يهوديت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

يھوديت(انگريزي: Judaism ) يھودين جي نسلي گروہ جي مذھب جو نالو آهي جنھن ۾ انھن جي مذھبي، ثقافتي ۽ شرعي روايتن سميت انھن جي پنھنجي تھذيبپڻ شامل آهي[1] ھي سڀ کان پھريون ابراھيمي مذھب آھي ۽ ان جو بنياد توحيد تي آھي يعني يھودي صرف ھڪ خدا جي ھجڻ جي تصور ۾ يقين رکندڙ آھن. يھودين جو وڏو مقدس ڪتاب عبراني بائيبل آھي جنھن جو وڏو حصو توريت تي مشتمل آھي. انھن جي زباني روايتن تي مشتمل ٻيا مقدس ڪتاب تلمود ۽ مدراش آھن . ھن مذھب جا پوئلڳ ھن وقت دنيا ۾ ڏيڍ ڪروڙ کان پوڻا ٻہ ڪروڙ تائين آھن. يھوديت وچ اوڀر ۾ پتل جي دؤر کان وٺي ھڪ منظم مذھب رھيو آھي[2].

يھوديت مسلمانن جي نظر ۾[سنواريو]

مسلمانن جي نظر ۾ يھوديت ۽ عيسائيت بعد پيغمبرن کان بعد جا ٺھيل مذھب آھن. يھوديت پنھنجي ان نالي ۽ مذھبي خصوصيتن، رسمن ۽ قائدن سميت ٽين يا چوٿين صدي قبل مسيح ۾ پيدا ٿي ۽ عيسائيت بہ حضرت عيسيٰ کان گھڻو پوء وجود ۾ آئي[3].

  1. Lawrence Schiffman, Understanding Second Temple and Rabbinic Judaism. KTAV Publishing House, 2003. p. 3.
  2. "History of Judaism until 164 BCE". History of Judaism. BBC. 
  3. - ڪتاب: تفھيم القرآن ، جلد اول ، ابوالاعلي مودودي، اداره ترجمان القرآن ، لاھور ڇاپو 35 مارچ 2003، صه :115