ھمہ اوست

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

همہ اوست تصوف جو فارسي اصطلاح آهي، جنهن کي ’وحدت الوجود‘ سان تعبير ڪيو وڃي ٿو. هن فلسفي جي شارح شيخ اڪبر محي الدين ابن عربيءَ موجب هيءَ ڪائنات، پنهنجي سمورين رنگينين ۽ انهن جي ارتقائي ڦير گهير سان خالق اعظم کان ڪو ڌار وجود نہ ٿي رکي. اصل ۽ بنيادي وجود فقط حق تعاليٰ جو آهي. ڪائنات ۾ جيڪي ڪجهہ ڏسي سگهجي ٿو، سو سڀ انهيءَ وجود جي جدا جدا تجليات جو پرتو آهي. جيڪڏهن ڪو اُن کي ڪجهہ ٻيو ٿو سمجهي اها سندس نظر ۽ سمجهہ جي ڀُل آهي، نہ تہ حقيقت هن کان سواءِ ٻي ڪانهي تہ ”لا موجود و الاالله“. انهيءَ نظرئي جو اصطلاحي نالو”وحدت الوجود“ آهي، جنهن کي فارسيءَ ۾ اصطلاحي طرح ”همہ اوست“ سڏيو وڃي ٿو. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.