مواد ڏانھن هلو

پيراگوئي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ريپبلڪ آف پيراگوئي

República del Paraguay (اسپيني)
Tetã Paraguái (Guarani)
Flag of پيراگوئي
{{{coat_alt}}}
Flag[nb 2] مھر جو نشان[nb 3]
شُعار: '"Paz y justicia" (اسپيني)
"امن ۽ انصاف"
ترانو: 
Paraguayos, República o Muerte (اسپيني)
Paraguayans, Republic or Death
مڪانيت  پيراگوئي  (dark green)نقشو ڏکڻ آمريڪا  (ڀورو رنگ)
مڪانيت  پيراگوئي  (dark green)

نقشو ڏکڻ آمريڪا  (ڀورو رنگ)

جو مقامپيراگوئي
گادي جو هنڌ اسانشيون
25°16′S 57°40′W / 25.267°S 57.667°W / -25.267; -57.667
سڀ کان وڏو شهر اسانشيون
دفتري ٻوليون
نسلي گروھ (2016[1])
مذهب (2017)
مقامي آبادي پيراگوئين
گوئراني (محاورتن)[2]
حڪومت وحداني ھڪ پارٽي جي غلبي وارو نظام صدارتي ريپبلڪ
 صدر
ماريو ايبڊو بينٽيز
 نائب صدر
ھيوگو ويلازڪئيز مورينو
فرنئنڊو لوگو
مقننه پيراگوئي جي ڪانگريس
پيراگوئي جي سينيٽ
چيمبر آف ڊپٽيز
اسپين کان آزادي
 آزادي جو اعلان
14 مئي , 1811
 تسليم ڪيو ويو
25 نومبر , 1842
 گڏيل قومن کيس تسليم ڪيو
24 آڪٽوبر , 1945
پکيڙ
 جملي
406٬752 km2 (157٬048 sq mi) (59th)
 پاڻي (%)
2.3
آبادي
 2018 اندازو
7,052,984[3] (104th)
  گھاٽائي
17.33 /km2 (44.9 /sq mi) (210th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
 ڪل
$95.011 ارب ڊالر [3] (88th)
 في سيڪڙو
$13,471[3] (96th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
 ڪل
$41.851 ارب ڊالر [3] (94th)
بانڪو بلبائو وزڪايا ارجنٽيريا، پيراگوئي

پيراگوئي (Paraguay؛ /ˈpærəɡw/)، سرڪاري طور تي، "ريپبلڪ آف پيراگوئي"، ڏکڻ آمريڪا ۾ واقع ھي خشڪي سان گھيريل ملڪ آھي. ان جي ڏکڻ ۽ ڏکڻ-اولھه ۾ ارجنٽائن، اوڀر ۽ اتر۔اوڀر ۾ برازيل، اتر۔اولھه ۾ بوليويا آھن. ھن جي وچ مان پيراگوئي ندي وھي ٿي هن جي آبادي لڳ ڀڳ 61 لک آهي، جن مان لڳ ڀڳ 23 لک ماڻهو گادي واري هنڌ ۽ سڀ کان وڏي شهر، اسانشيون۽ ان جي ڀرپاسي جي ميٽرو ايريا ۾ رهن ٿا.

تاريخ

[سنواريو]

پيراگوئي 1811 ۾ اسپين کان آزادي حاصل ڪئي. ھن ملڪ 1865 کان 1870 تائين ارجنٽينا، برازيل ۽ يوراگوئي جي اتحاد سان جنگ دوران مردن جو 66 سيڪڙو جاني نقصان ۾ وڃايو ان سان گڏوگڏ ھن ملڪ کان ڪافي حصا بہ کسجي ويا. ان جنگ بعد اڌ صديءَ تائين ھن ملڪ جي معيشت تباھ حالي جو شڪار رھي.

چاڪو واري جنگ (35-1932) جو خطو گرين چاڪو جنھن جو وڏو حصو بوليويا وڃايو ۽ يوراگوئي م شامل ٿي ويو

1932 کان 1935 تائين بوليويا سان چاڪو واري جنگ جي نتيجي ۾ چاڪو واري ھيٺاھين پٽن واري زمين جو وڏو حصو ھن ملڪ جي قبضي ۾ آيو. 1950واري ڏھاڪي دوران ھن ملڪ ۾ فوجي ڊڪٽيٽر الفريڊو اسٽروئيسنر اقتدار تي قبضو ڪيو ۽ 35 سالن بعد 1989 ۾ سندس اقتدار جو خاتمو ٿيو جنھن بعد ھن ملڪ ۾ صدارتي اليڪشن سان جمھوريت جو آغاز ٿيو[4].

جاگرافي

[سنواريو]
پيراگوئي جو ڪوپن(انگريزي: Köppen) وارو نقشو
پيراگوئي ۾ گرين چاڪو جو زميني منظر

ھن ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ 23 00 S, 58 00 W ڏکڻ آمريڪا کنڊ ۾ آهي. ملڪ جي پکيڙ 406,752 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن مان 397,302 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 9450 چورس ڪلوميٽر پاڻي اٿس. پکيڙ جي لحاظ کان دنيا ۾ ھي ملڪ 61 نمبر تي آهي. ھن ملڪ جون خشڪي واريون سرحدون 4,655 ڪلوميٽر آھن جيڪي ٽن ملڪن سان ملن ٿيون. ارجنٽينا سان 2531 ڪلوميٽر، بوليويا سان 753 ڪلوميٽر ۽ برازيل سان 1371 ڪلوميٽر ملي ٿي. ھي خشڪي سان گھيريل ملڪ آھي . ھتي جي زميني سرسبز چراگاھن سان ۽ ٻيلن سان ڀرپور آھي. ملڪ جي سراسري اوچائي 178 ميٽر آھي. سڀ کان اوچو مقام سيرو پيرو آهي جنھن جي بلندي 842 فٽ آهي. ملڪ جا قدرتي وسيلن ۾ ھائڊرو پاور، عمارتي ڪاٺ، ڪچو لوھ، ميگنيز ۽ لائيم اسٽون شامل آهن[4].

آبهوا

[سنواريو]

ھتان جي موسم سب ٽراپيڪل کان ٽيمپريٽ آهي. ملڪ جي اوڀرندي حصي ۾ تمام گھڻي برسات پوندي آھي پر الھندي پاسي برسات جي ڪمي جي ڪري خشڪسالي رھندي آھي.[4]

پيراگوئين ماڻهو

[سنواريو]

جولاءِ 2017 ۾ ھن ملڪ جي آبادي 6,943,739 ھئي ۽ دنيا ۾ ھن جو نمبر 104 ھيو.ماڻھن ۾ 95 سيڪڙو ماڻهو ميسٽيزو آھن جيڪي اسپيني ۽ آمريڪي انڊين ماڻھن جو گاڏڙ آھن. باقي نسلن جا ماڻهو رڳو 5 سيڪڙو آھن. ملڪ جون سرڪاري ٻوليون اسپيني ٻولي ۽ گوئراني ٻولي آھن. ماڻھن جو 89.6 سيڪڙو رومن ڪيٿولڪ مذھب سان تعلق رکندڙ آھن. 6.2 سيڪڙو ماڻهو پروٽيسٽنٽ مذھب سان تعلق رکندڙ آھي[4]،

زراعت

[سنواريو]

ملڪ جي زرعي زمين 53.8 سيڪڙو آهي جنھن مان 10.8 پوکي لائق ۽ 0.2 سيڪڙو تي مستقل پوکي ٿيندي آهي. زرعي زمين جو 42.8 سيڪڙو مستقل چراگاھون ۽ 43.8 سيڪڙو ٻيلا آھن. ملڪ جي آبپاشي واري زمين 2012 تائين 1362 چورس ڪلوميٽر ھئي[4].

نالو

[سنواريو]

ملڪ جو سڄو نالو ريپبلڪ آف پيراگوئي آهي. ملڪ جو نالو درياء پيراگوئي جي نالي تي رکيل آهي جيڪو ھن ملڪ ۾ وھي ٿو. ان جي معني آهي پيياگوئا(انگريزي: Payagua)جو پاڻي آھي. پيياگوئا اتان جو ھڪ مقامي قبيلي جو نالو آهي جيڪو ان درياءَ جي پاسي ۾ رھندو ھو[4].

سياسي نظام

[سنواريو]
ISO 3166-2:PY ڊپارٽمينٽ گادي جو ھنڌ آبادي (2018 ۾) پکيڙ (km²) ضلعا
ASUگاديءَ وارو ضلعو آسينسيئن524,1901171
1ڪانسيپٽسيئن ڪانسيپٽسيئن244,07118,05112
2سان پيڊرو سان پيڊرو419,62920,00221
3ڪارڊيليرا ڪائاڪوپي299,2344,94820
4 گوئائرا ولارريڪا220,8183,84618
5ڪئاگوئازو ڪورونيل اويئڊو545,90411,47422
6ڪئازاپا ڪئازاپا 184,5309,49611
7اٽاپوئا انڪارنيسيئن592,01716,52530
8 مسيئونز سان جوئان بتيستا 123,4429,55610
9 پيراگوئري پيراگوئري 254,8848,70518
10الٽو پارانا سائوڊاڊ ڊي ائسٽ796,68914,89522
11سينٽرل ڊپارٽمينٽ ايريگوئا 2,072,0412,46519
12نيمبوڪو پلار 88,78412,14716
13امامبي پيڊرو جوئان ڪيباليرو164,46212,9335
14ڪيننڊييو سالٽو ڊيل گوئائرا 221,64714,66714
15پريزيڊنٽي ھيئيز ولا ھيئيز 121,07572,9078
16الٽو پيراگوئي فوئريٽ اولمپو 17,21982,3494
17بوقيران فلاڊيلفيا 63,01191,6693
پيراگوئي آسينسيئن 7,052,983406,752254

ھتان جي انتظامي تقسيم ڊپارٽمينٽن ۾ ٿيل آهي. ملڪ ۾ 17 ڊپارٽمينٽ آھن ۽ ھڪ گاديءَ جو هنڌ آهي. ڊپارٽمينٽ وري ضلعن ۾ تقسيم ٿيل آھن.ڊپارٽمينٽن جا نالا آهن:الٽو پيراگوئي، الٽو پارانا، امامبي، آسينسيئن (جيڪو گاديءَ جو ھنڌ پڻ آهي)، بوقيران، ڪئاگوئازو، ڪئازاپا، ڪيننڊييو، سينٽرل ڪانسيپسيئان، ڪارڊيليرا، گئائرا، اٽاپوئا، مسيونز، نيمبوڪو، پيراگوئري، پريزڊنٽي ھيئز، سان پيڊرو.

ھن ملڪ ۾ ووٽ جو حق 18 سالن کان 75 سالن جي عمر تائين آھي. رياست جو ۽ حڪومت جو سربراھ صدر آھي. ملڪ جي پارليامينٽ جو نالو نيشنل ڪانگريس آهي ٻہ ايواني آھي.ھڪ ايوان چيمبر آف ڊپٽيز آھي جنھن جون 80 سيٽون آهن ۽ ٻيو چيمبر آف سينيٽرز آھي جنھن ۾ 45 سيٽون آھن. ٻنھي جو مدو پنج سال ھوندو آھي. ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت سپريم ڪورٽ آھي جنھن جا 9 جج ھوندا آھن[4].

حوالا

[سنواريو]
  1. Central Intelligence Agency (2016), "Paraguay", The World Factbook, Langley, Virginia: Central Intelligence Agency, حاصل ڪيل 1 January 2017۔
  2. Reed, Richard K. (1 May 1995), "Prophets of Agroforestry: Guaraní Communities and Commercial Gathering", University of Texas Press ذريعي وٽان Google Books۔
  3. 1 2 3 4 "Paraguay", World Economic Outlook Database, October 2018, International Monetary Fund, 9 October 2018, حاصل ڪيل 9 October 2018۔
  4. 1 2 3 4 5 6 7 آرڪائيو ڪيا ويا 2015-11-04 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.سي آء اي فيڪٽس بڪ

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

سانچو:Wikinews category

سرڪاري ويب سائيٽون

عام معلومات:

ميڊيا ۽ خبرون:

ڪاروبار:

سياحت:

23°S 58°W / 23°S 58°W / -23; -58

  1. قومي مھر جو پٺيون پاسو:
  2. The reverse side of the Flag of Paraguay:
  3. قومي مھر جو پٺيون پاسو:
حوالي جي چڪ: "nb" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="nb"/> نہ مليو