ابن سينا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

ابن سينا جو اصل نالو ابوعلي حسين بن عبدالله ابن سينا هو، کيس بُوعلي سينا به چوندا هئا. تمام وڏو طبيب، فلسفي، سائنسدان ۽ رياضيءَ جو ماهر ٿي گذريو آهي. پاڻ بخارا جي هڪ ڳوٺ ’افشنه‘ ۾ پيدا ٿيو. سندس ڄم جي تاريخ بابت اختلاف آهن. هڪ اندازي موجب آگسٽ يا سيپٽمبر 980ع ۾ ڄائو ۽ 21 جون 1037ع ۾ همدان (ايران) ۾ وفات ڪيائين. هڪ ٻئي اندازي موجب ابن سينا، منصور اول بن نوح اول جي عهد (961_ 976ع) ۾ ڄائو. ارڙهن سالن جي عمر تائين قرآن، شاعري، فلسفي، منطق ۽ طب جهڙن علمن ۾ مهارت حاصل ڪيائين.

تعليم[سنواريو]

شروع کان ئي سندس ڌيان علم جي حصول ڏانهن رهيو. ابتدا ۾ ارسطوءَ جي ڪتاب ’مابعد الطبيعات‘ کي سمجهڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪيائين، پر فارابيءَ کي پڙهڻ کان بعد الطبيعات سمجهڻ لڳو، پوءِ طب ۾ ڪمال حاصل ڪيائين ۽ طبيب جي حيثيت سان دنيا ۾ سندس مشهوري ٿي. ساساني حڪومت جي خاتمي کان پوءِ بخارا ڇڏي سن 1001ع ڌاري ’خوارزم‘ هليو ويو. جتي هن جي وقت جي مشهور عالمن سان ملاقات ٿي، انهن جي صحبت ۾ رهي ٻين به ڪيترن علمن ۾ مهارت حاصل ڪيائين. هن البيرونيءَ سان به علمي بحث ڪيا. 1009ع ۾ عراق آيو، جتان پوءِ سلطان محمود غزنويءَ کيس غزنيءَ ۾ سڏائي ورتو. غالباً هن غزنيءَ وڃڻ کان انهيءَ ڪري انڪار ڪيو، جو پاڻ باطني يعني اسماعيلي عقيدي جو هو. محمود غزنوي باطنين کي پسند نه ڪندو هو، انهيءَ ڪري بعد ۾ هي ’جرجان‘ هليو ويو، 1022ع ۾ اصفهان ۾ آيو، ۽ اتي 14 سال رهيو. آخري ڏينهن ۾ همدان آيو ۽ وفات به اتي ڪيائين.

ڪتاب[سنواريو]

ابن سينا 100 کن ڪتاب لکيا، جن مان ’القانون‘ ۽ ’الشفا‘ کي ڏاڍي شهرت ملي.[1]

حوالا[سنواريو]