مواد ڏانھن هلو

مُک صفحو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وڪيپيڊيا تي ڀليڪار
سنڌي ۾ 18,338 مضمون آهن.

چونڊ مضمون

ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي 18 سيپٽمبر 2024ع تي ميرپور خاص جي سنڌڙي ٿاڻي جي حد ۾ توهين الزام هيٺ ماورائي عدالت پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو. 17 سيپٽمبر تي شاهنواز ڪنڀر مٿان بنا تصديق جي فيسبڪ پوسٽن ذريعي توھين رسالت جو الزام لڳايو ويو. جنهن سبب مقامي امام، صابر سومرو پاران هڪ آيف آئي آر داخل ڪرائي وئي. ايف آئي آر کان پوءِ شاهنواز کي عمرڪوٽ جي سول اسپتال ۾ سندس عهدي تان معطل ڪيو ويو. پوليس تي تنقيد تڏهن شروع ٿي، جڏهن ال خدمت فائونڊيشن پاران شاهنواز جي قتل ٿيڻ کانپوءِ عمرڪوٽ ۾ مذهبي جماعتن ۽ وڳوڙين سان گڏ پوليس آفيسرن، ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي، ايس ايس پي چوڌري اسد، ۽ پيپلزپارٽي جي ايم اين اي پير امير بخش جيلاني تي 5 مڻ کان وڌيڪ گل نڇاور ڪيا ويا. ان کان علاوه، ايس ايس پي آفيس ۾ ريڊ ڪارپيٽ وڇائي، انهن مٿان گل وڇايا ويا ۽ گلن جا هار پارايا ويا.

خبرن ۾

يحيٰ سنور
يحيٰ سنور


ڇا توھان ڄاڻو ٿا؟

سوفي جي دنيا جو جرمن ٻولي ۾ شايع ٿيندڙ ترجمي جو ڪور
سوفي جي دنيا جو جرمن ٻولي ۾ شايع ٿيندڙ ترجمي جو ڪور
  • ... تہ عورتن جو ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ مردن جي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کان ٻہ سال اڳ شروع ٿيو ھو؟
  • ... تہ قديم يوناني رياستن ۾ عالمن جو هڪ اهڙو گروهہ بہ ھو جيڪو معاوضي عيوض سياست، فن تقرير ۽ منجهيل معاملن تي سکيا ڏيندو هو. اهڙن پگهاردار عالمن کي سوفسطائي چيو ويندو هو؟
  • ... تہ نورواهہ ميان نورمحمد ڪلهوڙي کڻايو هو، جنهن تان مٿس نورواھہ نالو پيو.
  • ... تہ سنڌي ٻوليءَ جي پهرين فلم جو نالو ايڪتا هو، هيءَ فلم 1934ع ڌاري ٺهڻ شروع ٿي ۽ 1942ع ۾ مڪمل ٿي.
  • ... تہ سوفيءَ جي دنيا ناروي ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪامندڙ ناول آهي. هن ناول جو انگريزي ترجمو 1995ع ۾ شايع ٿيو، ان سال هي انگريزي جو وڌيڪ وڪامندڙ ڪتاب پڻ ثابت ٿيو.

اڄ جو قول

فلسفو ان وقت وجود ۾ آيو جڏهن انسان زمين جي پئداوار کي کاڌو ۽ بد هضمي جو شڪار ٿيو.

اڄ جو لفظ

0

اڪثر چيو ويندو آهي: آءٌ / آئون ڪنڊيارو مان پيو اَچان.
سنڌي ٻوليءَ جي ويڪارڻي سٽاءَ موجب، هينئن هئڻ گهرجن:
آءٌ / آئون ڪنڊياري مان پيو اَچان.
يا: هُو ڪالهہ ممبئي ويو، درست جملو، هو ڪالهہ ممبئيءَ ويو.


ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟

سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت 18,338 مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.


يا
نئون مضمون لکڻ جي لاءِ آرٽيڪل وزرڊ آزمايو

بھترين مضمون

هندستاني مذهب، ڪڏهن ڪڏهن ڌرمي مذهبن يا هندستاني مذهبن کي پڻ سڏيو ويندو آهي، هي اهي مذهب آهن جيڪي هندستاني برصغير ۾ پيدا ٿيا آهن. جن ۾ ٻڌمت ، هندوڌرم ، جين ڌرم ، ۽ سک ازم شامل آهن. جيتوڻيڪ هندستاني مذهب هندستان جي تاريخ سان ڳنڍيل آهن، هي مذهب، مذهبي برادرين جو هڪ وسيع سلسلو آهن، هي رڳو هندوستان تائين محدود ناهن. هندوستاني برصغير ۾ قديم مذهب جا ثبوت ميزوليٿڪ دور جنهن کي پٿرن وارو دور به سڏجي ٿو، جي جابلو غارن اندر ٺهيل چٽسالين مان مليا آهن. سنڌو ماٿري جي هڙاپائي ماڻهن جي تهذيب، جيڪا 3300 کان 1300 ق.م. (بالغ دور 2600-1900 ق.م.) تائين رهي هئي. اها هاڙاپائي تهذيب ۽ ان سان گڏ سنڌو تهذيب هڪ ابتدائي شهري ثقافت ۽ نظام هئي، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته اهي ويدڪ مذهبن کان به اڳ واريون تهذيبون هيون هندوستاني مذهبن جي تاريخ، جڏهن لکت جي شڪل ۾ سامهون آهي، اتان شروع ٿي ٿئي ڇو ته ان کان اڳ ڪنهن کي ڄاڻ ناهي ته اهي ڪيئن شروع ٿيون ۽ اڀريون، تڏهن ئي هندوستاني مذهبن جي تاريخ ويدڪ مذهبن کان شروع ٿئي ٿي، جنهن لاءِ مشهور آهي ته اهي ويد سنڌو نديءَ جي ڪنارن ۽ ڪَپن تي ويهي آرين لکيا هئا. انهن شاعراڻي انداز ۾ لکتن کي ويد ۽ اگامس چيو ويندو آهي، سمجهيو ويندو آهي ته اگامس دراوڙي نسل جي ماڻهن لکيا هيا، جڏهن ته ويدن کان پتو پئي ٿو ته اهي شروعاتي هند-آريائي ماڻهن جا ثقافتي، سماجي ۽ مذهبي طريقا هئا. اڄڪلهه ته ان تي به بحث هلي ٿو پيو ته ڪجهه ڊي اين اي رپورٽن آرين جو هندوستان ۾ اچڻ کي چيلينج ڪيو آهي. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ممڪنه اهي لکتون هتان جي مقامي ماڻهن لکيون هونديون. انهن مذهبي خيالن ۽ انهن جي لکڻين جي ترتيب، ترميم، تبصرن ۽ بحث مباحثن جي دور کي ويدڪ دور چيو ويندو آهي ۽ اهي ويد تقريباً 1750 کان 500 ق. ۾ لکيا ويا هئا. ويدن جي فلسفانه ڪتابن کي اُپشندن چيو ويندو آهي. اُپشند نثر ۾ لکيل فلسفي وارا ڪتاب آهن، جيڪي ويدن جي شعرن جي شرح آهن. هنن جو تعداد ڏيڍ کان ٻه سئو ٻڌايو وڃي ٿو، جن کي عام طور تي ويدانت - Vendanta پڻ چيو ويندو آهي. ويدانتا Vedānta کي ٻن مختلف طرح سان تشريح ڪئي وئي آهي پهرين تشريع ۾ چوندا آهن ته ويدانيت ان هندي مذهب جا آخري باب ۽ حصا آهن، ٻيو چيو ويندو آهي ته ويدانتا جو مطلب ئي اهو‌ آهي ته موجوده ويدن جو مقصد ئي سڀ کان بلند مقصد آهي يا کڻي ائين سمجهجي ته ويدانت لفظ جي معنيٰ آهي ”ويدن جو انت“ يعني ويدن جي پوئين ڀاڱي ۾ ٻڌايل مت ۽ ويچار آهن، اهي ويدن جو پويون ڀاڱو اُپنيشد آهن. شروعاتي اپنشد عام دور Common Era کان اڳ جا آهن، يارنهن مکيه اپنشدن مان پنج اپشند ممڪن طور تي 6 صدي قبل مسيح کان اڳ لکيا ويا هئا ۽ خاص ڪري يوگا ۽ موڪش جنهن جو ابتدائي ويدن اندر ذڪر ٿيل آهي.

اڄ جو ڏينھن

ڇنڇر 2 نومبر 2024ع مطابق 28 ربيع الثاني 1446ھ


آرٿر بالفور
آرٿر بالفور
  • 1917عبرطانيا جي خارجه سيڪريٽري آرٿر بالفور (تصوير) اعلان ڪيو ته فلسطين جي علائقي ۾ يهودين لاءِ ملڪ قائم ڪيو ويندو، ان اعلان کي بالفور اعلان جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.
  • 2009عراولپنڊي جي شاليمار پلازه ويجهو بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 33 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.

پير تراب علي شاھ (پ. 1857ع)  · جارج برنارڊشا (و. 1950ع)  · شاه رخ خان (پ. 1965ع)

وڌيڪ چونڊ ڏينهن:

وڪيپيڊيا جو حصو ٿيو!

وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني انسائيڪلوپيڊيا آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي 18,338 مضمون موجود آهن.
وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي.
وڪيميڊيا فائونڊيشن وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي ترميم ڪندڙ پنهنجي ترميمن جا ذميوار پاڻ آهن.
اسان سان رابطو ڪريو مدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو.
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ: ، ، ، ۽ ۾ گڏجو.
(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)