گوئٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
يوھان ولف گئنگ گوئٽي

گوئٽي 1828 ۾
پيدائش 28 آگسٽ 1749(1749-08-28)
فرينڪفرٽ، رومن ايمپائر
وفات 22 مارچ 1832 (عمر 82 سال)
وئيمر, گرينڊ ڊچي آف سئڪسي وئيمر آئزنچ, جرمن ڪنفيڊريشن
ڌنڌو شاعر، ليکڪ، ڊراما نويس، نيچرل فلاسافي جو پرچارڪ، سفير، سرڪاري ملازم
قوميت جرمن
مادرِ علمي
ادبي تحريڪ
مُکيه ڪم فائسٽ; دي ساروز آف ينگ ويڌر; ولھيم ميئسٽرس اپرينٽسشپ; اليڪٽو ائفنٽيز; "پاسٿيومس"; ٿيوري آف ڪلرس; اٽالين جرني; ويسٽ اوسٽلچر دوان
جيون ساٿي ڪرسٽني وولپيئس (ش. 1806; و. 1816)
اولاد 5 (4 ننڍپڻ ۾ گذاري ويا)

1830)

رشتيدار ڪورنيليا اسڪلوسر(ڀيڻ)
ڪرسچن آگسٽ وولپيئس (ڀيڻيئو)

دستخط

يوھان ولف گئنگ وان گوئٽي(انگريزي: Johann Wolfgang von Goethe) ({{IPAc-en|ˈ|g|ɜ:r|t|ə [1][2][3] جرمن: [ˈjo:han ˈvɔlfɡaŋ fɔn ˈɡø:tə] (About this sound ٻڌو); 28 August 1749 – 22 March 1832) جرمن ليکڪ، ۽ سياستدان ھيو. ھن جي لکڻين ۾ ناول، شاعري، نثر، بيت، ڊراما، آتم ڪھاڻي، يادگيريون، تنقيد، علم نباتات ، ائناٽامي ۽ رنگن جا موضوع شامل آهن.جن ڏھ ھزار کان وڌيڪَ خط لکيا ۽ 3000 جي لڳ ڀڳ ڊرائينگ ڪئي.گوئٽي 28، آگسٽ 1749ع تي فرينڪفرٽ اون ۾ پيدا ٿيو. ڄمڻ وقت ايترو ته ضعيف هو، جو سندن مائٽن کي هن ٻار جي بچڻ جي ڪابه اميد نه هئي، پر ڪنهن ٿي ڄاتو ته اهو ڪمزور ٻار اڳتي هلي ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏيندو. سندس والد بنيادي طور تي ڪاريگر هو، جو ترقي ڪري وڃي ”امپيريل ڪائونسل“ جو ميمبر ٿيو هو. هن جي والده وري وڪيلن جي خاندان مان هئي. گوئٽي انهن ٽن عظيم انسانن مان سڀ کان پهريون ڄائو، جن اڳتي هلي جرمنيءَ جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو. باقي ٻن شخصيتن ۾ شيلر 1759ع ۾ ۽ نيپولين ڏهه سال پوءِ پيدا ٿيو. گوئٽي پنهنجي اکين سان ڪيترائي اهم واقعا ڏٺا. هن انهيءَ ”جرمن پارليامينٽ“ کي ختم ٿيندو ڏٺو، جيڪا قرون وسطيٰ کان وٺي هن قوم جو مضبوط ادارو ٿي رهي هئي. کيس آمريڪا جي جنگ آزاديءَ جي مشاهدي ماڻڻ جو به موقعو مليو. فرانس جو انقلاب، نيپولين جو عروج ۽ زوال ۽ آخر ۾ 1830ع وارو پيرس جو انقلاب به ڏٺائين.[4] گوئٽي پنهنجي تعليم ليبزگ ۽ اسٽريبرگ ۾ ورتي. قانون جي سند وٺڻ کان پوءِ ويزلر جي سپريم ڪورٽ ۾ نوڪري ڪيئاين. 1776ع ۾ ويمر ويو، جتي پريوي ڪائونسلر ۽ وزير بڻجي ويو. هو هڪ ئي وقت وزير، مصور، سائنسدان ۽ اديب هو. هن جرمنيءَ جي شاعريءَ کي عوامي رنگ ڏنو، اتان جي ناٽڪي دنيا ۾ نئون روح ڦوڪيو ۽ پنهنجي قلم جي قوت سان پنهنجي علم ادب جي تاريخ کي سينگاريو. سندس لکيل ڪتابن جو تعداد چاليهن جي لڳ ڀڳ آهي، جن مان ”پوئٽري ائنڊ ٽرٿ“ (شاعري)، گوزفان برلي شنگين“ (ڊرامو)، ”دي ساروز آف ينگ ورڌر“ (ناول)، ”اگمانٽ سٽو“ (ناول)، ”افي جنائي“ (ناول)، ”ميٽ امارفوسس آف پلانٽس“ (سائنس) ۽ ”فائوسٽ“ ذڪر ڪرڻ جي قابل آهن. سندس وفات 1833ع ۾ ٿي. [4][5]

حوالا[سنواريو]

  1. "Goethe" آرڪائيو ڪيا ويا 2016-05-28 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Oxford Dictionary.
  2. "Goethe". Merriam Webster Dictionary.
  3. "Goethe". Random House Webster's Unabridged Dictionary.
  4. 4.0 4.1 ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو مقالو: (قسط 2. آخري)؛ سنڌ ۾ عيسائيت جي تبليغ ۽ سنڌي علم و ادب"؛ رسالو؛ مهراڻ 1982ع ايڊيٽر؛ نفيس احمد ناشاد جلد؛ 31 نمبر 1.2- 1982ع ڇپيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  5. سيد سعيد احمد: ”مشاهير جرمني“، ڪراچي، 1970ع، ص ص 97 – 105