مواد ڏانھن هلو

يوراگوائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اورينٽل ريپبلڪ آف يوراگوئي

República Oriental del Uruguay (اسپيني)
Flag of يوراگوئي
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: '"Libertad o Muerte" (اسپيني)
(انگريزي ٻولي: "آزادي يا موت")
ترانو: "يوراگوئي جو قومي ترانو"
(انگريزي ٻولي: "National Anthem of Uruguay")
مڪانيت  يوراگوائي  (تيز سائو رنگ)نقشو ڏکڻ آمريڪا  (خاڪي رنگ)
مڪانيت  يوراگوائي  (تيز سائو رنگ)

نقشو ڏکڻ آمريڪا  (خاڪي رنگ)

جو مقاميوراگوئي
گادي جو هنڌمانٽي وڊيئو
34°53′S 56°10′W / 34.883°S 56.167°W / -34.883; -56.167
سڀ کان وڏو شهرمانٽي وڊيئو
سرڪاري ٻولياسپيني
مقامي ٻوليون پورچوگيزي ٻولي
نسلي گروھ (2016[1])
مذهب (2017)
مقامي آبادييوراگوئيين يا يوراگوئيائي ماڻھو يا اورينٽل
حڪومتوحداني صدارتي آئيني ريپبلڪ
 صدر
تبري وازڪز
لوسيا ٽوپولانسڪي
مقننه جنرل اسيمبلي
سينيٽ
چيمبر آف ريپريزنٽيٽوز
آزادي برازيل جي ايمپائر کان آزاد ٿيو
 آزادي جو اعلان
25 آگسٽ 1825
27 آگسٽ 1828
18 جولاءِ 1830
 گڏيل قومن جي اداري جي رڪنيت
18 ڊسمبر 1945
پکيڙ
 جملي
176,215 km2 (68,037 sq mi) (89th)
 پاڻي (%)
1.5
آبادي
 2016 اندازو
3,444,006[2] (99th)
 2011 مردم شماري
3,480,314[3]
  گھاٽائي
19.8/km2 (51.3/sq mi) (99th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد )2019 لڳ ڀڳ
 ڪل
$84.628 ارب يو ايس ڊالر (48th)
 في سيڪڙو
$24,051 (60th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ )2019 لڳ ڀڳ
 ڪل
$60.231 ارب يو ايس ڊالر (28th)
 في سيڪڙو
$17,118 (43rd)
جِينِي39.5[4]
وچولو
ايڇ ڊي آء (2017) 0.804[5]
انتهائي اعلیٰ · 55th
ڪرنسييوراگوئيين پيسو (UYU)
معياري وقتUYT (متناسق عالمي وقت−3)
ڊرائيونگ جو پاسوساڄو پاسو
ڊائلنگ ڪوڊ+598
انٽرنيٽ ڊومين.uy

يوراگوئي (Uruguay; Listeni/ˈjʊərəɡw/;[6]) جنھن جو سرڪاري نالو اورينٽل ريپبلڪ آف يوراگوئي آهي جيڪو ڏکڻ آمريڪا کنڊ جي ڏکڻ اوڀر پاسي واقع آهي. ان جون سرحدون اولھ ۾ ارجنٽائن، اتر اوڀر ۾ برازيل، ڏکڻ ۾ ريو ڊي لا پلاٽا (چاندي واري درياء) ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ سان ملن ٿيون. اھو پکيڙ ۾ سورينام کان پوءِ ڏکڻ آمريڪا جو ٻيون نمبر ننڍڙو ملڪ آهي.[7] ھن ملڪ جو نالو يوراگوئي ندي جي نالي تي رکيل آھي. يوراگوئي تقريبن 1,76,215 چورس ڪلوميٽر (68,037 چورس ميل) جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. هن جي آبادي لڳ ڀڳ 34 لک آهي، جن مان لڳ ڀڳ 20 لک ماڻهو ان جي گاديءَ واري ۽ سڀ کان وڏي شهر مونٽي وئڊيو جي ميٽروپوليٽن علائقي ۾ رهن ٿا.

تاريخ

[سنواريو]

ھن ملڪ ۾ سڀ کان اول چار ھزار سال اڳ چاروئا نسل وارن ماڻهن آباد ڪيو.[8]

چاروئا ماڻھن جي رھڻي ڪھڻي بابت جوڙيل مانٽي وڊيئو ۾ ٺاھيل ھڪ يادگار

1512 ۾ يورپي ماڻهن مان پورچوگيزن سڀ کان پھرين ھن علائقي کي دريافت ڪيو[9][10]. انھن بعد 1516 ۾ اسپيني پڻ ھتي پھتا. ان بعد يوراگوئي اسپين جي ايمپائر ۽ پورچوگال جي ايمپائر جي وچ ۾ تڪرار وارو علائقو رھندو آيو. 1603 ۾ اسپين وارن ھتي چوپائي مال جي پالنا متعارف ڪرائي جيڪو ھتان جي ملڪيت جو ھڪ وڏو ذريعو بڻجي ويو. 1640 م ھتي اسپين پنھنجي پھرين مستقل آبادي ريئو نيگرو درياء جي لڳ سوريانو نالي سان قائم ڪئي جيڪو ھاڻي يوراگوئي جو ھڪ شھر آھي.1669 کان 1671 وچ ۾ پورچوگيزن ھتي ھڪ قلعو ڪالونيا ڊيل سيڪرامينٽو جوڙايو. 1680 ۾ پورچوگيزن ھن ملڪ کي پنھنجي بيٺڪ بڻايو. اسپيني جي ايمپائر ارڙھين صدي جي شروعات ۾ اتي قبضو ڄمائڻ لاءِ مانٽي وڊيئو جو فوجي ڇانوڻي طور بنياد وڌو. ھن ملڪ پنھنجي آزادي واري واري سان چئن طاقتن سان 1811 کان 1828 تائين جدوجھد ڪندي حاصل ڪئي جن ۾ اسپين، پورچوگال، ارجنٽينا ۽ آخر ۾ برازيل اچي وڃن ٿا. آزاديءَ وقت ھن ملڪ جي ڪل آبادي 758000 ھئي[11]. آزاديءَ بعد ھي ملڪ گھرو ويڙھ جو شڪار ٿيندو رھيو جنھن بعد اٽلي ۽ اسپين مان ھن ملڪ م ڪافي لڏپلاڻ ٿي جنھن ڪري آبادي 1879 تائين وڌي 438500 تي پھتي[12]. ويھين صديءَ جي شروعات کان ھلندڙ ھن ملڪ جو جمھوري نظام معاشي گھوٽالن جي ڪري 1973 م فوجي بغاوت ذريعي ختم ٿي ويو. جنھن بعد سول ملٽري ڊيموڪريسي جو آغاز ٿيو. فوجي حڪومت کاٻي ڌر جي ترقي پسند سوشلسن ۽ ڪميونسٽن کي تشدد جو نشانو بڻائي کوڙ ماري ڇڏيا . 1985 ۾ فوجي حڪومت اختيار سول حڪومت جي حوالي ڪيا. 1984 ۾ عام صدارتي چونڊون منعقد ٿيون ھيون جن م ڪولراڊو پارٽي جو اڳواڻ جوليو ماريا سينگوئنيٽي کٽي آيو ھو جنھن پوء 1955 کان 1990 تائين ملڪ جي صدارت سنڀالي. 1989 ۾ صدارتي چونڊن ۾ نيشنل پارٽي جو لوئيس البرٽو لاڪالي چونڊ کٽي آيو ان بعد 1994 جي صدارتي چونڊن ۾ جوليو ماريا سينگوئنيٽي ٻيھر چونڊ کٽي ورتي. ٻنھي ڄڻن ملڪ ۾ جمھوريت جي ۽ معاشي ۽ معاشرتي استحڪام لاء اھم ڪردار ادا ڪيو. ھن وقت ھي ملڪ ھڪ آئيني ريپبلڪ آھي جنھن جو رياستي ۽ حڪومتي سربراھ ملڪ جو صدر آھي.2017 م ھي ملڪ ڏکڻ آمريڪا ۾ رشوت جي ڪمي، جمھوريت ۽ امن ۾ پھرين نمبر تي شمار ٿيندڙ ملڪ ھيو. [13]

جاگرافي

[سنواريو]
يوراگوئي جو سيٽلائيٽ ڦوٽو


ٽاڪئاريمبو ۾ واقع اپورا ڍنڍ

ھن ملڪ جي ايراضي 176214 چورس ڪلوميٽر آهي.[14] ھن ملڪ جو سامونڊي ڪنارو 660 ڪلوميٽر ڊگھو آھي. ھن ملڪ م چار درياء ڇوڙ ڪن ٿا جن م ريئو ڊي لا پلاٽا درياء، يوراگوئي درياء، لاگونا ميرن درياء، ۽ ريئو نيگرو درياء شامل آھن. ملڪ جو سڀ کان اوچو مقام سيرو ڪيٽيڊرل جبل جي چوٽي آھي جيڪا سامونڊي سطح کان 514 ميٽر بلند آهي. ھتان جي آبهوا گھم واري آھي ۽ اڪثر ڪوھيڙو رھندو آھي. سموري سال ھتي ھڪ ڪري موسم رھندي آھي. [15]

حڪومت

[سنواريو]


مانٽي وڊيئو ۾ يوراگوئي جي پارليامينٽ: جنرل اسيمبلي جيڪا ملڪ جو قانونساز ادارو آهي

ھن ملڪ ۾ وحداني رياست آھي جنھن ۾ صدارتي نظام لاڳو آھي، جنھن ۾ پارليامينٽ جا ميمبر پنجن سالن لاءِ بالغ ووٽرن جي ووٽ ذريعي چونڊبا آهي.[16] ملڪ جو اقتدار صدر ۽ ان جي تيرھن رڪني وزيرن جي ڪابينه وٽ ھوندو آھي.

پليسيو پائرئا يوراگوئي جي سپريم ڪورٽ جي سيٽ آهي.

ملڪ جو قانونساز ادارو جنرل اسيمبلي آھي جيڪا ٻہ ايوانن تي ٻڌل آهي جن ۾ چيمبر آف ڊپٽيز ۽ چيمبر آف ريپريزنٽيٽوز شامل آهن. ملڪ جي وڏي م وڏي عدالت سپريم ڪورٽ آھي جنھن م ججن جي مقرري جنرل اسيمبلي ڪندي آھي ۽ ججن جي بينچ وري سينيٽ جي منظوري سان جڙندي آهي. يوراگوئي جو موجوده آئين 1967 ۾ ٺھيو. [17][18] ان جا ڪافي حصا 1973 ۾ معطل ڪيا ويا پر 1985 ۾ ٻيھر بحال ڪيا ويا. [19]

حوالا

[سنواريو]
  1. Central Intelligence Agency (2016). "Uruguay". The World Factbook. Langley, Virginia: Central Intelligence Agency. Retrieved 1 January 2017.
  2. "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. Retrieved 10 September 2017.
  3. Resultados del Censo de Población 2011: población, crecimiento y estructura por sexo y edad ine.gub.uy
  4. "GINI index". World Bank. Retrieved 22 March 2019.
  5. "2018 Human Development Report" (PDF). United Nations Development Programme. 2018. Retrieved 14 September 2018.
  6. Wells, John C. (1990). Longman pronunciation dictionary. Harlow, England: Longman. p. 755. ISBN 0-582-05383-8. entry "Uruguay"
  7. Schenoni, Luis (2017) "Subsystemic Unipolarities?" in Strategic Analysis, 41(1): 74–86
  8. Alayón, Wilfredo (28 March 2011). "Uruguay and the memory of the Charrúa tribe". The Prisma. Retrieved 20 December 2011.
  9. Oskar Hermann Khristian Spate (1 November 2004). The Spanish Lake. Canberra: ANU E Press, 2004. p. 37. ISBN 9781920942168. https://books.google.com/?id=JH9SIogNd3sC&q=San+Matias#v=snippet&q=San%20Matias&f=false.
  10. Bethell, Leslie (1984). The Cambridge History of Latin America, Volume 1, Colonial Latin America. Cambridge: Cambridge University Press. p. 257. ISBN 9780521232234. https://books.google.com/?id=_w0kAPYQ5xMC&q=froes#v=onepage&q=1511&f=false.
  11. "BEGINNINGS OF INDEPENDENT LIFE, 1830–52 – Uruguay". Library of Congress Country Studies. Retrieved 23 February 2011.
  12. "Evolution of the Economy and Society – Uruguay". Library of Congress Country Studies. Retrieved 23 February 2011.
  13. "Uruguay Rankings" (PDF). Retrieved 21 April 2017.
  14. "Uruguay in Numbers" (PDF) (in Spanish). National Institute of Statistics. Archived from the original (PDF) on 13 November 2013. {{cite web}}: Unknown parameter |deadurl= ignored (|url-status= suggested) (help)CS1 maint: unrecognized language (link)
  15.  This airticle incorporates text frae a publication nou in the public domain: Chisholm, Hugh, ed. (1911). "Uruguay" . Encyclopædia Britannica (11th ed.). Cambridge University Press. {{cite encyclopedia}}: Cite has empty unknown parameters: |HIDE_PARAMETER15=, |HIDE_PARAMETER13=, |HIDE_PARAMETER14c=, |HIDE_PARAMETER14=, |HIDE_PARAMETER9=, |HIDE_PARAMETER3=, |HIDE_PARAMETER1=, |HIDE_PARAMETER4=, |HIDE_PARAMETER2=, |HIDE_PARAMETER8=, |HIDE_PARAMETER20=, |HIDE_PARAMETER5=, |HIDE_PARAMETER7=, |HIDE_PARAMETER10=, |separator=, |HIDE_PARAMETER14b=, |HIDE_PARAMETER6=, |HIDE_PARAMETER11=, and |HIDE_PARAMETER12= (help); Invalid |ref=harv (help)
  16. "Business Guide" (PDF). Uruguay XXI. Archived from the original (PDF) on 1 May 2011. Retrieved 25 February 2011.
  17. "Uruguay: The Uruguayan Constitution". www.wipo.int (in انگريزي). Retrieved 10 May 2017.
  18. "Uruguay's Constitution of 1966, Reinstated in 1985, with Amendments through 2004" (PDF). constituteproject.org. 28 March 2017.
  19. سانچو:Csref

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

سرڪاري

[سنواريو]
  • Uruguay – Official website of the Oriental Republic of Uruguay
  • Government – Official website of the Government of Uruguay
  • Presidency – official website of the president of Uruguay
  • General Assembly – official website of the General Assembly of Uruguay
  • Senate – official website of the Senate of Uruguay
  • Chamber of Representatives – official website of the Chamber of Representatives of Uruguay
  • Statistics – official website of the National Statistics Institute

تاريخ

[سنواريو]

سياحت

[سنواريو]

نقشا

[سنواريو]

سانچو:Uruguay topics