ايڪواڊور
ريپبلڪ آف ايڪواڊور República del Ecuador (اسپيني) | |||||
|---|---|---|---|---|---|
| |||||
مڪانيت ايڪواڊور (تيز سائو) نقشو ڏکڻ آمريڪا (خاڪي) | |||||
| گادي جو هنڌ | ڪئيٽو 00°9′S 78°21′W / 0.150°S 78.350°W | ||||
| سڀ کان وڏو شهر | گئاياڪيل | ||||
| دفتري ٻوليون | اسپيني | ||||
| تسلیم ٿيل مقامي ٻوليون | ڪئچوئا، شوئار ۽ ٻيون ٻوليون جيڪي مقامي ماڻھو ڳالھائيندا آھن[1] | ||||
| نسلي گروھ ( ) |
| ||||
| مقامي آبادي | ايڪواڊورين | ||||
| حڪومت | وحداني، صدارتي آئيني جمهوريه | ||||
• صدر |
لينن مورينو | ||||
• نائب صدر |
ماريا اليجينڊرا وڪونيا | ||||
| مقننه | قومي اسيمبلي | ||||
| آزادي | |||||
• اعلان ٿيو |
10 آگسٽ، 1809ع | ||||
• اسپين کان |
24 مئي، 1822ع | ||||
• ڪولمبيا کان |
13 مئي، 1830ع | ||||
• موجوده آئين |
28 سيپٽمبر، 2008ع | ||||
| پکيڙ | |||||
• جملي |
[اوزا تبديل: invalid number]a (73rd) | ||||
• پاڻي (%) |
5 | ||||
| آبادي | |||||
• 2016 اندازو |
16,385,068[3] (65th) | ||||
• 2010 مردم شماري |
14,483,499[4] | ||||
• گھاٽائي |
58.95 /km2 (152.7 /sq mi) (151st) | ||||
| جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2016 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
194.845 ارب آمريڪي ڊالر[5] | ||||
• في سيڪڙو |
$11,788[5] | ||||
| جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2016 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$109.759 ارب ڊالر[5] (64th) | ||||
ايڪواڊور (Ecuador؛ EK-wə-dor)، سرڪاري نالو "ريپبلڪ آف ايڪواڊور"، ڏکڻ آمريڪا جي اتر اولھ ۾ واقع ھڪ ملڪ آهي، جن جون حدون اتر م ڪولمبيا، اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ پيرو ۽ اولھه ۾ پيسفڪ سمنڊ سان ملن ٿيون. گالاپاگوس ٻيٽ پڻ ھن ملڪ جو حصو آهن، جيڪا پيسفڪ سمنڊ ۾ ايڪواڊور جي زمين کان اولھه طرف 1,000 ڪلوميٽر جي فاصلي تي واقع آھن. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ڪئيٽو ۽ سڀ کان وڏو شھر گئاياڪل آھي.
تاريخ
[سنواريو]موجوده ايڪواڊور جي سرزمين تي مقامي آمريڪي انڊين قبيلا رھندا ھيا ۽ اھو علائقو پندرهين صدي دوران آھستي آھستي انڪا ايمپائر جو حصو ٿيندو ويو. 1533 ۾ ھي علائقو اسپين جي قبضي هيٺ آيو.

1563 ۾ ڪئيٽو اسپين جي ڪالوني واري حڪومت جو گاديءَ جو هنڌ بڻيو. 1717 ۾ ھن علائقي کي نيو گريناڊا واري اسپين جي وائسرائلٽي جو حصو بڻايو ويو.1819 ۾ نيو گريناڊا (ڪولمبيا)، وينزويلا ۽ ڪئيٽو گڏجي اسپين کان آزادي حاصل ڪئي ۽ 1822 ۾ انھن ٽنھي گڏجي گرين ڪولمبيا جي نالي سان هڪ وفاق جوڙيو جنھن مان ڪئيثو 1830 ۾ ڌار ٿي ويو ۽ نالو تبديل ڪري ريپبلڪ آف ايڪواڊور جي نالي سان ھڪ خودمختيار رياست بڻجي ويو.


جنھن کان ھو علائقو 1820 ۾ آزاد ٿي گرئين ڪولمبيا جو حصو بڻيو جنھن کان وري 1830 م ڌار ٿي ھڪ خودمختيار رياست بڻجي ويو. 1904 کان 1942 تائين ھن ملڪ پاڙيسري ملڪن سان تڪرارن ۾ ڪافي علائقا وڃايا. 1995 م ھن ملڪ جي پيرو سان سرحدي جنگ شروع ٿي جيڪا 1999 ۾ نبيري سان ختم ٿي وئي.
2008 ۾ ھتي نئون آئين جوڙيو ويو. 2017 ۾ عام چونڊون ٿيون جن ۾ صدر لينن مورينو چونڊجي آيو.[9]
جاگرافي
[سنواريو]پيرو ۽ ڪولمبيا جي وچ ۾ واقع ھن ڏکڻ آمريڪا جي اولھ پاسي واري ملڪ جي سرحد پيسفڪ سمنڊ سان پڻ ملي ٿي ۽ ان جي جاگرافيائي بيهڪ 2 00 S, 77 30 W ڊگرين تي آھي. ھن ملڪ جي پکيڙ 283561 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن مان 276841 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 6720 چورس ڪلوميٽر پاڻي اٿس ان ايراضيءَ ۾ گيلاپاگوس جا ٻيٽ پڻ شامل آھن. دنيا جي ملڪن جي پکيڙ جي ڀيٽ ۾ ھيئ ملڪ 75 نمبر تي آهي.ھن ملڪ جون زميني سرحدون 2237 ڪلوميٽر جن مان 708 ڪلوميٽر ڪولمبيا سان ۽ 1529 پيرو سان لڳيس ٿي. سامونڊي ڪناري جي ڊيگھ 2237 ڪلوميٽر اٿس. سمنڊ اندر حدن جي دعوا 200 ناٽيڪل ميل، ان کان پوءِ معاشي زون بہ 200 ناٽيڪل ميل ۽ بعد م ڪانٽينينٽل شيلف بہ 200 ناٽيڪل ميل آھي. ھن ملڪ جي سراسري بلندي 1117 ميٽر آھي. ملڪ جو سڀ کان بلند ترين مقام چمبورازو جبل آھي جيڪو سمنڊ جي سطح کان 6627 ميٽر بلند آھي.[9]
آبهوا
[سنواريو]
سمنڊ ڪناري ھن ملڪ جي آبھوا ٽراپيڪل آھي. اندرين پاسي بلند علائقي م موسم گھڻي ٿڌي رھي ٿي. اميزون ٻيلن واري پاسي بہ آبهوا ٽراپيڪل ھوندي آھي.
زراعت
[سنواريو]ھن ملڪ جي زرعي زمين ڪل پکيڙ جو 29.7 سيڪڙو آھي جنھن مان 4.7 سيڪڙو زمين پوکي لائق آھي ۽ ان مان وري 5.6 سيڪڙو مستقل پوکي واري آھي. زرعي زمين جو 19.4 تي مستقل چراگاھون آھن، 19.4 سيڪڙو ٻيلا آھن. 2012 جي انگن اکرن مطابق ملڪ جي 15000 چورس ڪلوميٽر زمين آبپاشي واري ھئي[9].
آبادي
[سنواريو]جولاءِ 2017 جي انگن اکرن مطابق ايڪواڊور جي آدمشماري 16,290,913 ھئي. آبادي جي لحاظ کان ھي ملڪ دنيا ۾ 67 نمبر تي آهي. ھتان جي ماڻھن کي ايڪواڊورين سڏيندا آهن.ھتان جي 71.9 سيڪڙو آبادي ميسٽيزو (يعني گورن ۽ ريڊ انڊين نسلن جو گڏيل نسل) آھي، 7.4 سيڪڙو ماڻهو مونٽوبيو ، 7 سيڪڙو ريڊ انڊين، 6.1 سيڪڙو گورا، 4.3 ايڪواڊورين آفريڪي، 1.9 ملاٽو، 1 سيڪڙو ڪارا آھن[9]
ٻوليون
[سنواريو]ھتان جا 93 سيڪڙو ماڻهو اسپينش ٻولي ڳالھائيندا آھن جيڪا ھتان جي سرڪاري ٻولي پڻ آھي.4.1 سيڪڙو ماڻهو ڪئيچوئا ٻولي ڳالهائيندڙ آھن.[9]
مذھب
[سنواريو]ھتان جا 74 سيڪڙو ماڻهو رومن ڪيٿولڪ مذھب سان تعلق رکندڙ آھن.10.4 سيڪڙو ماڻهو ايوانجليڪل مذھب، 1.2 يھوا جا شاھد(انگريزي: Jehovah's Witness) ۽ 6.4 سيڪڙو ٻڌ ، يھودي، روحانيت پسند، مسلمان، ھندو وغيرہ آهن[9]
حڪومتي ۽ قانوني انتظام
[سنواريو]ھن ملڪ جو نظام صدارتي آئيني ريپبلڪ وارو آھي. ملڪ ۾ ھيٺيان 24 انتظامي صوبا آھن:


| صوبو | زمين (چورس ڪلوميٽر) | آدمشماري(2010) | گاديءَ جو هنڌ | |
|---|---|---|---|---|
| 1 | آجوئي (Azuay) |
8,639 | 702,893 | ڪئينڪا (Cuenca) |
| 2 | بوليوار (Bolivar) |
3,254 | 182,744 | گئرانڊا (Guaranda) |
| 3 | ڪينر (Cañar) |
3,908 | 223,463 | اسوگيز (Azogues) |
| 4 | ڪارچي (Carchi) |
3,699 | 165,659 | ٽيولڪن (Tulcán) |
| 5 | چمبورازو (Chimborazo) |
5,287 | 452,352 | ريئو بامبا (Riobamba) |
| 6 | ڪوٽوپئڪسي (Cotopaxi) |
6,569 | 406,798 | ليٽاڪنگا (Latacunga) |
| 7 | ايل وارو (El Oro) |
5,988 | 588,546 | مچالا (Machala) |
| 8 | اسمرالڊاس (Esmeraldas) |
15,216 | 520,711 | اسمرالڊاس |
| 9 | گيليپاگوس (Galápagos) |
8,010 | 22,770 | پورٽو بيڪوريزو مورينو (Puerto Baquerizo Moreno) |
| 10 | گئاياس (Guayas) |
17,139 | 3,573,003 | گئاياڪئل (Guayaquil) |
| 11 | امبابورا (Imbabura) |
4,599 | 400,359 | ابرا (Ibarra) |
| 12 | لوجا (Loja) |
11,027 | 446,743 | لوجا |
| 13 | لاس ريئاس (Los Ríos ) |
6,254 | 765,274 | باباھويو (Babahoyo) |
| 14 | منابي (Manabí) |
18,400 | 1,345,779 | پورٽو ويجو (Portoviejo) |
| 15 | مورونا سانتياگو (Morona-Santiago) |
25,690 | 147,886 | مڪاس (Macas) |
| 16 | نئپو (Napo) |
13,271 | 104,047 | ٽينا (Tena) |
| 17 | اوريلانا (Orellana) |
20,773 | 137,848 | پورٽو فرانسسڪو ڊي اوريلانا |
| 18 | پاستازا (Pastaza) |
29,520 | 84,329 | پويو (Puyo) |
| 19 | پچينچا (Pichincha) |
9,494 | 2,570,201 | ڪئيٽو (Quito) |
| 20 | سانتا ايلينا ( Santa Elena) |
3,763 | 301,168 | سانتا ايلينا |
| 21 | سانتو ڊومنگو ڊي لاس ساچيلاس | 3,857 | 365,965 | سانتو ڊومنگو |
| 22 | سڪمبيئوس (Sucumbíos) |
18,612 | 174,522 | نوئوا لوجا (Nueva Loja) |
| 23 | تنگوراھئا (Tungurahua) |
3,334 | 500,775 | امباتو (Ambato) |
| 24 | زامورا چنچپي ( Zamora-Chinchipe) |
10,556 | 91,219 | زامورا |
ھن ملڪ جي پارليامينٽ ھڪ ايواني قومي اسيمبلي آھي جنھن جا 137 رڪن آھن جن مان 116 سڌا سنوان تڪن مان چئن سالن لاء چونڊجي ايندا آهن باقي 15 جي چونڊ سڄي ملڪ مان متناسب بنيادن تي ٿيندي آهي.[9]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Constitución Política de la República del Ecuador", حاصل ڪيل 13 سيپٽمبر 2014۔
- ↑ "Ecuador-Geography", CIA World Factbook, United States Central Intelligence Agency, حاصل ڪيل 6 October 2017۔
- ↑ "World Population Prospects: The 2017 Revision", ESA.UN.org (custom data acquired via website), United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division, حاصل ڪيل 10 September 2017۔
- ↑ "Ecuadorian census held on November 28, 2010", اصل کان 30 سيپٽمبر 2014 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 13 سيپٽمبر 2014۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|deadurl=نظر انداز ڪيو ويو (مدد) - ↑ 5.0 5.1 5.2 5.3 "Ecuador", International Monetary Fund۔
- ↑ España (1 جنوري 1841), "Tratado de paz y amistad celebrado entre España y la República del Ecuador: en 16 de febrero de 1840", en la Imprenta Nacional – ذريعي وٽان Google Books۔
- ↑ "Gini Index", World Bank, حاصل ڪيل 9 نومبر 2016۔
- ↑ "2018 Human Development Report", United Nations Development Programme, 2018, حاصل ڪيل 14 سيپٽمبر 2018۔
- ↑ 9.0 9.1 9.2 9.3 9.4 9.5 9.6 https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/ec.html۔ خالي يا غائب
|title=(مدد) - ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs namedCIAPAPUANEWGUINEA - ↑ "Censo de 2010", اصل کان 30 سيپٽمبر 2014 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 13 سيپٽمبر 2014۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|deadurl=نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]- حوالن ۾ چُڪَ وارا صفحا
- غيرمددي پيراميٽر سان حوالا تي مشتمل صفحا
- خالي يوآر ايل رکندڙ حوالن سان صفحا
- مضمون جن ۾ اسپيني ٻولي جا اکر آھن
- مضمون جن ۾ Latin ٻولي جا اکر آھن
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- سانچو تبديل جا نادرست اختيار
- ايڪواڊور
- ملڪ
- جمهوريتون
- اينڊيز جي ڪميونٽي
- ڏکڻ آمريڪا جا ملڪ
- لاطيني آمريڪا جا ملڪ
- گڏيل قومن جا ڀاتي ملڪ
- اسپيني سرڪاري ٻولي وارا ملڪ ۽ علائقا
- اڳوڻي اسپيني ڪالونيون
- مرڪوسور جون ميمبر رياستون
- اسپيني ٻولي ڳالھائيندڙ ملڪ ۽ علائقا
- ڏکڻ آمريڪا ۾ 1811ع قائم ٿيل ادارا
- 1811ع ۾ قائم ٿيندڙ رياستون ۽ علائقا