ڊيموڪريٽس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊيموڪريٽس جو نمونو

ڊيموڪريٽس:Democrates : (/dɪˈmɒkrəˌtz/ ھڪ يوناني فلاسافر ھيو. اوائلي دور ۾ فلسفي صرف جسماني شين سان واسطو ٿي رکيو. ان مادي جي دنيا تي نظر ٿي وڌي ۽ سوال ٿي اٿاريو ته شين جو قطعي ۽ ناقابل تبديلي ترڪيبي جزو ڪهڙو آهي. خيال جي هن لاڙي جو فطري خاتمو ڊيموڪريٽس (Democritus) (460- 3600 ق. م) جي ماديت واري فلسفي تي ٿيو، جنهن موجب ”درحقيقت جوهرن (Atoms) ۽ خلا (space)کان سواءِ ٻيو ڪي ڪين آهي.“ هيءَ يونان فڪر جي مکي ڌارائن مان هڪ اهم ڌار هئي. افلاطون جي زماني ۾ اها ڌارا ڍڪجي ۽ دٻجي ويئي، پر ايپيڪيورس (Epicurus) (342 – 2700 ق.م) جي وقت ۾ اُها وري ظاهر ٿي ۽ ليوڪريٽيئس (Luicretius) (98- 555 ق.م) جي هٿن ۾ ۽ زبان تي هيءَ ڌارا فصاحت ۽ بلاغت جي جوشيلي درياء وانگر ٻيهر وهڻ لڳي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Philosophy/Book4/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد){ڪتاب : فلسفي جي ڪھاڻي؛ ليکڪ: ول ڊيورنٽ}