جمادي الثاني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جمادي الاول  -  جمادي الثاني  -  رجب المُرجّب
ـــــــ ـــــــ ـــــــ ـــــــ ـــــــ ـــــــ ـــــــ
1 2 3 4 5 6 7
8 9 10 11 12 13 14
15 16 17 18 19 20 21
22 23 24 25 26 27 28
29 30

جمادي الثاني اسلامي ڪيلينڊر جون ڇھون مھينو آھي۔ ان تي اھو نالو اسلام جي آمد کان اڳ جو مليل آهي. ھي مھينو جماد الاول مھيني کان پوء اچي پيو تنھن ڪري ان تي جمادي الثاني نالو رکيو ويو. ان کي جمادالآخر مھينو پڻ سڏيندا آهن. جماد الاول تي اھو نالو ان ڪري پيو جو ان مھيني سخت سردي شروع ٿيندي ھئي جنھن ۾ پاڻي ڄمي پوندو ھيو. جماد جي معني پاڻي جو ڄمي برف ٿيڻ آھي[1]. ان ٿڌ واري موسم جو ٻيون ۽ آخري مھينو تنھنجي ڪري جماد الاول جي نسبت سان جمادالثاني پئجي ويو جيڪو ھر سال سياري جي پڇاڙي ۾ ايندو هو.شروع ۾ 2 ھجري کان اڳ ھر ٽئين سال ھڪ مھينو وڌائي ان سال کي تيرھن مھينن جو ڪيو ويندو ھو، جنھن سان قمري ۽ شمسي سال جي وچ ۾ ھر سال ٿيندڙ 10 ڏينھن جو فرق ختم ٿي ويندو هو. تنھن ڪري ھي مھينو ھر سال ان ساڳي بھار جي موسم ۾ ايندو ھيو پر سن 2 ھجري ۾ سورة التوبة جي آيت نمبر 36 نازل ٿيڻ کان پوء (جنھن ۾ سال ۾ صرف ٻارھن مھينن کي لازمي ڪيو ويو) ان تيرھين مھيني شامل ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو ويو جنھن ڪري صفر ھاڻي مستقل ان ساڳي سياري جي پڇاڙي جي موسم ۾ نہ ايندو آهي.

  1. Umm Al-Qura calendar of Saudi Arabia آرڪائيو ڪيا ويا 21 December 2017[Date mismatch] حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.