بني اسرائيل
ڏيک
بني اسرائيل (Israelites؛ عبرانی: בני ישראל؛ Bnei Yisra'el)[1] قديم ڪنعان جي علائقي ۾ رھندڙ سامي قبيلو ھو.[2][3][4][5][6] تفھيم القرآن مطابق "اسرائيل" لفظ جي معني عبدالله يا خدا جو بندو آھي ۽ اھو پيغامبر يعقوب عليہ السلام جو خدا طرفان ڏنل لقب ھو ۽ سن پيغمبر جي نسل کي بني اسرائيل چيو ويندو آهي.[7] يھودين جو بہ ساڳيو خيال آهي تہ بني اسرائيل پيغمبر يعقوب جي اولاد کي چوندا آهن. انھن جي صحيفن مطابق ابراھام (ابراھيم) ۽ ان جي زال سارہ کي آئزڪ (Isaac) پٽ ڄائو آهي جنھن کي مسلمان اسحاق سڏين ٿا. ان آئزڪ کي پنھنجي زال ريبيڪا (Rebecca) مان جيڪب (Jacob) نالي پٽ ڄائو جنھن کي مسلمان يعقوب سڏيندا آهن. ان جيڪب کي پنھنجي ٻن زالن ليئہ (Leah) ۽ ريچل (Rachel) مان ٻارھن پٽ ڄاوا جن مان ٻارھن قبيلا ٿيا جن کي مسلمان بني اسرائيل ۽ يھودي اسرائيلي سڏيندا آھن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Israelite". [[Random House Webster's Unabridged Dictionary]].
- ↑ Finkelstein, Israel. "Ethnicity and origin of the Iron I settlers in the Highlands of Canaan: Can the real Israel stand up?." The Biblical archaeologist 59.4 (1996): 198–212.
- ↑ Finkelstein, Israel. The archaeology of the Israelite settlement. Jerusalem: Israel Exploration Society, 1988.
- ↑ Finkelstein, Israel, and Nadav Na'aman, eds. From nomadism to monarchy: archaeological and historical aspects of early Israel. Yad Izhak Ben-Zvi, 1994.
- ↑ Finkelstein, Israel. "The archaeology of the United Monarchy: an alternative view." Levant 28.1 (1996): 177–87.
- ↑ Finkelstein, Israel, and Neil Asher Silberman. The Bible Unearthed: Archaeology's New Vision of Ancient Israel and the Origin of Sacred Texts. Simon and Schuster, 2002.
- ↑ { تفھيم القرآن، جلد 1 ، صه 70 ، مولانا ابوالاعلي مودودي، ادارہ ترجمان القرآن لاھور}