جارج ايليٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جارج ايليٽ جي تصوير

جارج ايليٽ (George Eliot) انگريزي زبان جي خاتون ناول نگار، جو اصل نالو مئري ائني ايونس هو، جنهن 22 نومبر 1819ع ۾ انگلنڊ ۾ جنم ورتو. هواءَ اعليٰ پائي جي ناول نگار ۽ ليکڪا هئي. ان وقت انگلنڊ جي معاشري ۾ ليکڪ عورتن کي مڃتا نه ملڻ جي ڪري هن پنهنجو نالو بدلائي لکيو. هن 7 ناول لکيا، جن مان هيٺان قابل ذڪر آهن:

  • (1) The Mill on the Floss (دي مل آن دَ فلاس)
  • (2) Middle March (مڊل مارچ)
  • (3) Daniel Deronda (ڊينئيل ڊيرنڊا
  • (4) Adam Bede (آدم بيڊ)

ادبي لاڙو[سنواريو]

جارج ايليٽ جي تحريرن ۾ حقيقت پسندي ۽ نفسياتي گهرائي موجود آهي. مَئري ائني ايوَنس، رابرٽ ايونس جو ٽيون ٻار هئي. هوءَ تمام گهڻي ذهين هئي. هن جا ناول يوناني ادب تي مبني هئا. هن شروعاتي زندگيءَ ۾ تعليم مشهور عورتن جي اداري (Royal Holloway College, Survey) مان ورتي، جنهن کي هاڻي يونيورسٽيءَ جو درجو حاصل آهي.

ذاتي زندگي[سنواريو]

ماءُ جي وفات کان پووءِ هوءَ گهر موٽي آئي، ديهي معاشري کي ويجهو رهڻ ڪري کيس نوان تجربا حاصل ٿيا، اتي هن جي دوستي‘Charles Bray’ سان ٿي، جيڪو انسان دوست ماڻهو هو ۽ خير جي ڪمن ۾ گهڻو اڳتي هو. هو نوان اسڪول قائم ڪندو ۽ ٻيون عوامي ڀلائي جون خدمتون ڪندو رهندو هو.

مذهبي لاڙو[سنواريو]

جارج ايلئيٽ مذهب کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندي هئي، ان ڪري ‘Charles Bray’ جي گهري دوست ٿي.[1]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]