سقراط

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سقراط
(قدیم یونانی ۾: Σωκράτης خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
Socrates Louvre.jpg 

معلومات شخصيت
ڄم سنه 469 ق م[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت 15 فيبروري 399 ق م[2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
عملی زندگی
نمايان شاگرد افلاطون  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شاگرد (P802) وڪي ڊيٽا تي
پيشو فلسفي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ويب سائٽ
IMDb logo.svg IMDB تي صفحو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو IMDb ID (P345) وڪي ڊيٽا تي

سقراط سنگ تراش سوفرونڪس ۽ دائيءَ فيتيريتي جو پٽ هو. جنهن ايٿينز جي رواج جي ابتڙ پيءُ جي ڌنڌي ڪرڻ کان نابري واري، ۽ سچ جو مبلغ ٿيو. هو اڄ کان چويهه سو سال اڳ جي ايٿينز، يونان جو رهواسي هو. جڏهن سائنس، ڊرامي ۽ شاعري ۾ هومر، فيثاغورث، پنڊار، سوفوڪليز، ليان، هيسئڊ، جارجيس، يوريپڊيز، ايمپي ڊوڪليز، انڪثا غورث، ارسٽو فينز ۽ ايگاٿن وغيره پنهنجو وارو وڄائي چڪا هئا. سقراط انهن مان ڪيترو لاڀ پرايو سا ڳالهه افلاطون جي سقراط سان منسوب ڪيل مڪالمن ۾ ڏسي سگهجي ٿي.


سقراط خيال پرست فلسفي هو. هو هڪ طرح توحيد جو قائل هو، سندس چوڻ هو ته سڀ ديوتا نيڪي جا خواهان آهن. سقراط کي خبر هئي ته قديم شاعرن جي شاعري يونان ۾ مقدس ليکي وڃِي ٿي پر هن ڪڏهن به پنهنجو پاڻ تي ايمان آڻڻ جي ڳالهه نه ڪئي جڏهن ته ڪريفن جو ڊلفي وارو حوالو به وٽس هو.

هن جي دلچسپي چنڊ ستارن سان نه هئي، نه ئي هو هڏين ۽ گوشت جي ٺهيل انسان کي اهميت ڏئي ٿو. هن لاءِ زمين سج کي ڦري ٿي يا سج زمين کي ڦري ٿو ڪابه اهميت نٿا رکن ۽ نه ئي رت جي گردش يا هڏين جي بناوٽ هن لاءِ اهم آهن. هو ته اوچا آدرش رکندڙ هو. هن جو واسطو جسم سان نه پر ذهن يا روح سان هو. سندس نظر ۾ سچ ۽ نيڪي جي جستجو ئي سڀ کان اتم آهن.

سقراط سڄي حياتي انهن سوالن جي کوج ۾ گذاري ته ڪائنات ڇا آهي؟ دنيا ڇو پيدا ٿي؟ انسان جي وجود جو ڪارڻ ڇا آهي؟ نيڪي ڇا آهي؟ سچ ڇا آهي؟ وغيره. سقراط سڄي عمر رڳو ڳالهيون ڪندو رهيو ۽ هڪ لفظ به نه لکيائين ۽ نه ليڪچر ڏنائين. هن جون ڪچهريون روايتي انداز واريون هونديون هيون. ڪڏهن ورزش گاهه ۾، ڪڏهن بازار ۾، ڪڏهن ڪنهن محفل يا دعوت ۾، ڪڏهن ڪنهن دڪان تي، بس هن جو وقت ائين گذرندو رهيو. اسان وٽ سندس خيال افلاطون ۽ زينوفن ذريعي پهتا آهن.

جڏهن سقراط لاءِ موت جي سزا جو اعلان ڪيو ويو، ته کيس دوستن ۽ شاگردن صلاح ڏني ته فرار ٿي وڃ پر سقراط ان ڳالهه کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن جو چوڻ هو ته جن قانونن کي اسان جوڙيو آهي انهن قانونن کان ڪيئن ٿو فرار ٿي سگهجي. مان ستر سالن جو آهيان مرڻو ته هوئين به آهي پوءِ ڇو نه شان سان مران. سقراط موت جي سزا جي فيصلي اچڻ کان اڳ چيو هو ته، ”منهنجي دعا آهي ته ديوتا ۽ عدالت اهڙو فيصلو ڏين جنهن ۾ منهنجي به ڀلائي هجي ۽ توهان جي به.“

عدالتي ڪاروائي ۾ فيصلو راءِ شماري جي ذريعي ٿيو ۽ سقراط کي موت جي سزا جو حقدار قرار ڏنو ويو. ان دور جي رواج مطابق سقراط کي زهر جو پيالو پي پنهنجو انت آڻڻو هو. پوءِ سقراط کي بنديخاني ۾ وڌو ويو

زهر جو پيالو پيئڻ کان اڳ سقراط پهريان غسل ڪيو، پوءِ ڪجهه وقت لاءِ پنهنجي زال زانپٽي ۽ ٻين عورتن سان ڪچهري ڪئي. جڏهن جيلر زهر جو پيالو سقراط حوالي ڪيو ته سندس همدرد غم زده ٿي ويا تڏهن سقراط کين چيو، ”مون عورتن کي ان ڪري ئي ٻاهر موڪليو آهي ته جيئن اهي اهڙي غلطي نه ڪن اوهان به پنهنجو پاڻ تي قابو رکو ۽ صبر کان ڪم وٺو.“

زهر جي پيالي پيئڻ کان پوءِ سقراط ٿوري دير تائين پسار ڪندو رهيو. پوءِ هو ڪمبل ويڙهي ليٽي پيو. پر وري ٿوري دير کان پوءِ هن آخري ڀيرو ڳالهيو، ”ڪرائٽو اسان تي واجب آهي ته هڪ ڪڪڙ شفا جي ديوتا جي نالي تي قربان ڪريون. ڇا تون اها قرباني ڏيندين؟ متان وساري ڇڏين.“ ٻئي ڏينهن ڪڪڙ جي قرباني ڏني وئي. ڪرائٽو لکي ٿو، ”اسان سقراط جي جسم کي دفن ڪري ڇڏيو. منهنجو خيال آهي ته سقراط بذات خود موجود نه هو، پر مون کي يقين آهي ته هي جتي به آهي خير سان آهي.“

سقراط جي گھرو زندگي[سنواريو]

شايد ئي ڪنهن کي خبر هجي ته افلاطون جو ھي استاد ڪيئن زندگي بسر ڪندو هو، هن ڪڏهن به ڪو پورهيو ڪونه ڪيو، ۽ هن کي آئينده جو ڪوبه خيال ڪونه هوندو هو. جڏهن سندس پوئلڳ کيس دعوت ڏيندا هئا، تڏهن ئي کائيندو هو، انهن کي سندن سنگت ڏاڍي ڪا پسند هوندي هئي، ڇاڪاڻ ته خوراڪ جي ڪميءَ جا هن جي بدن توڙي صحت ۾ ڪڏهن به ڪي نشان ڏسڻ ۾ ڪونه آيا، پر کيس پنهنجي گهر ۾ ايتري عزت نه ملندي هئي – ڇاڪاڻ ته سقراط کي زال ۽ ٻارن جو ڪوبه اونو ڪونه هوندو هو. سندن زال، زئن ٿيپي (Xanthippe)، جي راءِ موجب، هو هڪ بيڪار ۽ ڪاهل مرد هو، جنهن پنهنجي گهر ’مانيءَ‘ کان وڌيڪ ’بدنامي‘آندي هئي. زئن ٿيپي کي به ڳالهائڻ جو اهڙو ئي شوق هوندو هو. جهڙو سقراط کي. انهن جي وچ ۾ ضرور دلچسپ گفتگو ٿي هوندي، جنهن جو بيان افلاطون پنهنجي تحرير ۾ نه آندو آهي، پر هن جي زال جي به بهرحال ساڻس محبت به هوندي هئي. جو ستر سالن جي عمر کان پوءِ به سندس موت کي صبر سان سهي نه سگهي.[3]

ڪردار ۽ ويچار[سنواريو]

سندس شاگرد، کيس ايتري عزت ڇو ڏيندا هئا؟ شايد ان ڪري، جو هو هڪ فلسفي به هو، ۽ هڪ سٺو انسان پڻ. هڪ دفعي، هن لڙائيءَ هلندي پنهنجي پاڻ کي جوکي ۾ وجھندي، السيبياڊس جي حياتي بچائي هئي. هو هڪ معتبر انسان وانگر شراب جا جام بي ڊپائيءَ ۽ حد اندر پيئندو هو. پر سڀ کان بهترين شيءِ جا هنن کي پسند هئي، سا هئي هن جي ڏاهپ ڀري نماڻائي. هن ڪڏهن به اها دعويٰ نه ڪئي ته هو عقلمند آهي. هن صرف اها دعويٰ ڪئي ته کيس حڪمت (فلسفي) سان پيار هو. هو حڪمت جو واپاري نه هو، مگر ان جو عاشق هو. ائين چيو ويندو هو ته، ڊيلفيءَ وٽ، غيبي آواز، غير معمولي هوشمنديءَ جو مظآهرو ڪندي، کيس سڀني يونانين کان وڌيڪ عقلمند قرار ڏنو هو. سقراط انهيءَ ڳالهه جي هيءَ تشريح ٿي پيش ڪئي، ته غيبي آواز سنس اگنان واد (Agnostic) جي تصديق ڪئي هئي، هن جي فلسفي جو ابتدائي نقطو پڻ اهو ئي آهي. هو چوندو هو: ”فقط هڪ ڳالهھ مان ڄاڻان ٿو، ۽ اُها هيءَ آهي ته مان ڪجهھ به نه ٿو ڄاڻان.“ فلسفو تڏهن شروع ٿئي ٿو، جڏهن انسان شڪ ڪرڻ سکي ٿو. خاص طرح جڏهن هو پنهنجن دلپسند اعتقادن، نظرين ۽ اصولن ۾ شڪ ڪرڻ شروع ڪري ٿو. ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڪهڙيءَ طرح انهن دلپسند اعتقادن، اسان جي اندر ۾، يقين جو روپ ورتو؟ ڇا اسان جي اندر جي ڪنهن ڳجھيءَ خواهش، مخفي طرح ته کين پيدا نه ڪيو آهي؟ ڇا اسان جي هِن يا هُن اعتقاد ۾، هڪ خواهش، خيال جو جامو ته نه پهريو آهي؟ حقيقي فلسفو ايستائين وجود ۾ ڪونه ٿو اچي. جيستائين مَن ڦري پنهنجو اندر نٿو جاچي، سقراط جو پهريون ۽ پويون سبق آهي ته ”پنهنجو پاڻ سڃاڻ.“ هن کان اڳ به ڪيترا فلسفي ٿي گذريا هئا. ٿيلس (Thales) ۽ هِرئڪلٽيس (heraclitus) جهڙا پختا ۽ طاقتور، ۽ ڪي تيز طبع ۽ گهري نظر رکندڙ، جيئن ته پارمينائيڊس (Parmenides) ۽ زينو (Zeno) ۽ ڪي فيثاغورث (Pythagoras) ۽ ايمپيڊ وڪلس (Empedocles) جهڙا اهل دل ۽ ڊگهي نظر وارا، پر اهي گهڻي قدر طبعياتي فلسفي هئا. اُنهن ٻاهرين شين جي رنگ ڍنگ يا فطرت کي جاچڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ۽ جسماني يا طبعياتي دنيا، جيڪا توري ۽ ماپي سگهجي ٿي، ان جي قاعدن ۽ جزن بابت معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، سقراط چيو ته اها ڳالهه ته بلڪل ٺيڪ آهي، پر فلسفين جي مطالعي لاءِ پٿرن ۽ وڻن ۽ تارن کان گهڻو گهڻو مٿي ۽ وڌيڪ لائق موضوع ٻيو آهي، ۽ اهو آهي انساني نفس يا من. انسان ڇا آهي، ۽ هو ڇا بنجي سگھي ٿو؟[4]

حوالا[سنواريو]

  • ڪتاب، ”سقراط“ ليکڪه ڪورا ميسن، سنڌي ترجمو: ظفر


  1. اجازت نامہ: CC0
  2. http://www.rubicon.hu/magyar/oldalak/kr_e_399_februar_15_szokratesz_kiissza_a_meregpoharat/
  3. http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Philosophy/Book4/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (help){ڪتاب : فلسفي جي ڪھاڻي؛ ليکڪ: ول ڊيورنٽ}
  4. http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Philosophy/Book4/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (help){ڪتاب : فلسفي جي ڪھاڻي؛ ليکڪ: ول ڊيورنٽ}