پيراگوئي
ريپبلڪ آف پيراگوئي | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: '"Paz y justicia" (اسپيني) "امن ۽ انصاف" | |||||
![]() مڪانيت پيراگوئي (dark green) نقشو ڏکڻ آمريڪا (ڀورو رنگ) | |||||
![]() | |||||
گادي جو هنڌ | ايسنسيئون 25°16′S 57°40′W / 25.267°S 57.667°W | ||||
سڀ کان وڏو شهر | ايسنسيئون | ||||
دفتري ٻوليون | |||||
نسلي گروھ (2016[1]) |
| ||||
مذهب (2017) |
| ||||
مقامي آبادي | پيراگوئين گوئراني (محاورتن)[2] | ||||
حڪومت | وحداني ھڪ پارٽي جي غلبي وارو نظام صدارتي ريپبلڪ | ||||
• صدر |
ماريو ايبڊو بينٽيز | ||||
• نائب صدر |
ھيگو ويلازڪئيز مورينو | ||||
فرنئنڊو لوگو | |||||
مقننه | پيراگوئي جي ڪانگريس | ||||
پيراگوئي جي سينيٽ | |||||
چيمبر آف ڊپٽيز | |||||
اسپين کان آزادي | |||||
• آزادي جو اعلان |
14 مئي , 1811 | ||||
• تسليم ڪيو ويو |
25 نومبر , 1842 | ||||
• گڏيل قومن کيس تسليم ڪيو |
24 آڪٽوبر , 1945 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
406٬752 km2 (157٬048 sq mi) (59th) | ||||
• پاڻي (%) |
2.3 | ||||
آبادي | |||||
• 2018 اندازو |
7,052,984[3] (104th) | ||||
• گھاٽائي |
17.33 /km2 (44.9 /sq mi) (210th) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$95.011 ارب ڊالر [3] (88th) | ||||
• في سيڪڙو |
$13,471[3] (96th) | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$41.851 ارب ڊالر [3] (94th) |
![](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/b/b1/BBVA_Paraguay.jpg/220px-BBVA_Paraguay.jpg)
پيراگوئي (انگريزي: Paraguay) /ˈpærəɡwaɪ/ سرڪاري نالو ريپبلڪ آف پيراگوئي اٿس. ڏکڻ آمريڪا ۾ واقع ھي خشڪي سان گھيريل ملڪ آھي. ان جي ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولھ ۾ ارجنٽائينا، آوڀر ۽ اتر۔اوڀر ۾ برازيل، اتر۔اولھ ۾ بوليويا آھن. ھن جي وچ مان درياء پيراگوئي وھي ٿو. ان جي گاديء جو ھنڌ اسانشيون آھي.
تاريخ
[سنواريو]پيراگوئي 1811 ۾ اسپين کان آزادي حاصل ڪئي. ھن ملڪ 1865 کان 1870 تائين ارجنٽينا، برازيل ۽ يوراگوئي جي اتحاد سان جنگ دوران مردن جو 66 سيڪڙو جاني نقصان ۾ وڃايو ان سان گڏوگڏ ھن ملڪ کان ڪافي حصا بہ کسجي ويا. ان جنگ بعد اڌ صديءَ تائين ھن ملڪ جي معيشت تباھ حالي جو شڪار رھي.
![](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/f/f4/Chacokrieg.jpg/220px-Chacokrieg.jpg)
1932 کان 1935 تائين بوليويا سان چاڪو واري جنگ جي نتيجي ۾ چاڪو واري ھيٺاھين پٽن واري زمين جو وڏو حصو ھن ملڪ جي قبضي ۾ آيو. 1950واري ڏھاڪي دوران ھن ملڪ ۾ فوجي ڊڪٽيٽر الفريڊو اسٽروئيسنر اقتدار تي قبضو ڪيو ۽ 35 سالن بعد 1989 ۾ سندس اقتدار جو خاتمو ٿيو جنھن بعد ھن ملڪ ۾ صدارتي اليڪشن سان جمھوريت جو آغاز ٿيو[9].
جاگرافي
[سنواريو]![](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/7/73/Paraguay_map_of_K%C3%B6ppen_climate_classification.svg/220px-Paraguay_map_of_K%C3%B6ppen_climate_classification.svg.png)
![](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/d/d1/Chaco_Boreal_Paraguay.jpg/220px-Chaco_Boreal_Paraguay.jpg)
ھن ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ 23 00 S, 58 00 W ڏکڻ آمريڪا کنڊ ۾ آهي. ملڪ جي پکيڙ 406,752 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن مان 397,302 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 9450 چورس ڪلوميٽر پاڻي اٿس. پکيڙ جي لحاظ کان دنيا ۾ ھي ملڪ 61 نمبر تي آهي. ھن ملڪ جون خشڪي واريون سرحدون 4,655 ڪلوميٽر آھن جيڪي ٽن ملڪن سان ملن ٿيون. ارجنٽينا سان 2531 ڪلوميٽر، بوليويا سان 753 ڪلوميٽر ۽ برازيل سان 1371 ڪلوميٽر ملي ٿي. ھي خشڪي سان گھيريل ملڪ آھي . ھتي جي زميني سرسبز چراگاھن سان ۽ ٻيلن سان ڀرپور آھي. ملڪ جي سراسري اوچائي 178 ميٽر آھي. سڀ کان اوچو مقام سيرو پيرو آهي جنھن جي بلندي 842 فٽ آهي. ملڪ جا قدرتي وسيلن ۾ ھائڊرو پاور، عمارتي ڪاٺ، ڪچو لوھ، ميگنيز ۽ لائيم اسٽون شامل آهن[9].
آبهوا
[سنواريو]ھتان جي موسم سب ٽراپيڪل کان ٽيمپريٽ آهي. ملڪ جي اوڀرندي حصي ۾ تمام گھڻي برسات پوندي آھي پر الھندي پاسي برسات جي ڪمي جي ڪري خشڪسالي رھندي آھي.[9]
پيراگوئين ماڻهو
[سنواريو]جولاءِ 2017 ۾ ھن ملڪ جي آبادي 6,943,739 ھئي ۽ دنيا ۾ ھن جو نمبر 104 ھيو.ماڻھن ۾ 95 سيڪڙو ماڻهو ميسٽيزو آھن جيڪي اسپيني ۽ آمريڪي انڊين ماڻھن جو گاڏڙ آھن. باقي نسلن جا ماڻهو رڳو 5 سيڪڙو آھن. ملڪ جون سرڪاري ٻوليون اسپيني ٻولي ۽ گوئراني ٻولي آھن. ماڻھن جو 89.6 سيڪڙو رومن ڪيٿولڪ مذھب سان تعلق رکندڙ آھن. 6.2 سيڪڙو ماڻهو پروٽيسٽنٽ مذھب سان تعلق رکندڙ آھي[9]،
زراعت
[سنواريو]ملڪ جي زرعي زمين 53.8 سيڪڙو آهي جنھن مان 10.8 پوکي لائق ۽ 0.2 سيڪڙو تي مستقل پوکي ٿيندي آهي. زرعي زمين جو 42.8 سيڪڙو مستقل چراگاھون ۽ 43.8 سيڪڙو ٻيلا آھن. ملڪ جي آبپاشي واري زمين 2012 تائين 1362 چورس ڪلوميٽر ھئي[9].
نالو
[سنواريو]ملڪ جو سڄو نالو ريپبلڪ آف پيراگوئي آهي. ملڪ جو نالو درياء پيراگوئي جي نالي تي رکيل آهي جيڪو ھن ملڪ ۾ وھي ٿو. ان جي معني آهي پيياگوئا(انگريزي: Payagua)جو پاڻي آھي. پيياگوئا اتان جو ھڪ مقامي قبيلي جو نالو آهي جيڪو ان درياءَ جي پاسي ۾ رھندو ھو[9].
سياسي نظام
[سنواريو]
ISO 3166-2:PY | ڊپارٽمينٽ | گادي جو ھنڌ | آبادي (2018 ۾) | پکيڙ (km²) | ضلعا |
---|---|---|---|---|---|
ASU | گاديءَ وارو ضلعو | آسينسيئن | 524,190 | 117 | 1 |
1 | ڪانسيپٽسيئن | ڪانسيپٽسيئن | 244,071 | 18,051 | 12 |
2 | سان پيڊرو | سان پيڊرو | 419,629 | 20,002 | 21 |
3 | ڪارڊيليرا | ڪائاڪوپي | 299,234 | 4,948 | 20 |
4 | گوئائرا | ولارريڪا | 220,818 | 3,846 | 18 |
5 | ڪئاگوئازو | ڪورونيل اويئڊو | 545,904 | 11,474 | 22 |
6 | ڪئازاپا | ڪئازاپا | 184,530 | 9,496 | 11 |
7 | اٽاپوئا | انڪارنيسيئن | 592,017 | 16,525 | 30 |
8 | مسيئونز | سان جوئان بتيستا | 123,442 | 9,556 | 10 |
9 | پيراگوئري | پيراگوئري | 254,884 | 8,705 | 18 |
10 | الٽو پارانا | سائوڊاڊ ڊي ائسٽ | 796,689 | 14,895 | 22 |
11 | سينٽرل ڊپارٽمينٽ | ايريگوئا | 2,072,041 | 2,465 | 19 |
12 | نيمبوڪو | پلار | 88,784 | 12,147 | 16 |
13 | امامبي | پيڊرو جوئان ڪيباليرو | 164,462 | 12,933 | 5 |
14 | ڪيننڊييو | سالٽو ڊيل گوئائرا | 221,647 | 14,667 | 14 |
15 | پريزيڊنٽي ھيئيز | ولا ھيئيز | 121,075 | 72,907 | 8 |
16 | الٽو پيراگوئي | فوئريٽ اولمپو | 17,219 | 82,349 | 4 |
17 | بوقيران | فلاڊيلفيا | 63,011 | 91,669 | 3 |
– | پيراگوئي | آسينسيئن | 7,052,983 | 406,752 | 254 |
ھتان جي انتظامي تقسيم ڊپارٽمينٽن ۾ ٿيل آهي. ملڪ ۾ 17 ڊپارٽمينٽ آھن ۽ ھڪ گاديءَ جو هنڌ آهي. ڊپارٽمينٽ وري ضلعن ۾ تقسيم ٿيل آھن.ڊپارٽمينٽن جا نالا آهن:الٽو پيراگوئي، الٽو پارانا، امامبي، آسينسيئن (جيڪو گاديءَ جو ھنڌ پڻ آهي)، بوقيران، ڪئاگوئازو، ڪئازاپا، ڪيننڊييو، سينٽرل ڪانسيپسيئان، ڪارڊيليرا، گئائرا، اٽاپوئا، مسيونز، نيمبوڪو، پيراگوئري، پريزڊنٽي ھيئز، سان پيڊرو.
ھن ملڪ ۾ ووٽ جو حق 18 سالن کان 75 سالن جي عمر تائين آھي. رياست جو ۽ حڪومت جو سربراھ صدر آھي. ملڪ جي پارليامينٽ جو نالو نيشنل ڪانگريس آهي ٻہ ايواني آھي.ھڪ ايوان چيمبر آف ڊپٽيز آھي جنھن جون 80 سيٽون آهن ۽ ٻيو چيمبر آف سينيٽرز آھي جنھن ۾ 45 سيٽون آھن. ٻنھي جو مدو پنج سال ھوندو آھي. ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت سپريم ڪورٽ آھي جنھن جا 9 جج ھوندا آھن[9].
حوالا
[سنواريو]- ↑ Central Intelligence Agency. "Paraguay". The World Factbook. Langley, Virginia: Central Intelligence Agency. حاصل ڪيل 1 January 2017.
- ↑ Reed, Richard K. "Prophets of Agroforestry: Guaraní Communities and Commercial Gathering". University of Texas Press.
- ↑ 3.0 3.1 3.2 3.3 3.4 "Paraguay". World Economic Outlook Database, October 2018. International Monetary Fund. حاصل ڪيل 9 October 2018.
- ↑ Paraguay – Constitution, Article 140 About Languages. International Constitutional Law Project. http://www.servat.unibe.ch/icl/pa00000_.html#A140_. Retrieved 3 December 2007. (see translator's note)
- ↑ "8 LIZCANO" (PDF). Convergencia.uaemex.mx. وقت 15 January 2013 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 5 October 2012.
- ↑ "Latinobarómetro 1995 - 2017: El Papa Francisco y la Religión en Chile y América Latina" (PDF) (ٻولي ۾ Spanish). حاصل ڪيل 19 January 2018.
- ↑ "Gini Index". World Bank. حاصل ڪيل 15 September 2018.
- ↑ "2018 Human Development Report" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 14 September 2018.
- ↑ 9.0 9.1 9.2 9.3 9.4 9.5 9.6 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2015-11-04 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.سي آء اي فيڪٽس بڪ
حوالي جي چڪ: "nb" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref>
آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="nb"/>
نہ مليو