پورچوگيزي ٻولي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پورچوگيزي ٻولي ، پرتگيزي ٻولي يا پرتگالي ٻولي هڪ يورپي ٻولي آهي۔ دراصل هي پورچوگيز جي قومي ٻولي آهي، پر پرتگال يا پورچوگيز جي ڪيترن ئي اڳُوڻن قبضي هيٺ علائقن ۾ به رائج آهي جن ۾ برازيل، موزمبيق، انگولا، ڪيپ ورڊي، گني بسائو ۽ سائو ٽومي ۽ پرنسپي شامل آهن۔ٰ هي مڪائو (چيناوڀر تيمور ، استوائي گني ۾ پڻ دفتري ٻولي آهي۔ٰ

هيءَ دنيا ۾ ڳالهائي ويندڙ پنجئين وڏي ٻولي آهي۔ هيءَ ڏکڻ آمريڪا ۾ ڳالهائي ويندڙ سڀ لان وڏي ٻولي آهي۔ هي يورپي اتحاد جي دفتري زبان مڃي وئي آهي۔

مارچ 2006ء ۾ پرتگالي يا پورچوگيزي ٻوليءَ جو عجائب گهر سائو پائولو، برازيل ۾ کوليو ويو۔

تاريخ[سنواريو]

جڏنهن رومي جزيرو نما آئبيريا ۾ 216 قبل مسيح ۾ داخل ٿيا ته هو لاطيني ٻولي ڳالهائيندا هيا۔ اُنهن هيءَ ئي ٻولي هِتي پڻ رائج ڪئي۔ پرتگالي هڪ پراڻي ٻوليءَ کان اخذ ڪئي وئي آهي، جنهنکي تاريخ دان قديم پورچوگيزي (پرتگیزی) چوندا آهن۔

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

فهرست ملڪ پوچوگيزي بطور سرڪاري ٻولي