ڪارل مارڪس

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
ڪارل مارڪس
ڪارل مارڪس
پيدائش پروشيا، جرمني
وفات لنڊن، انگلينڊ، يونائيٽيڊ ڪنگڊم
رھائش جرمني، فرانس، بيلجيئم، يونائيٽيڊ ڪنگڊم
قوميت جرمن (اسٽيٽ ليس)

ڪارل مارڪس (5 مئي 1818ع – 14 مارڇ 1883ع) فلاسافر، معشيت دان، سماجياتدان، صحافي ۽ انقلابي سوشلسٽ هو. هو پروشيا (Prussia) جي وچولي طبقي جي خاندان ۾ پيدا ٿيو، اڳتي هلي، هن سياسي معاشيات ۽ هيگيلين فلاسافي ۾ تعليم پرائي. وڏو ٿيڻ کانپوءِ مارڪس کي بي وطن (اسٽيٽ ليس) ٿيڻو پئجي ويو ۽ پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو حصو هن لنڊن، انگلينڊ ۾ گذاريو، جتي جرمن مفڪر، فريڊرڪ انگلز جي ساٿ سان، پنهنجي ڪيل مختلف ڪمن کي ڇپرايو، انهن مان، 1848ع ۾ پڌرو ڪيل ڪميونسٽ پڌرنامي (ڪميونسٽ مينيفيسٽو) تمام گهڻي مشهوي ماڻي. تڏهن کان سندس ڪم، فڪري، اقتصادي ۽ سياسي تاريخ تي وڏا اَثر وڌا آهن.

سماج، اقتصاديات، ۽ سياست جي باري ۾ مارڪس جي نظرين کي گڏيل طور مارڪسز سڏيو وڃي ٿو — جنهن مطابق انساني معاشرا اصل ۾ طبقاتي جاکوڙ جي تاريخ آهن: جيڪا حڪمران طبقن (بورجوازي يا سرمائيدار) جيڪو پيداوار جي ذريعن تي ڪنٽرول رکي ٿو  ۽ پورهيت طبقو (پرولتاريه) جيڪو اُجوري لاءِ پنهنجو پورهيو وڪڻي ٿو جي وچم ٽڪراءُ آهي. ويڳاڻپ جو احساس، قدر، اجنساسِ مترادف (commodity fetishism)، ۽ قدر زائد (فاضل مُلهه) جي پنهنجي نظرين ذريعي بحث ڪندي مارڪس دليلَ ڏئي ٿو ته سرمائيداري، سماجي لاڳاپن, اَڻ گهڙيل مال کي گهڙي شين ۾ بدلائڻ (ڪموڊيفيڪشن)، اَڻبرابري، ۽ پورهيت طبقي جي استحصال ذريعي مفاد ماڻي ٿي. هڪ اهم نقطه نظر، جيڪو تاريخي ماديت سڏجي ٿو جي تحت مارڪس، بنياد ۽ ساخت (بيس ۽ سُپر اِسٽرَڪچر) جي اصولن جي بنياد تي نظريو پيش ڪندي روز ڏيندي چيو آهي ته سماج جي ثقافتي ۽ سياسي حالتن سان گڏوگڏ انساني فطرت جا ويچارَ گهڻي حد تائين غير واضح بنيادن تي مقرر ٿي رهيا آهن. هنن پُر اثر اقتصادي جائزن جو نتيجو نيٺ ”سرمائي“ (ڪيپيٽال)، حجم (واليوم) 1 (1867) جي روپ ۾ نڪتو.

مارڪس جي مطابق، حڪمران، رياستون حڪمران طبقي جي مفادن ۾ هلائي رهيا آهن پر پوءِ به ان جي نمائيندگي، سڀني جي گڏيل مفادن جي نالي تي ڪري رهيا آهن. هن پيشنگوئيءَ ڪندي چيو ته، اَڳوڻن سماجي اقتصادي نظامن وانگر، سرمائيداري نظام جون اندروني ڇڪتاڻون نيٺ سرمائيداري نظام کي پنهنجي خود تباهي ڏانهن وٺي وينديون ۽ پوءِ اهو هڪ نئين نظام سوشلزم ۾ تبديل ٿي ويندو. مارڪس موجب، سرمائيداريءَ نظام جي سخت طبقاتي ڇڪتاڻ ۽ ان جي ناپائيدار فطري ڀڇڙائي نيٺ پورهيت طبقي جي طبقاتي شعور ۾ واڌارو آڻيندي، جيڪا ان کي سياسي اقتدار حاصل ڪرڻ ڏانهن وٺي ويندي ۽ نيٺ پيداوار ڏيندڙن جي آزاد ايسوسي ايشن جي حڪومت تحت هڪ غير طبقاتي، ڪميونسٽ سماج قائم ٿيندو. مارڪس، ان مقصد کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ ڏاڍي جذبي سان وڙهيو ۽ زور ڏئي چيو ته پورهيت طبقي کي پنهنجي سماجي ۽ اقتصادي آزادي لاءِ، منظم انقلابي ڪاروائي جي ذريعي سرمائيداري نظام جو تختو اُنڌو گهرجي.

مارڪس انساني تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ اَثر رکندڙ شخصيتن مان هڪ طور ڄاتو وڃي ٿو، جنهن جي ڪم تي واکاڻ ۽ تنقيد ٻئي ٿيون آهن. معاشيات ۾ سندس ڪم، موجوده پورهيئي جي، سرمائي ۽ اقتصادي لاڳاپن سان تعلق کي سمجهڻ جا بنياد وڌا. سڄي دنيا ۾ ڪيترائي دانشور، ليبر يونينون، فنڪار ۽ سياسي پارٽيون، مارڪس جي خيالن يا ان جهڙن آدرشن ۽ ويچارن کان تاثير ورتي آهي. مارڪس کي عام طور تي جديد سوشيالوجي ۽ سماجي سائنس جو اَبو سمجهيو وڃي ٿو.

شروعاتي زندگي[سنواريو]

ڪارل مارڪس، 5 مئي 1818ع ۾ اولهه جرمني جي شهر ٽرائر ۾ پيدا ٿيو، ڪارل مارڪس جو خاندان آڳاٽي زماني کان يهودي هو پر ان جي پيءُ ڪارل مارڪس جي پيدا ٿيڻ کان اڳ عيساعيت قبولي، تنهن ڪري ڪارل مارڪس کي يهودي چوڻ بلڪل غلط آهي. ڪارل مارڪس جا ٽي ڀاءَ هئا ۽ پنج ڀيڻون هيون، جنهن مان ڀاءَ ته سڀئي جواني ۾ ئي گذاري ويا پر ٽي ڀيڻون ڪارل مارڪس جي گذاري وڃڻ کانپوءِ به حيات رهيون، ڪارل مارڪس جو پي هڪ وڪيل هو، ٽرائر شهر ندي جي ڪپ تي واقع آهي، اها جڳهه فرانس جي تمام ويجهو آهي، تنهن ڪري ات جي ماڻهن ۾ فرانس جي انقلابي نظريئي جو تمام گهڻو اثر هو.

ارڙهين صدي جي آخر ۾ جڏهن نپولين هن علائقي کي پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪيو، تڏهن هتي به فرانس جا سڪا هلڻ لڳا، هائرن مارڪس نپولين جو سخت مخالف هو، ان جي ڪتاب گهر ۾ واليٽير، روسو، لاڪ، لائب نيز، سنگ ۽ ٻين روشن خيال دانشورن هن جي آزاد خيالي جي ڪري پوليس جي خاص نظر هئي، پر هي علائقو نپولين جي 1815ع ۾ شڪست کانپوءِ جرمني کي واپس ملي ويو. ڪارل مارڪس جو ننڍپڻ انهي ماحول ۾ گذريو، جڏهن ميٽرنگ (جيڪو يورپ جي هڪ طاقت هو) برسن چاف سميت ٻين شاگردن جي تحريڪ جي خبر پئي ته هن هڪ ڪانفرنس گهرائي، ڇا ڪاڻ ته ميٽرنگ جمهوريت ۽ آئين جي نالي سان سخت نفرت ڪندو هو. ڪانفرنس ۾ هنن ڳالهين تي روشني وڌي وئي:

1. جرمن رياستون ڪنهن به قسم جو ڪوبه آئين نه جوڙينديون.

2. يونيورسٽين جي استادن ۽ شاگردن تي سخت نظر ۾ رکي ويندي ۽ يونيورسٽي ۾ اسان جو نمائندو وهندو، جيڪو هر سر گرمي تي نظر رکندو. 3. جمهوري خيال استادن کي يونيورسٽي کان الڳ ڪيو وڃي، يعني ڪڍيو وڃي.

انهن ڪجهه اهم فيصلن کانپوءِ جرمني جي دانشورن ڪالم نگارن ۽ شاگردن ۾ وٺ پڪڙ شروع ٿي وئي، روشن خيال استادن کي يونيورسٽين مان ڪڍيو ويو ۽ شاگردن جون تنظيمون ۽ تحريڪون سڀ ٽوڙيون ويون، ڪارل مارڪس جي ماءَ ته ٻارن جي جي برورش ۾ مصروف سنڌي هئي، پر ڪارل مارڪس جو پي ڪارل مارڪس سان تمام گهڻو پيار ڪندو هو ۽ ان جي دلي خواهش هئي ته ڪارل مارڪس پڙهي لکي هڪ وڏو ماڻهو ٿئي، تنهن ڪري هو ڪارل مارڪس جي تعليم ۽ تربيت تي خاص توجه ڏيندو هو ۽ ڪارل مارڪس به پنهنجي پي سان تمام پيار ڪندو هو، تنهن ڪري وڏو ٿي اڪثر پنهنجي پي جو ذڪر ڪندو هو، جلاوطني ۾ به پنهنجي پي جي تعمير هميشه ميز تي رکندو هو، ڪارل مارڪس جي وفات کانپوءِ فريڊرڪ اينگلز ڪارل مارڪس جي پي جي اها تصوير مارڪس جي تابوت ۾ رکي.

ڪارل مارڪس کي مضمون لکڻ ۽ يوناني ۽ لاطيني ڪلاسيڪي ادب سان دلچسپي ننڍپڻ کان ئي هئي ۽ يونيورسٽي ۾ استاد به اتفاق سان روشن خيال ئي مليا ۽ قابل استادن شاگردن جي پوري حوصلا افزائي ڪئي. 1833ع جي ڏينهن ۾ حڪومت جي عام پاليسي جي خلاف شاگردن ۾ بيچيني وڌي رهي هئي، مارڪس جو اسڪول به ان سان متاثر ٿيڻ کان سواءِ ڪونه رهي سگهيو، جڏهن پوليس اسڪول تي ڇاپو هنيو، تڏهن اتان منع ٿيل لٽريچر هٿ آيو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ هڪ شاگرد جي گرفتاري به پيش آئي. ڪارل مارڪس 1835ع ۾ اسڪول کان رخست ٿيندي وقت ”پيشي جو انتخاب“ تي هڪ مضمون لکيو، ڇاڪاڻ ته ان کي خبر هئي ته شاگرد جي لاءِ پيشي جو اختيار ڪرڻ سولي ڳالهه ناهي هوندي، ڪارل مارڪس مضمون ۾ لکيو ته: پيشي جي اختيار ڪرڻ کان پهرين اسان کي بني نو انسان جي ڀلائي جو خاص خيال رکڻ گهرجي، اگر ڪوئي اهڙو پيشو اختيار ڪجي، جنهن سان انسان ذات جي وڌ کان وڌ خدمت ٿي ته اسان جي چيلهه وڌ کان وڌ وزن کڻڻ سان به نه جهڪندي. ٽرائر ۾ 1835ع ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڪارل مارڪس جي بون يونيورسٽي ۾ داخلا ٿي، ان جا خاص مضمون قانون ۽ فلسفو هئا پر هو يوناني ۽ رومي تاريخ ۾ وڌي چڙهي حصو وٺندو هو ۽ هومز، آرٽ ۽ شاعري جي ڪلاس ۾ باقاعدگيءَ سان حصو وٺندو هو، مارڪس شاعري به ڪندو هو ۽ يونيورسٽي جي شاعر شاگردن جي حلقي جو فرد به هو.

انهيءَ دوران سندس مڱڻي وڏي ڀيڻ سوفيا جي دوست جيني جان ويسٽ فالين سان ٿي. ڪارل مارڪس ۽ جيني ننڍپڻ کان ئي هڪ ٻي کان تمام گهڻو چاهيندا هئا ۽ جڏهن وڏو ٿي انهن جاءُ پي کي شادي جي درخواست ڪئي ته اهي رابطي ٿي ويا. جيني شهر جي حسين ترين ۾ شمار ٿيندي هئي ۽ ان جو خاندان امير گهراڻن ۾ ٿيندو هو، جيني چاهي ها ته ڪنهن نوابزادي سان به شادي ڪري سگهي پئي پر هو حسين سيرت جي مالڪ هئي ۽ ڪارل مارڪس سان محبت ڪندي هئي. ان پنهنجي محبت جي خاطر سڄي دنيا جي عيش ۽ آرام کي ٽڪرائي ڪري هڪ عظيم انقلابي سان سڄي عمر سڃ ۾ گذاري، هن جلاوطنيون سهيون، بک رهي، قرضدارن جو ڳالهيون ٻڌيون، ڪڏهن گهر جا سامان وڪيا ته ڪڏهن ڏاج ۾ مليل ٿانو گروي رکيا پر ڪڏهن به پنهنجي عظيم مڙس سان تنگ ٿي شڪايت نه ڪئي ۽ نه ئي ان جي انقلابي مصروفيتون ۾ يا لکڻ پڙهڻ جي ڪمن ۾ ڪا رڪاوٽ وڌي.ٻار تڙپي تڙپي لاڏاڻو ڪري ويا پر محبت ۾ فرق نه آيو. جيني جو ڀاءُ وزير داخلا هو، هن جيني کي خط ۾ لکيو ته ”توهان وطن واپس اچي وڃو آءُ توهان جي سار لهندس “ پر غيرتمند ڀيڻ وراڻيو ته ”آءُ مارڪس ۽ ان جي انقلابي جذبي سان شادي ڪئي آهي، جي جرمني ۾ ڪارل ماڪس ۽ سندس انقلابي جذبي لاءِ جڳهه ناهي ته مون کي اهڙو جرمني نه گهرجي.“ ڪارل مارڪس تقريبن هڪ سال بون يونيورسٽيءَ ۾ گذاريو پر پوءِ پي ءُ جي حڪم تي برلن يونيورسٽي ۾ داخلا ورتائين، جڏهن ته هن کي برلن سخت ناپسند هو. تعليم کان جيڪو وقت بچندو هو ان وقت ۾ هو نظم لکندو هو، انهيءَ سال جي اندر نظم جا ٽي ڪتاب ”پنهنجي پياري جيني“ جي نالي ڪيائين. انهن مان ڪجهه نظم 1838ع ۾ هڪ مقامي رسالي ۾ به ڇپيون، مارڪس جي سڀ کان پهرين لکڻي ئي نظم هيون پر ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ مارڪس کي اهو اندازو ٿيو ته هو شاعري جي ميدان جو مرد نه آهي، تنهن ڪري هو پنهنجو گهڻو وقت فلسفي ۽ قانوني جي مطالعي ۾ گذارڻ لڳو، مارڪس جيڪو ڪجهه پڙهندو هو، اهو خطن جي ذريعي پنهنجي پي کي ٻڌائيندو هو ۽ ان جو پي ان کي پنهنجي مشوري سان آگاهه ڪندو هو ۽ ان خطن ۾ (جيڪي هاڻ انگريزي ۾ ڇپجي چڪا آهن) اها گذارش ڪيل هوندي هئي ته تون پنهنجي پسند جا مضمون پڙهجانءِ ۽ پاڻ کي منهنجي مشورن جو غلام هرگز نه بنائجانءِ، انهن خطن ۾ عالمي بحث پڻ ٿيل هوندو هو، انهن خطن مان هڪ خط ۾ لکيل هو: ”آءٌ تصور جي دنيا کان اڳتي اچي چڪو آهيان، تصور مان مراد منهنجو ڪانٽ ۽ فخيتي سان آهي، ڇاڪاڻ ته آءُ تصور پرستي جو جذبو انهن مان حاصل ڪيو پر هاڻ حقيقت جي لاءِ جستجو ڪري رهيو آهيان“ ڪارل مارڪس شروعاتي ڏينهن ۾ هيگل کي تمام گهڻو پڙهندو هو، ڇاڪاڻ ته هيگل تمام وڏو ذهن رکندو هو، شايد ئي ڪوئي اهڙو علمي يا سماجي مسئلو هوندو، جنهن جي باري ۾ هيگل پنهنجي فلسفي ۾ بحث نه ڪئي هئي، لاجڪ، تاريخ، مذهب، انقلاب، سياست، سائنس ۽ جماليات سڀني تي هيگل جون لکڻيون موجود آهن، جنهن زماني ۾ ڪارل مارڪس برلن يونيورسٽي ۾ داخل ٿيو تڏهن هيگل جي شهرت عروج تي هئي، سڄي شهر ۾ هيگل ڪلب قائم هئا، ڪيترائي استاد، ڪالم نگار ايتري قدر جو سرڪاري آفيسر به پنهنجو پاڻ کي هيگل جا پوئلڳ چوندا هئا ۽ فخر محسوس ڪندا هئا.

مارڪس 1841ع ۾ پنهنجي ڊاڪٽري مارچ ۾ مڪمل ڪئي ۽ اپريل ۾ ان کي ڊگري ملي وئي، ڪجهه عرصو گذرڻ کانپوءِ جڏهن مارڪس پاڻ فلسفي جو ماهر ٿيو، تڏهن هو ان نتيجي تي پهتو ته هيگل جو فلسفو هڪ عظيم خواب آهي، جنهن ۾ انسانذات خود خدا بنجي وڃي ٿي پر هيگل انسان کي فقط خيالي سير ڪرائي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي لکڻين ۾ هڪ ڪائنات وجود ۾ آندي آهي، پر حقيقت ان خيالي دنيا کان بلڪل مختلف آهي، اها فلسفي جي دنيا نه آهي، انسان پنهنجي ذهن ۾ ڪائنات ته بلڪل ٺاهي آهي پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان کي حقيقت جي شڪل ڪيئن ڏجي، ان جدوجهد ۾ ڪنڊن جي وڻ آهي ۽ ان ۾ نيم دلي يا سمجهوتن سان ڪم ڪونه هلندو.

مارڪسزم ۾ مارڪس جو اهو پهريون جرت وارو ڪم هو، ان مان صاف ظاهر آهي ته مارڪس زندگيءَ جي بيزار ڪندڙ حقيقتن کان بيزار آهي ۽ انهن کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿو ته انسان آزادي ۽ خودمختياري ۾ ترقي ڪري سگهي، مارڪس جي زندگي جي عملي شروعات اخبار نويسي سان ٿي، جڏهن ته ان جي دلي خواهش هئي ته هو بون يونيورسٽي ۾ فلسفو پڙهائي.

برونوبائر اتي پهرين کان موجود هو ۽ ڪارل مارڪس کي عرض ڪندو هو ته تون جلد پنهنجون موجوده لکڻيون بند ڪري هتي اچ ته جيئن پاڻ ٻئي ملي ڪري هڪ فلسفي جو پرچو ڪڍون. مارڪس جو خواب مٽي ۾ ملي ويو ۽ هو ڊاڪٽري جي ڊگري کڻي ٻه مهينا ٽرائر ۾ گذاري واپس بون پهچي ويو. بون ۾ پهچڻ وقت ئي مارڪس پهرين سياسي مضمون ”سينسرشپ جي تازي ترين هدايت“ تي لکيو، ان ۾ ڪارل مارڪس لکيو آهي ته :”عوامي تنقيد سچي سينسرشپ آهي، عوامي تنقيد اها عدالت آهي، جيڪا آزاد پريس سان وجود ۾ اچي ٿي“

ان کان اڳيان ڪارل مارڪس لکيو آهي ته ”آءُ سچائي جي ملڪيت آهيان، سچائي منهنجي ملڪيت ناهي، منهنجي ملڪيت نه فقط اهو انداز بيان آهي، جيڪو منهنجي روحاني انفراديت آهي، بي شڪ قانون مون کي لکڻ جي اجازت ته ڏي ٿو پر اهڙي طريقي سان نه جهڙي طريقي سان آءُ چاهيان ٿو، آءُ پنهنجو روحاني چهرو خوشي سان ڏيکاريان پر پهريان ان کي سرڪاري سانچي ۾ وجهان، ڪير اهڙو هوندو، جيڪو ان تي شرم محسوس نه ڪري، سچائي منزل به آهي ۽ منزل تي پهچڻ جو رستو به، سچائي جي تلاش به سچي هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سچي تلاش خود ترقي يافته سچائي آهي“

مارڪس جا مضمون جرمي جي فيوڊل حڪومت تي ٻن منهن واري تلوار جيان ثابت ٿيا، اهڙي طرح جمهوريت پسند حصن ۾ ”رهائشن زائي تون“ (اها اخبار جنهن ۾ مارڪس لکندو هو) جي مقبوليت وڌندي پئي وئي، اهڙي طرح ٻين اخبارن کي به حڪومت تي تنقيد ڪرڻ جو موقعو ملي ويو، حڪومتي سينسرشپ جون پابنديون اڃا وڌيڪ وڌيون پر مارڪس جو قلم تڏهن به نه رڪيو ۽ آخر ڪار 1843ع ۾ بادشاهه جي صدارت ۾ ٿيل ڪابينه ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته اگر اخبار ”رهائشن زائي تونگ“ جو مالڪ ڪارل مارڪس کي اخبار کان الڳ نٿو ڪري ته اخبار بند ڪئي وڃي ۽ جڏهن مارڪس کي ان ڳالهه جي خبر پئي ته هن 17 مارچ 1843 ۾ اخبار ”رهائشن زائي تونگ“ کان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ”رهائشن زائي تونگ“ جي ايڊيٽري جي دوران مارڪس کي سينسرشپ جو وڏو تجربو ٿيو ۽ مارڪس هن نتيجي تي پهتو ته جرمني ۾ رهي ڪري نه ته لکڻ جو ڪم ٿي سگهي ٿو ۽ نه سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺي سهگجي ٿو، انهن ڏينهن ۾ مارڪس جي مالي حالت تمام خراب هئي، 1843 ع ۾ 19 جون تي مارڪس جي شادي ٿي، فرست جي ڇهه مهينن جو مارڪس، برطانيا، آمريڪا، جرمني، اٽلي، فرانس ۽ خاص طور انقلاب فرانس جي تاريخ جو گهرو مطالعو ڪيو، انهي سان گڏو گڏ ٻين سياسي نظرين، ميڪيا ويلي، مانڻسڪيو، روسو ۽ ٻين سياسي نظرين کي به غور سان پڙهيو.

جنهن ڏينهن ۾ مارڪس اقتصاديت، ڪميونزم ۽ انقلاب فرانس جي تاريخ جو مطالعو ڪري رهيو هو، تڏهن هڪ جرمني جو ڊگهي قد جو نوجوان مانچسٽر مان پيرس آيو ۽ ڏهه ڏينهن تائين مارڪس جو مهمان ٿي رهيو، ان نوجوان جو نالو فريڊرڪ اينگلز هو، اينگلس هڪ ڀيرو اڳ به مارڪس سان مليو هو، جڏهن مارڪس ”رهائشن زائي تونگ“ جو ايڊيٽر هو. انهيءَ دوران اينگلس جيڪي ڪالم لکيا هئا، اهي مارڪس جي نظرن مان گذريا هئا ۽ مارڪس انهن کي پسند به ڪيو هو. دراصل اهي مضمون ئي سندن وچ ۾ دوستي جو سبب بڻيا. مارڪس پهريون ڀيرو هڪ اهڙي شخص سان مليو هو، جنهن جا نظريات سو سيڪڙو مارڪس سان ملندا هئا ۽ اهڙي طرح اها دوستي وجود ۾ آئي، جيڪا مرندي دم تائين زنده رهي.

مارڪس کي جنوري 1845ع ۾ فرانس کان نڪرڻو پيو، جنهن جي وجه هئي ته جرمن هڪ سياسي رسالو ”ووروارٽس“ ڇاپيندا هئا، مارڪس به ان ۾ ڪڏهن ڪڏهن لکندو هو، پروشيا جي حڪومت فرانسي حڪومت کي رسالي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ان سان وابستا سڀني جرمنن کي ملڪ بدري جو حڪم ڏنو. ڪافي ليکڪن معافي وٺي پنهنجي جان بچائي پر ڪارل مارڪس جي غيرت ان کي هي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ۽ تڏهن ڪارل مارڪس برسلسز (بيلجيم) اچي ويو، جڏهن ته اتي ان جو ڪوبه معاشي ذريعو نه هو ۽ تڏهن ڪارل مارڪس جي بکي رهڻ جا ڏينهن شروع ٿيا، جيڪي ڪڏهن ختم نه ٿيا. مارڪس جي روحاني تعليم انقلاب فرانس جي درسگاهه ۾ ٿي هئي، ڪميون جي شڪست کانپوءِ مزدور تمام ڏکيائون ۽ ظلمن جو منهن ڏٺو، مارڪس انهن جي شدت محسوس ڪئي ۽ تمام گهڻي ڀڄ ڊڪ ڪرڻي پئي، جنهن جو مارڪس جي صحت تي تمام گهڻو اثر پيو، نتيجو اهو نڪتو ته پراڻو جگر جو سور وري موٽي آيس ۽ سور ۽ دورا پوڻ لڳس، ڊاڪٽر چار ڪلاڪ کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ڏني، پر مارڪس ڊاڪٽرن جي ڪڏهن نه ٻڌندو هو پر اينگلس جي چوڻ تي هو چيڪو سلواڪيا جي صحت گاهه ”ڪالس باد“ وڃڻ لاءِ راضي ٿيو، ڪالس باد جي هڪ مهيني ۾ ٽريٽمينٽ سان مارڪس کي ڪافي فائدو ٿيو ۽ پوءِ هو مسلسل ٽي سال اتي ويندو رهيو، ان سفر ۾ مارڪس جي ڌي ”اي ليز“ جيڪا سڀني کان ننڍي هئي، ساڻس گڏ هوندي هئي، انهي سفر دوران مارڪس پنهنجي مٽ مائٽ ۽ دوستن سان به ملاقات ڪندو هو، جيڪي هيمبرگ ۽ دريسٽن ۾ رهندا هئا.

آخري سفر ۾ مارڪس اي ليز کي اهي جايون به ڏيکاريون، جتي مارڪس اي ليز جي ماءُ جيني سان شادي جا شروعاتي ڏينهن گذاريا هئا. حالتن مارڪس کي وقت کان اڳ پوڙهو ڪري ڇڏيو، پر ان جي سياسي سرگرمي ۾ ڪابه ڪمي پيشي ڪانه آئي ۽ نه ئي لکڻ پڙهڻ جي عادت ۾ ڪا ڪمي آيس. مارڪس برطانيا، آمريڪا، جرمني، اسپين، اٽلي، روس، فرانس ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن جي تحريڪن سان رابطي ۾ رهندو هو ۽ خطن ۽ مضمونن جي ذريعي انهن کي مشورا ڏيندو هو.

هاڻي مارڪس جي حيثيت پنهنجن ۽ پراون ٻنهي جي نظر ۾ بين القوامي ڪميونسٽ تحريڪ جي قائد جي هئي ۽ هو پنهنجو اهو فرض بهترين نموني ادا ڪندو هو، انهيءَ دوران ۾ مارڪس نئين نئين ڪتابن جو خاڪو به تيار ڪري ڇڏيو هو، جنهن مان اهو ظاهر ٿو ٿئي ته هو هڪ جمع تاريخ جو ارادو رکي پيو. مارڪس کي برصغير جي مسئلن ۾ وڏي دلچسپي هئي ۽ انهي جي تاريخ لکي رهيو هو، بلڪه مسلمانن جي فاتحن کان 1857ع تائين جي حالتن تي هڪ نوٽ تيار ڪري چڪو هو پر موت اجازت نه ڏني. انهيءَ دوران ۾ ان جي زال جيني بيمار ٿي وئي، ڊاڪٽرن پهرين ته جگر جي خرابي ٻڌائي پر پوءِ خبر پئي ته جيني کي ڪينسر آهي، جيني جي بيماري جو مارڪس تي ايترو اثر ٿيو هو جو مارڪس پنهنجي بيماري وساري ڏينهن رات جيني جو خيال رکڻ لڳو پر جيني کي نه بچڻو هو نه بچي ۽ ۲ ڊسمبر 1881ع ۾ ان جو موت ٿيو.

پنجيتاليهه سالن جي محبت جو اهڙو سلو مارڪس کي پنهنجي سوڳ ۾ وڪوڙي ويو، جنهن جو مارڪس تي صدمو ويهجي ويو، مارڪس جي ڌيئرن ۽ دوستن مارڪس جي دل بهلائڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي، مارڪس ڪجهه ڏينهن پنهنجي وڏي ڌي سان رهيو ۽ ان جي ٻارن سان کيڏندي پنهنجي دل بهلائيندو رهيو ۽ پوءِ جڏهن ڪجهه صحتياب ٿيو ته فرانس کان واپس لنڊن اچي ويو ۽ پنهنجي ڪمن ۾ مصروف ٿي ويو، پر اڃا مارڪس جو مزاج پوري طرح بحال نه ٿيو ته خبر ملي ته سندن ڌي بيمار آهي، مارڪس اڃا هن وٽ وڃڻ جي تياري ۾ ئي هو ته خبر ملي ته ڌي لاڏاڻو ڪري وئي، جيڪا اڃا صرف 38 سالن جي هئي، ڌي جي لاڏاڻي مارڪس جي رهي سهي قوت به ختم ڪري ڇڏي ۽ هاڻي مارڪس سخت بيمار ٿي پيو ۽ ڦڦڙ به ڪم ڇڏڻ لڳا، ايتري قدر جو کير کان سواءِ ڪابه شي نڙي کان هيٺ نه لهندي هيس.

14 مارچ تي تقريبن اڍائي بجي ڏينهن جو ملازم ڪمري ۾ آئي ته ڏٺائين ته مارڪس نيم بيهوشي جي حالت ۾ ڪرسي تي ويٺل آهي، ملازم هيٺ وڃي اينگلس کي ٻڌايو، اينگلس ڀڄندو آيو ۽ ڏٺائين ته مارڪس ننڊ ۾ پيل آهي پر اهڙي ننڊ جنهن کان ڪوئي ڪڏهن سجاڳ نه ٿي سگهيو آهي. مارڪس جي لاش کي 17 مارچ 1883 ع تي هائي گيٽ جي قبرستان ۾ سندس گهرواري جيني جي پاسي ۾ دفنايو ويو، انهيءَ موقعي تي اينگلس پنهنجي سڀني کان پياري دوست ۽ دنيا جي عظيم انقلابي کي الوداع چوڻ لاءِ هي لفظ ڳالهايا: ”جهڙي طرح ڊارون نيچر جي قانون کي دريافت ڪيو، اهڙي طرح مارڪس انسان جي تاريخ جي ارتقا جي قانون کي دريافت ڪيو“ جيئن ته مارڪس سڀ کان پهريون انقلابي هو، پوءِ ڪجهه ٻيو ته هن جي زندگي جو مقصد سرمائيدارانه معاشري ۽ ان کي قائم ڪندڙ رياستي ادارن جون پاڙون ڪڍڻ ۽ موجوده مزدور طبقي جي جدوجهد ۾ شريڪ ٿيڻ هو. مارڪس جي وفات کانپوءِ اينگلس ٻارنهن سال زنده رهيو، اينگلس پنهنجو گهڻو وقت تنظيمي ڪمن ۾ وقف ڪندو هو، مئي 1894ع ۾ اينگلس جو گلو سڄڻ لڳو ۽ ڊاڪٽرن کان اهو معلوم ٿيو ته اينگلز ڪينسر ۾ مبتلا آهي. جولاءِ جي آخري ڏينهن ۾ ان جي طبيعت خراب ٿي وئي ۽ ۵ آگسٽ 1895ع ۾ اينگلس به لاڏاڻو ڪري ويو، وصيت مطابق ان جي لاش کي ساڙيو ويو ۽ ان جي رک ايسٽ بورن جي ويجهو سمنڊ ۾ وهائي وئي.

مارڪسزم صرف آخري يا ڪامل دين هجڻ جي دعويٰ نٿو ڪري، بلڪه ان زندگي کي سمجهڻ ۽ نئين زندگي جي قوتن کي اڳتي وڌڻ ۾ انسان لاءِ هڪ مشعل آهي، ان ۾ زندگي جي تجربن ۽ ضرورتن جي پيش نظر اضافا ٿي سگهن ٿا ۽ ٿيندا رهندا آهن. نظريو ڪهڙو به هجي، سوشلزم يا فاشزم اهو عير مشروط اطاعت جي گهر ڪري ٿو. هر نظريئي جو ڪو نه ڪو ناخدا هوندا آهي، جنهن جو ان نظريئي تي عمل ڪرڻ واري کي حڪم مڃڻو پوندو آهي. هر نظريو صحيح راهه ڏيکارڻ دعوا ڪندو آهي ته هن نموني سان ابدي ڇوٽڪارو ماڻي سگهجي ٿو. ان ڪري نظريئي ۽ ڌرم ۾ تمام گهٽ ئي فرق آهي.

مارڪس ۽ فرانسيسي سوشلسٽ وڪٽر ڪونسيڊرنٽ[سنواريو]

مارڪس 1848ع ۾ جيڪو ڪميونسٽ منشور لکيو ان ۾ مارڪس جا ذاتي خيالَ شامل نه هئا بلڪي نومبر 1847ع ۾ لنڊن ۾ ڪميونسٽ ليگ جي اجلاس ۾ مارڪس ۽ اينگلز کي پارٽيءَ جو نظرياتي منشور لکڻ جي ذميواري ڏني وئي ۽ هڪ سال کان پوءِ منشور لکجڻ کان پوءِ ان کي ڇپايو ويو. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن ان منشور ۾ مارڪس جا ذاتي خيال نه هئا ته پوءِ ان کي مارڪس جي لکڻي ڪيئن چئي سگهجي ٿو.

فرانسيسي سوشلسٽ وڪٽر ڪونسيڊرينٽ 1843ع ۾ سوشلزم جا اُصول؛ اڻويهين صدي جي جمهوريت جو منشور (Principles of Socialism: Manifesto of Democracy of the Nineteenth Century) جي عنوان سان فرانسيسي ٻوليءَ ۾ مقالو لکيو، جنهن جو ٻيو ايڊيشن 1847ع ۾ پيرس ۾ ڇپيو يعني مارڪس جي ڪميونسٽ منشور کان هڪ سال پهرين. انهن ڏينهن ۾ مارڪس، اينگلز سان گڏ پيرس ۾ هئو. 147 صفحن واري ان پمفليٽ ۾ وڪٽر ڪونسيڊرنٽ، سوشلزم جا سڀئي اُصولَ لکيا. مارڪس ۽ اينگلز 1848ع ۾ جيڪو منشور لکيو ان جو نظرياتي مواد اصل ۾ ڪونسيڊرنٽ جي پمفليٽ تان ورتل آهي، ايستائين جو مارڪس جو لکيل منشور جو مواد به ڪونسيڊرنٽ جي لکڻيءَ جي کچڻي آهي.

وڪتر ڪونسيڊرنٽ باب ٻيئي جو عنوان هنيئن رکيو هو؛ The Present Situation & 89; The Bourgeoisie & Proletrains جڏهن ته مارڪس ۽ اينگلز، ان باب جو عنوان The Bourgeois & Proletarians رکيو. ڪونسيڊرنٽ پنهنجي پمفليٽ ۾ جمهوريت تي ٽيڪاٽپڻي ڪئي ۽ سوشلسٽ جمهوريت تي هي عنوان ترتيب ڏنا. 1. جامد جمهوريت، 2. مزاحمتي جمهوريت، 3. مزاحمتي جموريت ۾ سوشلسٽ پارٽي. ٻئي پاسي، جڏهن مارڪساهو مواد اتان کنيو ته ان جا عنوان تبديل ڪري نوان عنوان هي رکيا. 1. رجعت پسند سوشلزم، 2. قدامت پرست ۽ بورزوا سوشلزم، 3. تنقيدي تصوراتي سوشلزم ۽ ڪميونزم. انٽوني سي سٽن، پنهنجي ڪتاب فيڊرل ريزرو ڪنسپائريسي ۾ ۽ ڊبليو ڪيرڪيسوف پنهنجي لکڻي Pages of Socialist History ۾ مارڪس جي ان عمل تي ٽيڪاٽپڻي ڪئي آهي.

انهن ڪتابن ۾ اهو به ڄاڻايل آهي ته مارڪس کي سرمائيدارن طرفان مالياتي مدد حاصل هئي، ڇو جو مارڪس جو ذاتي آمدنيءَ جو ٻيو ڪو ذريعو نه هو. ڪميونسٽ منشور جي ڇپائي، مارڪس ۽ اينگلز جي خرچن جا پئسا جرمني ۽ آمريڪا جي مٿيئن طبقي وٽان ايندا هئا. ڪميونسٽ منشور جي ڇپائي جي لاءِ جين لافٽي جي ذريعي مالي مدد مارڪس کي پهچائي ويندي هئي. مارڪس کي ملڻ واري مالي مدد جا تفصيل Stanley Clisby Arthur جي ٻن ڪتابن Jean Laffite, The Gentleman Rover ۽ The Journal of Jean Laffite ۾ موجود آهن ۽ انهن ڪتابن ۾ ڪميونسٽ منشور جي ڇپائي جي خرچن جو طريقيڪار ۽ انهن جا اصلي ڪاغذ ڏسي سگهجن ٿا.

ڪارل مارڪس کي آمريڪا مان به سدو سنئون مالي مدد ملندي هئي. مارڪس جي مالي مدد جو ذريعو نيو يارڪ ٽائمز هئي. هن اخبار جي ايڊيٽر چارلس اينڊرسن ڊانا، نيو يارڪ ٽائمز ۾ لکڻ لاءِ ڪارل مارڪس جون خدمتون حاصل ڪيون هيون. 1851ع کان وٺي 1861ع تائين مارڪس، نيو يارڪ ٽائمز جي لاءِ پنج سئو کان وڌيڪ مضمون لکيا. جن لاءِ مارڪس کي وڏيون رقمون ڏنيون ويون. ساڳي طرح مارڪس جي مالي مدد، فريڊرڪ اينگلز ۽ پروشيا جي مالدارن طرفان به ڪئي ويندي هئي. پروشيا جي ويسٽ فالن خاندان ۾ مارڪس جي شادي ٿي، توڙي جو اهو خاندان مالدارن (اشرافيا) جو نمائندو هو، پر ان جي باوجود به ويسٽ فالن خاندان مارڪس جي مدد ڪندو رهيو.

مارڪس جيڪڏهن پنهنجي منشور جي مواد وڪٽر ڪونسيڊرنٽ جي پمفليٽ مان حاصل ڪيو هو ته پوءِ مارڪس کي ان جو ڪريڊٽ به ڪونسيڊرنٽ کي ڏيڻ گهرجي ها. تاريخي حقيقتن مان ڄاڻ ملي ٿي ته مارڪس سان لاڳاپيل منشور رڳو سندس ذهن جي تخليق نه هو بلڪي ان منشور کي هڪ اهڙي لکڻيءَ تان ورتو ويو هو، جيڪا پوءِ تاريخ جي اُمائوس راتين ۾ گم ٿي وئي. کاٻي ڌر جي سياسي پارٽين ۽ مارڪسزم جي مڃڻ وارن لاءِ هي نئين تحقيق نه رڳو حيران ڪندڙ ٿي سگهي ٿي، بلڪي اهي هن کي سرمائيدارڻي نظام جي ڪميونزم جي خلاف شازش به قرار ڏئي سگهن ٿا. [1] [2]

Incomplete-document-purple.svg ھي ھڪ ڪچو مضمون آھي۔ توھان ھن ۾ اضافو ڪري وڪيپيڊيا کي سنواري سگھو ٿا۔


حوالا[سنواريو]

  1. http://www.dawnnews.tv/news/1027059
  2. ڪیا کارل مارکس بھی چربہ ساز تھا؟ اکمل سومرو