاڻ بچايو، پر ڳچيءَ وٽ هڪ هلڪو زخم ٿي پيس.

ايمسٽرڊيم ۾ اسپنوزا جو يادگار

ان واقعي مان هو ان نتيجي تي پهتو، ته دنيا اندر ڪي بلڪل ٿوريون جايون آهن، جتي هڪ فلسفي رڳو محفوظ رهي سگهي ٿو. ان کان پوءِ ائمسٽرڊم کان ٻاهر هڪ خاموش ڪمري ۾ رهڻ لڳو. هن پنهنجو نالو برووخ (Baruch) کان بدلائي بينيڊڪٽ (Benicidict) سڏايو. سندن نوان ميزبان ميونائيٽ (Mennonite) فرقي جا عيسائي هئا، جيڪي هڪ ٻئي مذهب واري انسان کي ڪنهن قدر سمجھي سگهيا ٿي. کين سندس ڏکارو ۽ مهربان چهرو پسند آيو، کين خوشي ٿيندي هئي، جڏهن اسپنوزا ڪڏهن ڪڏهن شام جو هيٺ لهي ايندو هو، ساڻن گڏ تماڪ ڇڪيندو هو. ۽ پنهنجي ڳالهه ٻولهه کي سندن سمجھه جي سطح جي برابر هيٺ آڻي ڪندو هو[7].

پيشو

ھن جي زندگي غربت ۾ گذري. ھي نظر جي، دوربيني ۽ خوردبيني جي شيشن جي گھڙائي جو ڪم ڪندو هو. ھن کي انعام اڪرامن ۽ وڏين پڙھائڻ وارين نوڪرين جون آڇون ٿيون پر ھن انڪار ڪري ڇڏيو ۽ پنھنجي ان سادگيءَ واري زندگيءَ تي مطمئن رھيو. ھن جي موت 44 سالن جي ننڍي عمر ۾ 1667ع تي ٿيڻ جو ھڪ سبب اھو بہ ھيو تہ سندس ڦڦڙ شيشي جي ان ڪم کان متاثر ٿيا ھئا.[12] پهريائين هڪ ڀر واري اسڪول ۾ ٻار پڙهائي پنهنجو پيٽ گذر ڪندو هو، تنهن کان پوءِ هن شيشن ۽ ليتزن صاف ڪرڻ جو ڪم ڪيو.[7]. 1670 ۾ ھي ھيگ منتقل ٿي ويو. جتي ھن جين ڊي وٽ جي ننڍڙي پينشن ۽ پنھنجي مرحوم دوست سائن ڊي ورائيز جي ڀاء طرفان ملندڙ سالياني رقم تي گذارو ڪندو ھو [13] ھن ڪتاب اخلاقيات لکي پوء سياست تي ڪتاب لکڻ شروع ڪيائين جيڪو اڌورو رھجي ويو. ھن بائيبل جو ڊچ ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو پر اھو ساڙي ڇڏيو ھئائين. [13]. کيس ھيئڊل برگ يونيورسٽيءَ ۾ فلاسافي جي سيٽ جي آڇ ڪئي وئي جنھن لاء ھن معذرت ڪري ڇڏي شايد ان کي فڪر جي آزاديءَ ۾ رڪاوٽ سمجھي ھئائين. [14]1676 ۾ ليبنيز سان ھيگ ۾ ااخلاقيات جي ڪتاب تي ويچار لاءِ ملاقات ڪيائين، جيڪو ڪم ھن ان ئي سال ۾ پورو ڪيو.

اسپنوزا ھڪ فلسفي

اسپنوزا جو گھر رجنسبرگ وارو جتي 1661 کان 1663 تائين رھيو. ھاڻي اتي ميوزيم آهي

اسپنوزا جي موت کان پوءِ ئي سندس ڪتاب اخلاقيات شايع ٿيو. ان سان گڏ سياسيات ۽ انڊلٺ تي مضمون پڻ شايع ٿيا. اهي سڀ ڪتاب اٽليءَ جي زبان ۾ لکيل هئا. جيڪا 17 صدي جي يورپي فلسفي ۽ ماڻهن جي زبان هئي. سندس ’خدا ۽ انسان‘ تي ڊچ زبان ۾ هڪ ننڍو مقالو وان ولوٽن (Van Vloten) کي سن 1852ع ۾ هٿ آيو. ظاهر طور اهو ’اخلاقيات‘ جو تيار ڪيل خاڪو هو. جيڪي ڪتاب سندس زندگيءَ ۾ شايع ٿيا، سي هئا: ”ڊيڪارٽ جي فلسفي جا اصول“ ۽ ”مذهب ۽ رياست تي مقالو“ پويون ڪتاب گمنام طور سن 1670ع ۾ ظاهر ٿيو. ان تي حڪومت پابندي وڌي ۽ ان جي وڪري تي بندش وڌي وئي. پر نوان سرورق تيار ڪيا ويا. جن ۾ ڏيکاريو ويو، ته اهو ڪتاب دوائن يا تاريخي افساني جي باري ۾ آهي[7]. ان ڪتاب جي ترديد ۾ بي انداز ڪتاب تيار ڪيا ويا. هڪ مصنف هن کي سڀ کان وڌيڪ پليت ملحد ڪري ڇڏيو. ان کان سواءِ کيس ڪيترا خط مليا، جن ۾ کيس سڌرڻ جي صلاح ڏني وئي. انهن خطن مان سندس هڪ پراڻي شاگرد جو لکيل خط، جيڪو پوءِ ڪيٿولڪ ڌرم جو پوئلڳ ٿيو، ان لکيو ته:

”تون سمجهين ٿو، ته تو سچو فلسفو ڳولهي هٿ ڪيو آهي. توکي ڪيئن خبر پئي، ته تنهنجو فلسفو، گذريل زماني ۾ سيکاريل، هن زماني ۾ سکيل ۽ آئنده زماني جي فلسفي کان بهتر آهي؟ تو کي ڪهڙي خبر ته مستقبل ۾ ڪهڙو فسلفو تخليق ڪيو ويندو؟ ڇا تو آگاٽي هندوستاني ۽ سڄي دنيا جي فلسفي کي جاچي ڏٺو آهي؟ فرض ڪجي، ته تو برابر ايترو مطالعو ڪيو آهي، پر تهن هوندي به توکي ڪهڙي خبر ته تنهنجي چونڊ بهترين آهي؟ ڇا توکي ايتري همٿ ٿي آهي جو تون پاڻ کي سڀني بزرگن، پيغمبرن، شهيدن، حڪيمن ۽ ڪليسا جي رهنمائن کان وڏو ٿو سمجھين؟ تون هڪ نڀاڳو انسان آهين، تون زمين جو ڪيڙو آهي. تون ڪيڙن ماڪوڙن جي خوراڪ آهين. ڇا تون پنهنجي ذڪر نه ڪرڻ جهڙن ڪفر جي ڪلمن سان ابدي ڏاهپ جو مقابلو ڪري سگهين ٿو؟ تو کي ان بدتميز، احمقاڻي، افسوسناڪ، لعنتي نظرئي لاءِ ڪهڙيون ثابتيون آهن؟ توکي ڪهڙو شيطان هُشي ڏئي ٿو، جو تون معجزن بابت فتويٰ ٿو ڏين، جن بابت ڪيٿولڪ فرقي وارن ظاهر ڪيو آهي، ته اهي انساني سمجھه کان بالاتر آهن.“

— ھڪ شاگرد

اسنپوزا کيس جواب ڏيندي لکيو ته:[7]:

”تون ائين سمجھين ٿو، ته آخرڪار تو بهترين مذهب ڳولهي هٿ ڪيو آهي، يا شايد تنهنجا استاد سڀ کان اعليٰ آهن، جن ۾ تنهنجو اعتقاد پڪو ٿي ويو آهي. تو کي ڪهڙي خبر ته اهي سڀني مذهبي تعليم ڏيندڙن استادن کان بهترين آهن، جن ماضي ۽ حال ۾ سکيا ڏني آهي، يا جيڪي مستقبل زماني ۾ تعليم ڏيندا؟ ڇا تو سڀ قديمي ۽ موجوده مذهب جاچي ڏٺا آهن، جيڪي هندوستان ۽ سڄي دنيا ۾ سيکاريا ويا آهن؟ فرض ڪجي، ته تو برابر ائين ڪيو آهي، پر ان لاءِ ڪهڙي ثابتي آهي ته تنهنجي چونڊ بهترين آهي.“

ان مان صاف ظاهر آهي، ته نرم دل فلسفي، موقعي جي تقاضا آهر، مضبوطيءَ سان جواب ڏئي سگهيو ٿي. پر سڀ خط اهڙي تيز ۽ تکي طرز جا نه هئا. ڪيترا اعليٰ تهذيب ۽ رتبي وارن وٽان هئا. انهن لکپڙهه ڪندڙن مان سڀ کان مشهور هينري اولڊن برگ (Henry Olden Buurg) هو، جيڪو نئين جوڙيل انگلينڊ جي رائل سوسائٽي جو سيڪريٽري هو. ان کان سواءِ هالينڊ جي سائنسدان هائجينس ليبنز جنهن سن 1676ع ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، هيگ جي هڪ ڊاڪٽر لوئس ميئر (Lous Meyer) سان پڻ سندس لکپڙهه هئي، جيڪا هن ائمسٽرڊم مان ڪئي هئي.

انهن مان پوئين کي سندس خيال اهڙا ته پسند آيا، جو هن کيس هڪ هزار ڊالر قبول ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي، جيڪا اسپنوزا ٺُڪرائي ڇڏي. ڪجھ وقت پوءِ، جڏهن ان واپاريءَ پنهنجي سڄي ملڪيت اسپنوزا کي ورثي ۾ ڏيڻ جو ارادو ظاهر ڪيو، تڏهن اسپنوزا کيس مڃايو، ته هو پنهنجي ملڪيت پنهنجي ڀاءُ کي ورثي ۾ ڏئي وڃي، جيڪو ئي سندس صحيح وارث هو. جڏهن آخرڪار اهو واپاري مري ويو، تڏهن سندس وصيت نامي ۾ لکيل هو، ته سندس ملڪيت مان هر سال کيس 250 ڊالر ڏنا وڃن، وري به اسپنوزا ائين چوندي انڪار ڪيو، ته قدرت ٿوري تي راضي آهي، تنهن ڪري مان به ٿوري تي راضي آهيان. پر نيٺ کيس هر سال 150 ڊالر قبول ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو ويو، ٻئي هڪ دوست جيئن ڊي وٽ (De Witt)، جيڪو ڊچ ريپبلڪ جو اعليٰ منصب هو، کيس حڪومت طرفان 50 ڊالر هر سال ڏياريا[7]. آخرڪار شهنشاهه لوئي چوڏهين (Louis XIV) به کيس چڱي پينشن عطا ڪئي، جنهن لاءِ هن صرف هيءُ شرط وڌو ته هو پنهنجو نئون ڪتاب شهنشاهه جي نالي سان منسوب ڪندو. اسپنوزا ادب سان انڪار ڪيو. پنهنجن دوستن ۽ لکپڙهه ڪندڙن کي خوش ڪرڻ لاءِ، هو 1665ع ۾ هيگ جي پسگردائيءَ واري هڪ ڳوٺ ووئر برگ (Voorlourg) ۾ وڃي رهيو ۽ سن 1667ع ۾ خود هيگ شهر اندر رهڻ لڳو. انهن ڏينهن ۾ جئن ڊي وٽ (jan De witt) سان پڪي پريت ٿي ويس. جڏهن جئن ڊي وٽ ۽ سندس ڀاءُ کي گهٽين ۾ هجوم ان لاءِ قتل ڪيو، ته هو ڊچ لشڪر جي فرينچ فوج کان سن 1672ع ۾ شڪست لاءِ جوابدار هئا. تڏهن اسپنوزا اهڙي ڪميڻي ڪم کان باخبر ٿيندي اچي رئڻ ۾ شروع ٿي ويو[7].پنهنجي قوم ۽ مذهب مان خارج ٿيڻ جي باوجود هن پنهنجي زندگيءَ جو رستو ٺاهي، پنهنجي همعصرن ۾ عزت حاصل ڪئي. اها ڳالهه ان مان صاف ظاهر آهي، ته سن 1673ع ۾ هيڊلبرگ جي يونيورسٽيءَ هن کي فلسفي جي ڪرسيءِ جي آڇ ڪئي، جنهن ۾ سندس بي انتها احترام ۽ عزت ڪئي ويئي، ساڻس فلسفي جي ڪمن ۾ مڪمل آزادي جو وعدو ڪيو ويو. ان شرط تي هو ان آزاديءَ جو غلط فائدو وٺي قائم ٿيل مذهب جي ترديد نه ڪندو. اسپنوزا خصوصيت سان جواب ڏنو[7]:

”محترم سائين! جيڪڏهن اها منهنجي آرزو هجي ها، ته ڪنهن شعبي جي پروفيسريءَ جا فرائض سرانجام ڏيان، ته جيڪر توهان جي آڇ قبول ڪري ضرور پنهنجون خواهشون پوريون ڪريان ها. منهنجي نظر ۾ ان آڇ جي قيمت بلڪل وڌي وئي آهي، جيڪو فلسفي بابت مڪمل آزادي پڻ ڏني وئي آهي. پر مون کي خبر نه آهي، ته ڪيتري قدر ۽ ڪهڙين حدن اندر مون کي پنهنجي فلسفياڻن خيالن کي ان لاءِ روڪڻو پوندو، ته اهي مقرر ٿيل مذهب جي ڪمن ۾ دست اندازي نه ڪن. توهان ڏسو ٿا، ته مون کي ڪنهن به اعليٰ عهدي جي گهرج نه آهي. مان پنهنجي موجوده حال تي مطمئن آهيان. مون کي اڪيلائي وڌيڪ پسند آهي، جيڪا مون کي ٻي ڪنهن به صورت ۾ ملي نه ٿي سگهي. جنهن ڪري مان عوام جي استاد ٿيڻ کان پاڻ کي لاچار ٿو سمجھان.“

— اسپنوزا

مذھب بابت ويچار

اسپنوزا جو مطالعي وارو ڪمرو

اسپنوزا مطابق جيڪڏهن فلسفي جي اصول تحت اسان بائيبل جي شرح لکنداسون، ته پوءِ سمجھي وينداسين، ته منجھس ڪابه اهڙي ڳالهه ڪانه آهي، جيڪا عقل جي خلاف هجي. پر جيڪڏهن لفظي سمجھاڻي ڏينداسين، ته پوءِ غلطين سان ڀرپور نظر ايندي ۽ منجھس متضاد ۽ ناممڪن ڳالهيون نظر اينديون. فلسفاڻي شرح اسان جي آڏو وڏن وڏن مفڪرن ۽ رهبرن جا خيال پيش ڪندي. پوءِ اسان کي بائيبل جي دائمي اثر جو راز پڻ معلوم ٿي ويندو. ٻنهي قسمن جون سمجھاڻيون پنهنجي پنهنجي جڳهه ۽ مقصد آهر درست آهن. عام ماڻهو گهُر ڪندا، ته مذهب کي تصوري رنگ ۽ روپ ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ غير رواجي معجزا ان جي دائري اندر داخل ڪيا وڃن، جيئن مذهب هڪ اعليٰ ۽ مقدس شيءِ نظر اچي. جيڪڏهن اهڙي قسم جو هڪ مذهب ڊاٺو وڃي، ته هو وري ساڳي قسم جو ٻيو مذهب ٺاهن ٿا. پر هڪ فلسفي ڄاڻي ٿو، ته خدا ۽ قدرت هڪ ئي هستي آهي، جيڪي ساڳئي قاعدي ۽ ضرورت مطابق عمل ڪن ٿا، هو فقط اهڙِي عظيم الشان قاعدي جي عزت ۽ فرمانبرداري ڪندو. هو ڄاڻي ٿو، ته مقدس ڪتابن ۾ خدا کي قاعدي ساز يا حڪمران سڏيو ويو آهي ۽ عام ماڻهن جي سمجهھ ۽ غير مڪمل علم آهر خدا کي اهڙن ٻين نالن سان پڪاريو ويو آهي. مثال طور رحيم، ڪريم وغيره، درحقيقت خدا پنهنجي فطرت جي ضرورت اثر هيٺ عمل ڪري ٿو ۽ سندس حڪم، دائمي حقيقتن جو روپ وٺي ٿو.[7]اسپنوزا قديم عهدنامي (تورات) ۽ جديد عهدنامي (انجيل) کي جدا ڪري نه ٿو ليکي، يهودي ۽ عيسائي مذهب کي هڪ ڪري ٿو سمجھي. جڏهن عوامي نفرت ۽ غلط فهميءَ کي دور ٿو ڪجي، تڏهن فلسفياڻي شرح ٻنهي مخالفن جي اندروني معنيٰ ڳولهي لهي ٿي[7].

”مون کي تعجب ٿئي ٿو ته اهي ماڻهو جيڪي عيسائيت اختيار ڪرڻ جي لٻاڙ ٿا هڻن، سي گڏيل محبت، خوشي، صلح، پرهيزگاري، همدردي ۽ سخاوت جي زندگيءَ گذارڻ بدران پاڻ وڌيڪ بغض، ڪيني ۽ عداوت سان وڙهن ٿا، هڪ ٻئي کان وڌيڪ نفرت ڏيکارن ٿا ۽ پنهنجي اميدن جي ڪسوٽي نيڪيءَ کي نه پر بديءَ کي مقرر ڪن ٿا.“

— اسپنوزا
اسپنوزا جو ليبنيز کي لکيل خط

يهودين جي قوم اڄ ان ڪري زنده آهي، جو عيسائي ان کي نفرت جي نگاهه سان ڏسندا هئا. ظلم ڪري منجھن ٻڌي ۽ هيڪڙائي پيدا ٿي، جيڪا مستقل قومي وجود لاءِ ضروري آهي. جيڪڏهن ظلم ۽ زبردستي نه ٿئي ها، ته يورپ جي رهواسين سان شاديون ڪري ملي هڪ ٿي وڃن ها ۽ اڪثريت ۾ جذب ٿي وڃن ها[7].. اسپنوزا حضرت عيسيٰ کي خدا ڪري نٿو مڃي، پر انسانن مان کيس سڀني کان اعليٰ رتبي وارو ڪري تسليم ڪري ٿو[7]،

”خدا تعاليٰ جي ابدي حڪمت سڀني شين مان ظاهر آهي، پر خاص طرح انساني ذهن مان، پر سڀني کان وڌيڪ حضرت عيسيٰ جي هستيءَ مان.“.... ”حضرت عيسيٰ نه فقط يهودين کي سيکارڻ لاءِ موڪليو ويو هو، پر سڄي انسان ذات جي سڌاري لاءِ تنهن ڪري ماڻهن جي سمجهھ مطابق هن پاڻ کي محدود رکيو. مثالن ۽ قصن ذريعي انهن کي سکيا ڏنائين.[7]

— اسپنوزا

اخلاقيات

ڪتاب اخلاقيات جو پھريون صفحو
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو اخلاقيات (اسپنوزا)

صرف علم ئي قوت ۽ آزادي آهي. دائمي خوشي صرف علمي حاصلات ۾ آهي. سچي راحت صرف شين جي صحيح سمجھڻ ۾ آهي. پر هڪ فلسفي کي به هڪ انسان ۽ شهر واسي ٿي رهڻ گهرجي. سچ جي جستجوءَ وقت سندس زندگيءَ جو طريقو ڪهڙو هئڻ گهرجي؟ اسپنوزا روش جو هڪ سادو قاعدو مقرر ڪري ٿو، جنهن سان سندس اخلاق بلڪل متفق رهيو.

  1. اهڙيءَ ريت ڳالهائجي جو ٻڌندڙن جي سمجهھ مطابق هجي ۽ ماڻهن جي خدمت لاءِ اهڙيون سڀ شيون ڪجن جيڪي اسان جي مقصدن جي حاصلات ۾ رڪاوٽون نه هجن.
  2. فقط اهي شيون ماڻجن، جيڪي صحت جي حفاظت لاءِ ضروري هجن.
  3. فقط ايترو پيسو ڳولهجي جيڪو اسان جي زندگيءَ ۽ صحت جي پرورش لاءِ ڪافي هجي.
  4. انهن ريتن رسمن کي تسليم ڪجي، جيڪي اسان جي منزل مقصود پهچڻ ۾ مخالفت ڪن.
اسپنوزا جو پورٽريٽ

’اخلاقيات ۾ هو پهرين ٻن قسمن جي علم کي ڳنڍي هڪ ٿو ڪري ۽ وجداني علم کي شين جي دائمي صفتن ۽ لاڳاپن جي سمجھ/پروڙ / ادراڪ سڏي ٿو. اها آهي هڪ اصطلاح ۾ فلسفي جي تعريف. وجدان ذريعي انسان شين ۽ واقعن جي پٺيان، انهن جي قاعدا قانون ۽ دائمي نسبتون ڳولڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ان ريت اسپنوزا عارضي نظام ۾ شين ۽ واقعن جي دنيا اچي وڃي ٿي ۽ دائمي نظام ۾ قاعده ۽ بناوت جي دنيا[7] اسپنوزا مطابق :خوشي انساني روش جو اهم ترين مقصد آهي ۽ خوشيءَ جي انتها سادگيءَ سان هيءَ وصف بيان ڪري ٿو، ته اها آهي راحت جي موجودگي ۽ درد جي غير موجودگي. پر راحت ۽ درد نسبتي وصفون آهن ۽ نه قطعي. اهي مستحڪ حالتون نه آهن، پر عارضي تبديل ٿيندڙ حالتون آهن. راحت جو مطلب آهي، انسان جي گهٽ درجي جي ڪماليت مان وڏي درجي جي ڪماليت طرف تبديلي. خوشي هن ۾ آهي، ته انسان جي قوت وڌي. درد اعليٰ درجي جي ڪماليت مان گهٽ درجي ڪماليت طرف روانگيءَ جو نالو آهي. جيڪڏهن ڪو انسان ڄمندي ئي ڄام هجي، ته پوءِ هوند کيس خوشيءَ جو احساس ئي ڪونه ٿئي. جيڪڏهن ڪنهن انسان اندر خوشيءَ جو جذبو ئي ڪونه آهي، ته پوءِ ائين سمجھو، ته هو مڪمل ٿي چڪو آهي. سڀ جذبا گذرگاهه آهن. سڀ احساس حرڪتون آهن، جيڪي يا ته ڪماليت طرف وٺي هلن ٿا يا ته وري زواليت طرف گهلي وڃي ٿا[7].

”جذبن مان منهنجو مطلب آهي، سڀ جسماني تبديليون، جن جي ذريعي جسم ۾ عمل جي قوت وڌائي يا گهٽائي وڃي ٿي، ان جي مدد ڪئي وڃي ٿي يا ان کي روڪيو وڃي ٿو. ساڳي وقت اهڙين تبديلين جي خيالن کي پڻ جذبا سڏي سگهجي ٿو.“

— اسپنوزا

اسپنوزا پنهنجي اخلاقيات جو بنياد، تصور جي مصلحتن وانگر، انسان جي فطري نيڪيءَ تي نٿو ٻڌي ۽ نه وري خشڪ مزاج تنگ خيل فلسيفن وانگر، خود غرضي ۽ انسان جي فطري بديءَ تي نه ٿو ٻڌي. جيڪو اخلاقيات جو سرشتو انسان کي ڪمزور ٿيڻ سيکاري ٿو سو بيڪار آهي[7].

”نيڪيءَ جو بنياد ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪونه آهي، ته انسان پنهنجي وجود کي برقرار رکي ۽ انسان جي خوشيءَ جو دارومدار ائين ڪرڻ جي قوت حاصل ڪرڻ تي آهي.“

— اسپنوزا

نٽشيءَ وانگر اسپنوزا پڻ نوڙت کي بيڪار سمجھيو. اها يا ته هڪ سازشيءَ جي منافقي آهي يا ته وري هڪ غلام جي بزدلي. نوڙت قوت جي غير موجودگي ڏيکاري ٿي. پشيماني ۽ پڇتاءُ پڻ ڪمزوريءَ جون نشانيون آهن ۽ نه نيڪيءَ جون[7]

”جيڪو پڇتاءُ ڪري ٿو، سو ٻه دفعا پاڻ کي ناخوش ڪري ٿو ۽ ٻيڻي ڪمزوري حاصل ڪري ٿو.“

— اسپنوزا

اسپنوزا نوڙت کي ڌڪاري ٿو، پر تنهن هوندي به هو سچي نرم مزاج کي ساراهي ٿو. هو ان فخر خلاف اعتراض اٿاري ٿو، جنهن کي عملي پوشاڪ پهرائي نه وئي آهي. پنهنجو پاڻ پڏائي ڪري انسان هڪ ٻئي لاءِ تڪليف جو سبب ٿي ٿا پون[7].

خدا بابت خيال

ڪتاب: "ھڪ يھودي ۽ ھڪ ملحد", لاطيني ٻوليءَ ۾ اسپنوزا جي خلاف لکيو ويو جنھن م ڏنل سندس تصوير

اسپنوزا جوهر کي قدرت ۽ خدا سان هڪ ڪري ليکي ٿو. مدرسيت جي فلسفين وانگر هو قدرتن جي ٻن مختلف پهلوئن تي سوچ ويچار ڪري ٿو. قدرت جو هڪ پهلو اهو آهي، جنهن ۾ سرگرمي ۽ حياتي موجود آهي، جيڪا پيدا ڪندڙ آهي، جنهن ۾ برگسن (Bergson) جي خيال موجب تخليقي ارتقا جو جوهر سمايل آهي. قدرت جو ٻيو پهلو اهو آهي جيڪو پيدا ڪيل آهي، جيڪو قدرت ۾ سمايل مواد، مثلاً قدرت جا ٻيلا، هوائون ۽ پاڻ، قدرت جا جبل ۽ ميدان ۽ قدرت جون اهڙيون لکين خارجي صورتون، قدرت جي پهرئين پاسي کي خيال ۾ رکندي اسپنوزا جوهر، قدرت ۽ خدا جي مطابق پيش ڪري ٿو.[7] پر جيڪڏهن قدرت جو پويون پاسو خيال ۾ رکجي. ته پوءِ جوهر، قدرت ۽ خدا هڪ نه آهي، جوهر ۽ نمونو، لازوال نظام ۽ عارضي نظام، متحرڪ قدرت ۽ ساڪن قدرت، خدا ۽ دنيا، اهي آهن ٻه جدا پاسا ٻئي ڪائنات کي جوهر ۽ حادثي ۾ ورهائين ٿا. جوهر جو ڪوبه جوهر نه آهي، اهو شڪل آهي؛ مادو نه آهي. اها ڳالهه صرف نمونو ظاهر ڪري ٿو، ته جوهر جو مادي شين يا خيالن جي اندر سمايل جزن سان ڪوبه واسطو ڪونه آهي. اسپنوزا ان جي تشريع ڪندي چوي ٿو:[7]:

”منهنجا خدا ۽ قدرت بابت خيال پوين عيسائين کان بلڪل نرالا آهن. منهنجي راءِ موجب خدا سڀني شين جو خارجي نه پر داخلي سبب آهي. مان چوان ٿو ته سڀ خدا ۾ آهي، سڀ ڪجھ خدا ۾ رهي ٿو ۽ چرپر ڪري ٿو. ان ڳالهه ۾ آئون رسول پولس ۽ قديمي فلسفي ۾ هرهڪ راءِ سان شامل آهيان، پر منهنجو طريقو انهن کان عليحده آهي. مان ائين چوڻ جي پڻ همت ڪريان ٿو، ته منهنجي راءِ قديمي يهودين سان متفق آهي، جيڪڏهن قديمي روايتن جو صحيح معائنو ڪجي، پر افسوس جو اهي روايتون ڦيرايون ويون آهن ۽ انهن کي ڪوڙو ثابت ڪيو ويو آهي. اها انهن ماڻهن جو عظيم غلطي آهي، جيڪي چون ٿا، ته منهنجو مقصد هي آهي، ته ثابت ڪريان ته خدا ۽ جسماني مادي جو ڍير [جنهن کي هو قدرت جو نالو ڏين ٿا] هڪ آهن. منهنجو اهڙو ڪو ارادو ڪونه آهي.“

— اسپنوزا

مذهب ۽ رياست تي مقالي ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته:[7]

”خدا جي مدد مان منهنجو مطلب آهي، متعين ۽ اڻ تبديل ٿيندڙ قدرت جو نظام يا قدرتي واقعن جي مسلسل زنجير.“

— اسپنوزا

سندس مطابق قدرت جا عالمگير قاعدا ۽ خدا جا ابدي حڪم هڪ آهن[7].

”خدا جا لامحدود فطرت مان سڀ شيون مقرر قاعدن ڪري ڦٽي اُڀرن ٿيون، جيئن ٽڪنڊي جي فطرت ۾ اها ڳالهه هميشه سمايل آهي، ته سندس ٽن ڪنڊن جو جوڙ 180 ڊگريون ٿئي. جهڙي نسبت گول جي قاعدن کي گول سان آهي. اهڙي ئي نسبت خدا کي ڪائنات سان آهي. جوهر وانگر خدا هڪ زنجير يا سلسلو آهي، اهو سڀني شين جو اندروني شرط آهي ۽ جيڪو دنيا جو قاعدو ۽ جوڙجڪ آهي. مادي ڪائنات جي شڪلين ۽ شين جي خدا سان نسبت ائين آهي. مادي ڪائنات جي شڪلين ۽ شين جي خدا سان نسبت ائين آهي جيئن هڪ پُل، ان جي ڊزائين، ان جي جوڙجڪ رياضي ۽ ميڪانيڪي قائدن ۽ قانونن جي وچ ۾ نسبت آهي. اهي آهن بنياد جن تي اها بيٺي آهي، يا اندروني شرط يا جوهر، انهن کان سواءِ اها ڊهي پوندي. پُل وانگر دنيا پڻ پنهنجي بناوت ۽ قاعدن جي آڌار تي بيٺي آهي، ڄڻ ته خدا پنهنجي هٿ ۾ ان کي حفاظت جھليو بيٺو آهي[7]

— اسپنوزا

خدا کي شخصيت ھجڻ جي خيال تي اسپنوزا ان عام اعتقاد طرف ڌيان ڇڪائي ٿو، جنهن مطابق خدا کي نه نر ۽ نه مادي، تصور ڪيو ويندو آهي. هو بهادريءَ سان ان تصور جي ترديد ڪري ٿو، جنهن مطابق دنيا ۾ عورت کي مرد جو زيردست رهڻو پوندو آهي. هڪ خط لکندڙ اعتراض طور چيو ته خدا جو غير شخصي تصور غلط آهي. اسپنوزا جو جواب قديمي يوناني شڪ ڪندڙ زينوفينس[7] (Zenophanes) جي ياد تازي ٿو ڪري:

”جڏهن تون چئين ٿو، ته منهنجي خيال موجب خدا کي انسانن وانگر ڏسڻ، ٻڌڻ، جاچ ڪرڻ ۽ ارادي ڪرڻ جا حواس ڪونه آهن، تڏهن توکي خبر ڪانه آهي ته منهنجو خدا بابت ڪهڙو تصور آهي. ان مان اهو اندازو لڳايان ٿو، ته تون ائين اعتبار ڪرين ٿو، ته مٿين وصفن هئڻ کان ڪا اعليٰ ڪماليت ٿي نه ٿي سگهي. مون کي تنهنجي اعتقاد تي عجب ڪونه ٿو لڳي. مان سمجھان ٿو، ته جيڪڏهن ٽڪنڊي کي زبان هجي ها ته اهو پڻ ان ريت چوي ها ته خدا کي ٽڪنڊي جي ئي شڪل ۽ صورت آهي ۽ گول ائين چوي ها ته الاهي فطرت گول آهي. اهڙيءَ طرح هرهڪ جون پنهنجون پنهنجو وصفون خدا سان منسوب ڪري ها.“

— اسپنوزا

.

نيڪي ۽ بدي جو تصور

اسپنوزا جو پورچوگيزي ٻولي ۾ لکيل ھڪ خط

اسپنوزا جي مطابق خدا جي مرضي ۽ قدرت جا قاعدا هڪ ئي حقيقت جا مختلف نالا آهن. تنهن ڪري سڀ واقعا اڻ تبديل ٿيندڙ قاعدن جو ميڪانيڪي عمل آهن ۽ نه هڪ غير ذميوار خودمختيار حاڪم تي جيڪو تارن ۾ ويٺو آهي. ميڪانيت جيڪا ڊيڪارٽ صرف مادي ۽ جسم ۾ ڏٺي سا اسپنوزا خدا ۽ نفس ۾ پڻ ڏسي ٿو. هي دنيا تدبير جي نه آهي، پر مقدريت (Determinism) جي آهي. ڇاڪاڻ ته اسان شعوري مقصدن لاءِ عمل ڪريون ٿا، تنهن ڪري اسان فرض ٿا ڪريون، ته سڀني ڪاررواين کي ساڳيا ئي مقصد درپيش آهن ۽ ڇاڪاڻ ته اسان انسان آهيون، ته تنهن ڪري اسان فرض ٿا ڪريون، سڀ واقعا انساني زندگيءَ سان ئي لاڳاپيل آهن ۽ ان جون ئي ضرورتون پوريون ڪن ٿا. پر هيءُ انساني فڪر جو ڌوڪو آهي.[7]. اسپنوزا جي مطابق:اسان جي خيالن جو وڏو حصو ان ئي فريب ۾ گم آهي، ته قدرتي ڪارروايون صرف انساني مقصدن جي حاصلات خاطر واقع ٿين ٿيون. بديءَ جي مسئلي بابت جڏهن اسان سوچ ويچار ڪريون ٿا، تڏهن پڻ ساڳي غلطيءَ جو شڪار ٿيون ٿا. اسان اها ڳالهه وساري ڇڏيون ٿا، ته خدا اسان جي روزمرهه جي نيڪيءَ ۽ بديءَ کان بالاتر آهي، جنهن ڪري خدا جي چڱائيءَ جي زندگيءَ جي بڇڙائي سان اجائي ڀيٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا. نيڪي ۽ بدي، گهڻو ڪري انساني ۽ شخصي، ذائقي، مزاج ۽ مقصدن سان نسبت رکن ٿيون ۽ ان جو ڪائنات سان ڪو تعلق نه آهي[7]اسپنوزا جي فلسفي مطابق:قدرت ۾ اسان کي بيهودي، نامعقول ۽ بڇڙيون ڳالهيون ان ڪري نظر اچن ٿيون، جو اسان کي شين جو اڌورو علم آهي ۽ قدرت جي نظام حسن مان غير واقف آهيون ۽ ڇاڪاڻ ته اسان چاهيون ٿا، ته هر شيءِ تي بديءَ جي فتويٰ ڏئي ٿو، پر تنهن هوندي به اها شيءِ ڪائنات جي نظام ۽ قاعدن مطابق بد نه آهي، اها فقط اسان جي فطرت جي قاعدن مطابق بد آهي، جنهن کي ڪائنات کان عليحده ڪيو وڃي ٿو. ’نيڪي‘ ۽ ’بدي‘ جي لفظن کي ڪابه اثباتي معنيٰ نه آهي. ساڳي شيءِ هڪ ئي وقت نيڪ، بد ۽ غير جانبدار ٿي سگهي ٿي. مثال طور: موسيقي ڏکايل مزاج وارن لاءِ نيڪ آهي، ڪنهن جي موت تي ماتم ڪرڻ وارن لاءِ بد آهي، ۽ مئلن لاءِ نڪي نيڪ آهي، نڪي بد[7]. اسپنوزا وڌيڪ ٻڌائي ٿو تہ: نيڪي ۽ بدي انساني تعصب آهن، جنهن کي ابدي حقيقت نٿي مڃي، دنيا لامحدودن جي مڪمل فطرت جو مثال هئڻ گهرجي ۽ چند انساني نظرين جو نه. جيئن چڱائي ۽ بدي آهي، تيئن ئي خوبصورت ۽ بد صورت به آهي. اهي پڻ داخلي ۽ انفرادي آهن، جيڪي جيڪڏهن ڪائنات سان لڳائبا، ته سواءِ ڪنهن عزت جي واپس موٽي ايندا[7].

”مان توهان کي خبردار ڪرڻ چاهيان ٿو، ته حسن ۽ بدصورت، نه وري نظام ۽ مزاج قدرت جون وصفون ڪونه آهن. فقط اسان جي تصور ڀيٽ سان ائين چئي سگهبو، ته فلاڻيون شيون حسين آهن يا بد صورت آهن، منظم آهن يا منجھيل.“... ”مثال طور جيڪڏهن ڪن جسمن مان ڪي لهرون اکين ذريعي اسان جي تنتن تائين پهچي، اسان جي دل ۽ دماغ کي صحت بخشن ٿيون، ته اسان انهن جسمن کي حسين سڏيون ٿا، پر جيڪڏهن انجي ابتڙ اثر پيدا ڪن ٿيون، ته پوءِ انهن جسمن کي بدصورت چئون ٿا.“

— اسپنوزا

اهڙن جملن ۾ اسپنوزا افلاطون کان به اڳتي وڌي وڃي ٿو، جنهن سمجھيو، ته سندس جمالياتي فتوائون ضرور تخليق جا قاعدا ۽ خدا جا ابدي حڪم هونديون[7].

مادو ۽ ذھن

سياست تي مقالو

اسپنوزا جي خيال مطابق:ذهن مادي آهي ۽ نه وري مادو ذهن آهي. دماغي ڪارروائي نه خيال جو سبب آهي ۽ نه وري اهو نتيجو آهي. ٻئي ڪاروايون خودمختيار ۽ متوازن به ڪونه آهن. اهي ڪاروايون ٻه به ڪونه آهن، نه وري اهي ٻه مختلف هستيون آهن. فقط هڪ ئي ڪاروائي آهي، جنهن کي اندروني طور ڏسڻ سان خيال سڏجي ٿو ۽ ٻاهرين طور ڏسڻ سان حرڪت سڏجي ٿو. فقط هڪ ئي هستي آهي، جنهن کي اندروني طور ڏسڻ سان ذهن سڏجي ٿو ۽ ٻاهرين طور ڏسڻ سان مادو سڏجي ٿو. پر اصل ۾ ان هستيءَ ۾ ٻنهي جي پراسرار پيچيده ملاوت ۽ اتحاد آهي. ذهن ۽ جسم هڪ ٻئي تي غالب نٿا پون، ڇاڪاڻ ته اُهي جدا نه آهن. صرف جسم جي اثر هيٺ ذهن خيال نٿو ڪري ۽ صرف نفس جي اثر هيٺ جسم يا ساڪن نٿو رهي. ان جو سبب فقط اهو آهي، ته ذهن جو فيصلو ۽ جسم جي خواهش ۽ ارادو هڪ ئي شيءِ آهي، ان ريت سموري دنيا ٻن متحد شين جو مجموعو آهي. جتي به ٻاهرين مادي ڪاروائي نظراچي ٿي، اتي هڪ حقيقي ڪارروائي جي هڪ صورت پيش اچي ٿي.[7] هڪ ڏسڻ واري لاءِ ان ۾ اندروني ڪارروائي به شامل آهي. جنهن جي ڀيٽ مختلف درجي آهر، اسان جي ذهني ڪاروائي سان آهي، جيڪا اسان پنهنجي اندر ڏسون ٿا. اندروني ۽ ذهني ڪاروائي، هرهڪ منزل تي، ٻاهرين ۽ مادي ڪاروائي سان هڪجھڙائي رکي ٿي. خيالن جو سلسلو ۽ نظام اهڙو ئي آهي، جهڙو شين جو سلسلو ۽ نظام. خيال ڪندڙ جوهر ۽ پکڙيل جوهر ساڳي حقيقت آهن، پر اهي ڪڏهن هڪ صورت يا وصف ذريعي سڏجن ٿا، ته ڪڏهن ٻي ذريعي[7].جيڪڏهن وسيع مطلب موجب، ذهن، سڄي اعصابي سرشتي ۽ ان جي سڀني شاخن سان يڪسان آهي، ته پوءِ بدن جي هرهڪ تبديلي سان گڏ ذهن ۾ پڻ ساڳي نسبتي تبديلي پيدا ٿيندي. بهتر لفظن ۾ بدن ۽ ذهن ۾ هڪ گڏيل تبديلي پيدا ٿيندي. جھڙيءَ طرح بدن تي جيڪي اثر حواسن ذريعي ٿين ٿا، سي پڻ سلسلي مطابق ٿين ٿا. جيڪي ڪجھ بدن تي ٿئي ٿو، سو ذهن پروڙي ٿو ۽ ان جو احساس شعوري يا لاشعوري طور ذهن تي ٿئي ٿو. جذبا، جيئن محسوس ڪيا وڃن ٿا، سڄي ڪاروائيءَ جو هڪ حصو آهن، ان سڄي ڪاروائي جو بنياد آهن، خون جي دوري، ساهه کڻڻ ۽ هاضمي سرشتن ۾ تبديليون. خيال به جسماني تبديلين سان گڏ، هڪ مرڪب فطري ڪاروائي جو جزو آهي[7]اسپنوزا چوي ٿو، ته ذهن ۽ ارادي جي وچ ۾ فرق محض مختلف درجن جو معاملو آهي. نفس ۾ جدا جدا قوتون ڪونه آهن، ان ۾ ذهن ۽ ارادي جھڙيون به جدا طاقتون ڪونه آهن ۽ نه وري تخيل ۽ حافظو هڪ ٻئي کان علهده آهن. ذهن هڪ خيالن پيدا ڪرڻ جو وسيلو ڪونه آهي، پر خيالي ڪاروايون خود ئي ذهن آهن. ذهن، خيالن جي سلسلي جو هڪ خيالي ۽ مختصر نالو آهي. ارادو عملن ۽ خواهشن جي سلسلي جو هڪ خيالي نالو آهي. ذهن ۽ ارادي جي ڪنهن خاص خيال ۽ خواهش سان اهڙي ئي نسبت آهي، جهڙي جابلو پڻي جي جبل سان هوندي آهي.ارادو ۽ ذهن به ساڳي ئي ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته ارادو به فقط هڪ خيال آهي، جو ميل جول جو زرخيزيءَ سان يا شايد مقابلي ڪندڙن خيالن جي غير موجودگي سبب، شعور ۾ ايترو ته گهڻو عرصو رهيو آهي، جو ان عملي صورت اختيار ڪئي آهي. هرهڪ خيال عملي صورت وٺي ٿو، جيستائين ٻيو ڪو رقيب خيال کيس ان دوران روڪي نٿو. خيال، هڪ متحد ۽ منظم ڪاروائي جي پهرين منزل آهي، جنهن جي خارجي عمل ذريعي مڪمل ڪري ٿو[7].اسپنوزا جي خيال مطابق: جنهن کي ارادو سڏيو ويندو آهي، سان هڪ مؤجي طاقت آهي، جيڪا شعور ۾ ڪنهن مخصوص خيال جو عرصو يا وقت مقرر ڪري ٿي. ان مؤجي لهر يا طاقت کي خواهش ئي سڏڻ بهتر آهي. اها هرهڪ انسان جو جوهر آهي. خواهش هڪ اهڙي بک يا اڃ آهي، جنهن بابت اسان سجاڳ آهيون. پر جبلتون هروڀرو شعوري خواهش ذريعي ڪم نه ٿيون ڪن. سڀني جبلتن پٺيان پاڻ بچائڻ جي هڪ اڻ چٽي ۽ مختلف ڪوشش لڪل آهي. هرهڪ انساني توڙي غير انساني حرڪت ۾ اها ئي ڪوشش آهي. ساڳيءَ ريت شاپينهاور ۽ نٽشي پڻ زنده رهڻ ۽ طاقت حاصل ڪرڻ جو ارادو هرهنڌ ڏٺو. فلسفي فقط ڪڏهن ڪڏهن غير متفق هوندا آهن[7]

”هر شيءِ، جيتري قدر اها پنهنجو پاڻ ۾ سمايل آهي، اها پنهنجي هستي قائم رکڻ لاءِ جدوجهد ۾ آهي. اها جدوجهد جيڪا ان شيءَ جي جوهر کان سواءِ ٻيو ڪجهھ به نه آهي.“

— اسپنوزا

ھن جي مطابق:طاقت، جنهن سان ڪابه شيءِ پنهنجي خودي برقرار رکڻ چاهي ٿي. سائي ان شيءِ جو بنيادي جوهر آهي. هرڪا رغبت، قدرت جي هڪ تجويز آهي، جنهن سان فرد يا گروهه يا جنس پنهنجي پاڻ کي محفوظ رکي سگهي ٿي. خوشي هڪ رغبت جو راضپو آهي ۽ ڏک ان جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي. خوشي ۽ ڏک سان جي خواهشن جا سبب ڪونه آهن، پر انهن جا نتيجا آهن. اسان شين جي خواهش جا سبب ڪونه آهن، پر انهن جا نتيجا آهن. اسن شين جي خواهش ان ڪري نٿا رکون، جو اهي اسان کي خوشي ڏين ٿيون، شيون اسان کي خوشي ان ڪري ڏين ٿيون، جو اسان انهن جي خواهشن ڪئي آهي ۽ اسان انهن جا خواهشمند ان ڪري آهيون، جو اسان کي لازميءَ طرح سان ائين ڪرڻو آهي. ان ڪري اسان کي خواهش ڪرڻ جا آزاد اختيار ڪونه آهن. زنده رهڻ جون ضرورتون رغبت کي مقرر ڪن ٿيون، رغبت وري خواهش کي مقرر ڪري ٿي، خواهش خيال ۽ عمل کي مقرر ڪري ٿي. ذهن جا فيصلا خواهشن کان سواءِ ڪجهھ به ڪونه آهن. ذهن کي مڪمل ۽ آزاد اختيار ڪونه آهن. ذهن جو دارومدار ڪنهن نه ڪنهن جبلت تي آهي، ان جبلت جو وري ٻئي جبلت تي، اهڙيءَ ريت جبلتن جي لامحدود ۽ اڻ کٽ ڪڙين جي زنجير ڳنڍيل آهي. جنهن جي ڪري ماڻهو ارادو ڪري ٿو. ماڻهو پاڻ کي آزاد ان ڪري ٿا سمجھن جو کين پنهنجي ارادن ۽ خواهشن بابت شعور آهي ۽ کين انهن سببن بابت ڪوبه علم ڪونه آهي. [7].

سندس لکيل ڪتاب

  • مذهب ۽ رياست تي مقالو (انگريزي: The Treatise on religion and the State)
  • ذهن جو سڌارو (انگريزي: The Improvement of the Intellect)
  • اخلاقيات (انگريزي: The Ethics)
  • سياست تي مقالو (انگريزي: The Political Treatise)

ھن خط و ڪتابت بہ ڪئي ھن جي لکڻين لاءِ مشھور آھي تہ ڊيڪارٽ جتي ختم ڪئي اتان ھن شروعات ڪئي[15]. ھن ڊسمبر 1664 کان جون 1665 تائين وليم وان بليجينبرگ جيڪو جيڪو ڪالون جي خيالن جو پرچارڪ ھيو جنھن بديء تي ساڻس بحث ڪيو. 1676 ۾ ھن البرٽ بورو ڏي جيڪي خط لکيا انھن ۾ ھن عيسائيت ۽ اسلام تي سخت تنقيد ڪئي. ھن جو خيال ھو تہ اھي ٻئي مذھب ماڻھن کي گمراھ ڪرڻ لاء ٺاھيا ويا هئا ۽ ماڻھن زور زبردستي ڪن ٿا ۽ اسلام زور زبردستي ۾ عيسائيت کان بہ اڳتي نڪتل آهي[16][17].

وفات

اسپنوزا جي آخري آرامگاهه تي ھڪ يادگار

سندس زندگيءَ جو آخري دور سن 1677ع ۾ ختم ٿيو. هو اڃا 44 سالن جو هو، پر سندس دوستن کي خبر هئي، ته هو وڌيڪ عرصو زنده رهي ڪونه سگهندو. سندس ابا ڏاڏا دم جي مرض ۾ متبلا هوندا هئا، هو پاڻ کي ضرورت کان وڌيڪ بند ڪمرن ۾ قيد رکندو هو ۽ آلودگيءَ واري فضا ۾ ڪم ڪندو هو، جنهن ڪري ان موروثي مرض کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري نه سگهيو. ساهه کڻڻ ۾ تڪليف وڌڻ لڳس ۽ سندس ڦڦڙ هر سال ويا وڌيڪ خراب ٿيندا.[7] ھڪ خيال اھو بہ آھي تہ شيشي جي گھڙائي جي ڪم م شيشي جي دز ساھ وسيلي سندس ڦڙن ۾ ويندي رھندي ھئي جنھن ڪري کيس ٽيوبرڪيلاسس يا ڦڦڙن جي ڪا بيماري لڳي وئي جنھن ڪري وفات ڪيائين.[18] هن پنهنجي طبعي عمر کان پهرين، جيون جي انت کي خوشيءَ سان قبول ڪيو، جنهن کي فقط اهو ڊپ رهيو، ته متان سندس ڪتاب، جنهن جي شايع ڪرڻ جي همٿ هو پنهنجي زندگيءَ ۾ ساري ڪونه سگهيو، سندس موت کان پوءِ برباد ٿي وڃي. هن لکڻ واري ننڍي ڊيسڪ ۾ پنهنجو ڪتاب رکيو، ان کي تالو ڏنائين ۽ ان جي ڪنجي پنهنجي ميزبان کي ڏنائين ۽ هن کي تاڪيد ڪيائن ته اها ڊيسڪ ۽ ڪنجي، جئن ريورز (Jan Rieuwertz)، ائمسٽرڊم جي هڪ پبلشر کي پهچايون وڃن.[7] آچر ڏينهن فيبروريءَ جي ويهين تاريخ، جنهن گهر ۾ هو رهندو هو، تنهن جا ڀاتي جن کي اسپنوزا يقين ڏياريو، ته هو هميشه کان گهڻو بيمار نه آهي، تڏهن اهي ديول ۾ ويا. صرف ڊاڪر ميئر هن وٽ رهيو. جڏهن موٽيا، تڏهن هن ڏٺو ته اهو فلسفي پنهنجي دوست جي ٻانهن تي دائمي آرام وٺي رهيو هو. ڪيترن موت تي سندس ماتم ڪيو. سادا ماڻهو کيس نرم دل هئڻ ڪري ساڻس محبت ڪندا هئا، جڏهن ته عالم سندس ڏاهپ جي ڪري، سندس عزت ڪندا هئا، فلسفي ۽ مئجسٽريٽ عوام سان گڏجي کيس سندس آخري آرامگاهه طرف وٺي هليا. مختلف مذهبن ۽ فرقن جا ماڻهو سندس قبر تي گڏ ٿيا. نيٽشي (Nietzsche) هڪ هنڌ چيو آهي، ته سڀ کان پويون عيسائي (حضرت عيسيٰ) مصلوب ڪيو ويو. هن کان اسپنوزا وسري ويو هو.[7] کيس نيئووي ڪرڪ (نئين چرچ)، ھيگ جي عيسائين جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.[19]

حوالا

  1. James Kreines, Reason in the World: Hegel's Metaphysics and Its Philosophical Appeal, Oxford University Press, 2015, p. 25: "Spinoza's foundationalism (Hegel argues) threatens to eliminate all determinate reality, leaving only one indeterminate substance."
  2. Stefano Di Bella, Tad M. Schmaltz (eds.), The Problem of Universals in Early Modern Philosophy, Oxford University Press, 2017, p. 64 "there is a strong case to be made that Spinoza was a conceptualist about universals..."
  3. Michael Della Rocca (ed.), The Oxford Handbook of Spinoza, Oxford University Press, 2017, p. 288.
  4. The Correspondence Theory of Truth (Stanford Encyclopedia of Philosophy)
  5. "Spinoza" entry in Collins English Dictionary.
  6. Yalom, Irvin (21 February 2012). "The Spinoza Problem". The Washington Post. Archived from the original on 12 November 2013. https://web.archive.org/web/20131112073417/http://articles.washingtonpost.com/2012-02-21/entertainment/35442915_1_history-teacher-novel-theories. Retrieved 7 March 2013. 
  7. 7.00 7.01 7.02 7.03 7.04 7.05 7.06 7.07 7.08 7.09 7.10 7.11 7.12 7.13 7.14 7.15 7.16 7.17 7.18 7.19 7.20 7.21 7.22 7.23 7.24 7.25 7.26 7.27 7.28 7.29 7.30 7.31 7.32 7.33 7.34 7.35 7.36 7.37 7.38 7.39 7.40 7.41 7.42 7.43 7.44 7.45 7.46 ڪتاب جو نالو ؛ فلسفي جي ڪهاڻي ليکڪ؛ ول ڊيورانٽ مترجم؛ محمد اڪرم انصاري ايڊيشن؛ ڇاپو پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  8. Historische Gids van Amsterdam, opnieuw bewerkt door Mr H.F. Wijnman, p. 205; Vaz Dias A.M. & W.G. van der Tak (1932) Spinoza, Merchant & autodidact, pp. 140, 174–75. Reprint in: Studia Resenthaliana. Vol. XVI, number 2, 1982.
  9. Die Lebensgeschichte Spinozas. Zweite, stark erweiterte und vollständig neu kommentierte Auflage der Ausgabe von Jakob Freudenthal 1899. M. e. Bibliographie hg. v. Manfred Walther unter Mitarbeit v. Michael Czelinski. 2 Bde. Stuttgart-Bad Canstatt: frommann-holzboog, 2006. (Specula 4,1 – 4,2.) Erläuterungen. p. 98, 119.
  10. Strathern, Paul (25 September 1998). Spinoza in 90 Minutes. Ivan R. Dee. pp. 24–25. ISBN 978-1-56663-215-7. 
  11. Nadler 200125.
  12. de Spinoza, Benedictus; Hessing, Siegfried (1977). Speculum Spinozanum, 1677–1977. Routledge & Kegan Paul. p. 828. https://books.google.com/books?id=M3muAAAAIAAJ. 
  13. 13.0 13.1 Scruton 200226.
  14. Chauí 1995 (2001 ed.), ch. 1, pp. 30–31: |A commentary on Descartes' work, Principles of Cartesian Philosophy, only work published under his own name, brought him on an invitation to teach philosophy at the University of Heidelberg. Spinoza, however, refused, thinking that it might be demanded the renouncement of his freedom of thought, for the invite stipulated that all care should be taken to "not insult the principles of the established religion."
  15. Harold Bloom (book reviewer) (16 June 2006). "Deciphering Spinoza, the Great Original -- Book review of "Betraying Spinoza. The Renegade Jew Who Gave Us Modernity." By Rebecca Goldstein". The New York Times. https://www.nytimes.com/2006/06/16/arts/16iht-idside17.1986759.html. Retrieved 8 September 2009. 
  16. https://www.andrewbostom.org/2012/02/spinoza-on-islam/
  17. Spinoza, Baruch (2003). Correspondence of Spinoza. Kessinger Publishing, LLC. p. 354. 
  18. Special Features (5 December 1926). "Shrine will be made of old Spinoza home; Society That Bears His Name Seeks Fund to Buy Dwelling of Great Philosopher at The Hague on the 250th Anniversary of His Death". The New York Times. http://select.nytimes.com/gst/abstract.html?res=F60A14F73C5F147A93C7A91789D95F428285F9. Retrieved 8 September 2009. 
  19. de Spinoza, Benedictus; Hessing, Siegfried (1977). Speculum Spinozanum, 1677–1977. Routledge & Kegan Paul. p. 828. https://books.google.com/books?id=M3muAAAAIAAJ.