املتاس

Raintree | |
---|---|
Golden shower tree in bloom | |
سائنسي درجا بندي | |
ڪنگڊم: | ٻوٽو |
(unranked): | اينجيوسپرمس |
(unranked): | ايوڊيڪاٽس |
(unranked): | روسڊس |
ترتيب: | فباليز |
خاندان: | فباشيئاء |
نسل: | ڪئسيا |
جنس: | سي. فسٽولا |
حياتياتي نالو | |
ڪئسيا فسٽولا ايل |
املداس املتاس: هڪ قسم جو وڻ آهي، جيڪو سُهڻائيءَ جي ڪري گهرن جي اڳيان ۽ رستن تي پوکيو ويندو آهي. هن وڻ جي ڦري آڱر کان قدري ٿلهي ۽ هڪ فوٽ کن يا اُن کان -ٿوري- وڏي ٿيندي آهي، ڦري -اول- سائي ٿيندي آهي، پوءِ ڪارسري رنگ تي ٿيندي آهي. ڦريءَ کي سڪڻ کان پوءِ ”ڇمڪڻي“ چيو ويندو آهي. ڇمڪڻيءَ کي ڀڃڻ کان پوءِ -ان- مان -ٻج- ۽ گول ٽڪليون نڪرنديون آهن. -ٻج- پسارڪي وکر طور ڪم نه ايندو آهي، باقي ٽڪليون ۽ انهن تي لڳل ڳر دوا طور ڪم ايندي آهي. طبي لحاظ کان اها ڳر پاڻيءَ ۾ مهٽي پيئڻ سان هلڪي جلاب جو اثر ڏيکاريندي آهي. طبيبن جي چوڻ موجب ڪيترين بيمارين ۾ فائدو ڏيندي آهي. چوندا آهن ته اها ڳر گلاب جي پاڻيءَ ۾ مهٽي گرڙيون ڪبيون ته وات جا ڦٽ ڇٽي ويندا. املتاس، شاعرن جو پسنديده وڻ آهي. شيخ اياز جي غزل جون سٽون آهن: ٿي -املتاس- -تان-، ڪُوڪَ ڪويل ڪري، هو پري آ، پري آ، پري آ پري![1] هن کي عام ماڻهو املداس چوندا آهن. هي مشهور وڻ آهي. هن جا به گهڻا ئي قسم آهن. ڪي وڻ آهن، ڪي ٻوڙا آهن. هن جي ذات جو نالو انگريزيءَ ۾ ڪاشيا ۽ سندس نالو ڪاشيا فسٽيولا آهي. رواجي نالو پُڊنگ پائيپ ٽري اٿس. پن گهاٽا ۽ ڳُوڙهي سائي رنگ جا ٿا ٿينس. مئي ۾ گل ڪندو آهي، جو کليل پيلي رنگ جا ٿيندا آهن. ڏاڍا سهڻا لڳندا آهن. گلن ۾ هڪڙي قسم جي بوءِ ٿيندي آهي. جرمن ماڻهو هنن گلن کي سونهري مينهن جو نالو ڏيندا آهن. هي وڻ ڊگهيون، ڪاريون ۽ گول ڦريون به ڪندو آهي، جن ۾ ٻج رهي ٿو. املتاس دوا جي ڪم به ايندوآهي. ٻجن ۾ جلاب جواثر رهيس ٿو. هن جي هڪڙي قسم کي هندستاني ماڻهو داد مردان چوندا آهن.[2]
حوالا[سنواريو]
- ↑ املتاس : (Sindhianaسنڌيانا)
- ↑ ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو