پيرو (ملڪ)

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
پيرو ملڪ جو جھنڊو
پيرو ملڪ جو بيج

پيرو (Peru) ملڪ جو سرڪاري نالو ’جمهوريه پيرو‘ (Republic Del Peru) ۽ پراڻو نالو ’تاهان تن سوئيا‘ آهي. هي ڏکڻ آمريڪا جو ملڪ آهي جنهن جي اتر ۾ ايڪويڊور ۽ ڪولمبيا، اوڀر ۾ برازيل ۽ بوليويا، ڏکڻ ۾ چلي ۽ اولهه ۾ پئسفڪ سمنڊ آهن. پيرو هڪ آزاد خودمختيار جمهوريه آهي، جتي صدارتي طرز جي حڪومت قائم آهي. هن ملڪ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 28 جولاءِ 1821ع آهي ۽ هن ملڪ جي گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ 31 آڪٽوبر 1945ع کان آهي.

پکيڙ[سنواريو]

پيرو جي ڪل پکيڙ 1284640 چورس ڪلوميٽر (495871 چورس ميل) ۽ آبادي 2 ڪروڙ 71 لک 36 هزار آهي. پيرو جي گاديءَ جو هنڌ ليما (Lima) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ هواسڪاران (بلندي: 6768 ميٽر) آهي. هن ملڪ جي سرڪاري ٻولي اسپيني آهي، جڏهن ته ڪوئچوا ۽ آئمارا ٻوليون پڻ ڳالهايون وڃن ٿيون. هتي جي موسم خشڪ آهي ۽ مختلف علائقن جي آبهوا مختلف آهي.

وسيلا[سنواريو]

پيرو جي مکيه زرعي پيداوار ۾ پٽاٽا، ڪيلو، مڪئي، جَوَ، ڪپهه، چانور، ڪڻڪ، ڪافي، ميوا ۽ ڀاڄيون شامل آهن ۽ مکيه صنعتن ۾ ٽيڪسٽائيل، فوڊ پروسيسنگ، هينڊي ڪرافٽ، لوهه، پيٽروليم، ريفائنري، سيمينٽ، چمڙي جون شيون، پلاسٽڪ، ڪيميائي شيون ۽ گاڏيون اچي وڃن ٿيون. [1]

حوالو[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011