مابعدالطبعيات
ما بعد الطبعيات (Metaphysics)، عربي اصطلاح جا معني، "جيڪا طبعي دنيا کان ٻاهر آهي"، طبعي شيئن جي بجاء تصوراتي (مذهبي، روحاني، نظر نه ايندڙ، خيالي، افسانوي) وجودن ۽ انهن جي نسبت، عقيدن، خيالن، جا تصورات، جيڪا طبعي قانونن جي هيٺيان نه ايندا آهن. انگريزي اصطلاح، "ميٽافزڪس"، ٻن لفظن "ميٽا" يعني، مٿائون، کانسواء، ٻاهر ۽ "فزڪس" يعني طبعي، نظر ايندڙ، محسوس ٿيندڙ، تي مشتمل آهي، جنهن جو مطلب "طبعي شين، طبعي دنيا جي دائري کان ٻاھر دنيا جي ڄاڻ، بحث يا علم، روحاني وجودن (supernatural) جو علم يا بحث.
ما بعدالطبيعات جي حدن ۾ ڪيترائي اختلاف آهن. ڪي ان کي فلسفي جي مترادف استعمال ڪن ٿا، ڪي ان کي الاهيات واري مقصد ۾ آڻن ٿا ۽ ڪي وري اخلاقيات کي بہ مابعد الطبعيات جي ذمري ۾ آڻن ٿا. حقيقت ۾ اهي تمام موضوع يا مسئلا، جيڪي طبعي علمن جي دائري مان خارج، طبعي فڪر و نظر جي حدن کان مٿي ۽ مشاهدي ۽ تجربي جي احاطي مان ٻاهر آهن. سي مابعد الطبعيات جي دائري ۾اچن ٿا. [1] اها فلسفي جي ٻين شاخن جهڙوڪ اخلاقيات، جماليات، علميات جهڙي شاخ آهي، (Metaphysics) اصطلاح يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن مان جڙي ٺهيو آهي ميٽا (Meta) معنيٰ ڏور/پري/مٿانهون ۽ فزيو (Physio) معنيٰ جسم. هن شاخ ۾ ڪائنات جي آخري ۽ بنيادي سچائي جي ڳولها ۽ ان جو اڀياس ڪيو ويندو آهي. فلسفي ۾ مابعد الطبعيات کي ڪائنات کي سمجھڻ جي هڪ طريقي طور سمجھيو وڃي ٿو. هن شاخ مادي، تحرڪ، مڪان، زمان، لامحدود، سبب ۽ ٻين بنيادي تصورن جو ڳوڙهو تجزيو ڪيو آهي.[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
- ↑ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Philosophy/Book4/Book_page2.html۔ خالي يا غائب
|title=(مدد){ڪتاب : فلسفي جي ڪھاڻي؛ ليکڪ: ول ڊيورنٽ}