ڪارگل جنگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ڪارگل جنگ
سلسلو پاڪ ڀارت جنگيون ۽ ڪشمير مسئلو
Kargil.map.gif
جنگ واري جاءِ
تاريخمئي – جُولاءِ 1999
(2 مهينوَ)
مقامڪارگل ضلعو، ڄمون ۽ ڪشمير
نتيجو

هندوستان جي فتح[1][2][3][4][5]

  • هندوستان ڪارگل کي ٻيهر پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو
علائقائي
تبديليون
ڪابه نه
شريڪ جنگ
ڀارت هندوستان پاڪستان پاڪستان
سپهہ سالار ۽ رهنما
ڀارت اٽل بهاري واجپائي
ويد پرڪاش ملڪ
پرويز مشرف
طاقت
30,000 5,000
نقصان

هندوستاني سرڪاري انگ اکر

  • 527 مارجي ويا[6][7][8]
  • 1,363 زخمي ٿيا[9]
  • 1 جنگي قيدي
  • 1 جهاز ڪرايو ويو
  • 1 جهاز ڪري تباهه ٿيو
  • 1 هليڪاپٽر ڪيرايو ويو

پاڪستاني دعوائون

  • 1,600 (بمطابق پرويز مشرف)[10]

آزاد ذريعا

  • 700 مارجي ويا[11]

پاڪستاني انگ اکر

وڌيڪ پاڪستاني دعوائون

  • 357 مارجي ويا ۽ 665 کان وڌيڪ زخمي ٿيا (بمطابق پرويز مشرف)[15][16]
  • 2,700—4,000 مارجي ويا (بمطابق نواز شريف)[11][17]

هندوستاني دعوائون

  • 737+—1,200 مارجي ويا (249 هندوستاني علائقن مان لاش هٿ آيا. جنهن مان 244 لاشن کي دفنايو ويو)[18][19][20]
  • 1000 کان وڌيڪ زخمي[21]

ڪارگل جنگ (انگريزي: Kargil War)، (هندي: करगिल युद्ध)، (اردو: کرگل جنگ) [22] يا ڪارگل ڇڪتاڻ يا ٽڪراءُ [حاشيو (ا)] پاڪستان ۽ هندوستان جي وچ ۾ هڪ جنگي ڇڪتاڻ کي چيو ويندو آهي، جيڪا 1999ع جي مئي ۽ جون جي مهينن ۾ ڪشمير جي ضلعي ڪارگل ۽ لائين آف ڪنٽرول جي علائقن ۾ وڙهي وئي. هندوستان ۾ هن تنازعي يا جنگ کي آپريشن وجي (سوڀ) جي نالي پڻ سڏيو ويندو آهي، هي آپريشن هندوستان ڪارگل جي علائقن کي خالي ڪرائڻ لاءِ شروع ڪيو هو.[23]

هن جنگ جو سبب، پاڪستان جي فوجي سپاهين (شروع ۾ انهن کي ڪشمري مجاهدين چيو ويو) پاران لائين آف ڪنٽرول ٽپي ڪارگل ۾ هندوستان جي فوجي چوڪين تي قبضو ڪرڻ هو.[24] جنگ جي شروعات ۾، پاڪستان پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته وڙهندڙ ڪشيمري مجاهد آهن، آپريشن وجي کان پوءِ مئل فوجين، ۽ پاڪستان جي وزير اعظم ۽ پاڪ فوج جي سربراهه جي بيانن مان ڳالهه واضع ٿي ته وڙهندڙ پاڪستان جي فوج جا اهلڪار هئا،[25][26][27] جن جي اڳواڻي جنرل اشرف رشيد ڪري رهيو هو.[28] هندوستان جي فوج، هندوستاني هوائي فوج جي مدد سان، پاڪستان پاران قبضو ڪيل ڪيترن ئي جڳهن کي خالي ڪرايو، عالمي ۽ سفارتي دٻاءُ سبب پاڪستاني فوجين رهيل علائقن کي پاڻ خالي ڪري ڇڏيو.

ويجهي ماضي ۾ مٿاهين جبلن تي وڙهي ويندڙ جنگ جو هي مثال آهي، جنهن ۾ ٻنهي پاسن کان اهلڪارن کي رسد پهچائڻ ۾ دشواريون آيون. هي پنهنجي نوعيت جي انوکي جنگ هئي، جتي ٻه ائٽم بم رکندڙ ملڪ هڪ ٻئي سان سڌي جنگ ۾ مصروف هئا. انڊيا پاران 1974ع ۾ پهريون ائٽمي تجربو ڪيو ويو. پاڪستان پاران ڳجهي نموني انهي ئي وقت کان ائٽم بم ٺاهڻ جون تياريون پڻ شروع ڪيون ويون ۽ 1998ع تي هندوستان پاران ٻيهر ائٽمي تجربي جي ٻن هفتن کان پوءِ پاڪستان پڻ پهرين ائٽم بم جو ڪامياب تجربو ڪيو.

جنگ جو هنڌ[سنواريو]

1947ع تي، برصغير جي ورهاڱي کان اڳ، ڪارگل بلتستان، ضلعي لداخ جو حصو هئي. جنهن جي آبادي مختلف ٻولين، مذهبي ۽ نسلي گروهن ۾ ورهايل هئي، جيڪي سڄي دنيا کان اڳ مٿاهين چوٽين تي آباد هئا. پهرين ڪشمير جنگ (1947 کان 48) سبب لائين آف ڪنٽرول جو جنم ٿيو، جنهن ۾ بلتستان ضلعو ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو، ۽ لداخ سب ڊويزن ڪارگل ضلعو هندوستان جي انتظام هيٺ آيو.[29] 1971ع جي جنگ ۾ پاڪستان جي شڪت بعد شملا مهادو ٿيو، جنهن ۾ ٻئي ڌريون راضي ٿيون ته اڳي لائين آف ڪنٽرول جو احترام ڪندي، اتي ڪا جنگ نه ڪئي ويندي.[30]

ڪارگل ٽائون، سرينگر کان 205 ڪلوميٽر (127 ميل) فاصلي تي آهي. هماليا جي ٻين علائقن جيان، کنڊ جي ٿڌي ۽ گرم آبهوا جو علائقو آهي. جتي سياسي ۾ شديد سردي ۽ اونهاري ۾ گرمي پد 48 ڊگري تائين پهچيو وڃي.

هندوستان جي قومي شاهراه (اين ايڇ 1 ڊي) جيڪا سرينگر ۽ ليهه کي ڳنڍي ٿي، سا ڪارگل وٽان گذرندي آهي. جنهن جاءِ تي هندوستاني سرحدن تي مداخلت ڪئي وئي، اها 160 ڪلوميٽر ڊگھي جابلو پٽي هئي، جتان سرينگر ۽ ليهه کي گڏائيندڙ روڊ هو. انهي روڊ تي هندوستاني فوج جون چوڪيون 16 کان 18 هزار فوٽ اوچائي تي قائم هيون.

ڪارگل جي پوسٽن تي قبضو ڪرڻ جو مقصد مٿاهين چوٽين تي وهي رهڻ هو، ڇو ته مٿاهين چوٽين تي وٺيل فوجين کي جنگ دوران وڌيڪ موقعا ملندا آهن. اهڙي جنگ ۾ پاڪستان کان وڌيڪ هندوستان کي فوجي گھربل هئا جيئن انهن مٿاهن علائقن کي خالي ڪري سگھن. ڪارگل پاڪستان جي شهر اسڪردو کان 173 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقعي آهي، جتان پاڪستاني فوج کي مدد ملڻ پڻ آسان هو. اڳئي ڪارگل ۽ اسڪردو جي وچ ۾ هڪ روڊ پڻ واقعي هو، جيڪو 1949ع تي بند ڪيو ويو.

پسمنظر[سنواريو]

1971ع واري جنگ کان پوءِ، تمام گھٽ واقعا پيش آيا جتي هندوستان ۽ پاڪستان جو فوجين سڌو جنگ ڪيو هجي. انهن مان 1980ع جي ڏهاڪي هڪ محدود جنگ سياچن گليشير لاءِ وڙهي وئي ته جيئن مٿاهين چوٽين تي چيڪ پوسٽون قائم ڪجن، 90 جي ڏهاڪي ۾ ڪشمير جي علحدگي پسند تحريڪ جي سبب ڪافي ڇڪتاڻ رهيو، جنهن کي پاڪستان پاران مدد ڏني پئي وئي، ان کان سواءِ ٻنهي ملڪن 1998ع تي ائٽم بم جا ڌماڪا پڻ ڪيا، جنهن سان ماحول اتنهائي پيچيدا ٿي ويو. انهي ڇڪتاڻ کي گھٽائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن 1999ع تي لاهور مهادي تي صحيون ڪيون، جنهن ۾ ڪشمير جي مسئلي جو پرامن حل ڳولڻ جو چيو ويو.

1998 ۽ 99ع ڌاري پاڪستاني فوج جي ڪجهه عنصرن مهاجدن جي روپ ۾ پاڪستاني فوج جي سپاهين کي هندوستان جو سرحد ٽپايو، ان کي آپريشن بدر جو نالو ڏنو ويو. هن آپريشن جو مقصد ڪشمير ۽ دلاخ جي وچ وارو رستو ڪٽي ڇڏڻ هو، ته جيئن هندوستاني فوج سياچن گليشير خالي ڪري ۽ ڪشمير سان لاڳيل سرحدي تڪرار جي حل لاءِ هندوستان تي دٻاءُ وڌو وڃي. ان آپريشن سبب پاڪستان جو خيال هو ته ان سان ڪشيمر مسئلو عالمي برادري جي سامهون وڌيڪ نمايان ٿي ايندو، ۽ ڏهاڪن کان ڪشيمر ۾ وڙهندڙن جو مورال پڻ بلند ٿيندو.

پاڪستان جي ليفٽيننٽ جنرل شاهد عزير جيڪو بعد ۾ آئي ايس آئي جي انالائيسز ونگ جو سربراهه پڻ مقرر ٿيو، ان جي مطابق ڪارگل ۾ وڙهندڙ مجاهدين نه پر پاڪستاني فوج هئي. جنوري 2013ع تي شاهد عزيز پاران ڊيلي نيشن ۾ لکيل مضمون ۾ ڄاڻيو ويو ته پاڪستاني فوجن مٿاهن علائقن تي ننڍن هٿيار سان قبضو ڪيو. ڪجهه ليکڪن جي مطابق هن آپريشن جو مقصد آپريشن ميگدوت جهڙو ئي هو، جنهن جي ذريعي هندوستان سياسچن جي ڪيترن ئي علائقن تي چڙهائي ڪري پنهنجي اثر هيٺ آندو هو.

هندوستان جي آرمي چيف ويد پرڪاش ملڪ ۽ ٻين ماهرن مطابق هي پلاننگ ڪافي پراڻي هئي ۽ 80 ۽ 90 ڏهاڪي ۾ فوج طرفان ضيا الحق ۽ بينظير ڀٽو کي پڻ اها سفارش ڪئي وئي ته ڪارگل تي مداخلت ڪجي، پر ان خوف کان اهو عمل نه ٿيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مڪمل ۾ جنگ لڳي سگھي ٿي.

ماهر جي مطابق اڳ کان سوچيل پلاننگ کي پرويز مشرف پاران آڪٽوبر 1998ع تي آرمي چيف ٺاهڻ وقت ٻهير کوليو ويو. ڪارگل جنگ کان پوءِ نواز شريف پاران چيو ويو ته هو جنگ کان بي خبر هو، ۽ هن کي جنگ جي خبر ان وقت پئي جڏهن کيس اٽل بيهاري واجپائي ڪال ڪئي. نواز شريف هن جنگ جي زميواري مشرف ۽ سندس ڪجهه ساٿين کي قرار ڏنو. پاڪستاني ليکڪن مطابق ان جنگ جي باري ۾ صرف مشرف کان سواءِ ٽن جنرلن کي خبر هئي. مشرف جي بقول نواز شريف کي 20 فيبروري تي واجپائي جي پاڪستان اچڻ کان اڳ 15 ڏينهن اڳ ان مسئلي تي بريفنگ ڏني وئي هئي.

جنگي سلسلو[سنواريو]

واقعا بلحاظ ڏينهن[سنواريو]

سال (1999ع) واقعا'[31][32][33]
3 مئي ڪارگل تي پاڪستاني مداخلت بابت هڪ مقامي ڌنار پاران هندوستاني فوج کي ٻڌايو ويو.
5 مئي هندوستاني فوج جانچ لاءِ فوجي روانا ڪيا؛ پاڪستاني فوجين پاران 5 هندوستاني فوجي اغوا ڪيا وياو جن کي تشدد بعد قتل ڪيو ويو.
9 مئي پاڪستاني فوج پاران شيلنگ سبب ڪارگل ۾ هٿيارن جي زخيري کي سخت نقصان پهتو.
10 مئي پهرين دفعي مداخلت دراس، ڪاڪسر، ۽ مشڪوهه ۾ رپورٽ ڪئي وئي.
مئي جو وچ هندوستاني فوج ڪشمير وادي کان وڌيڪ فوجون ڪارگل ڏي روانيون ڪيون.
26 مئي هندوستاني هوائي فوج ڪارگل تي موجود پاڪستاني فوجين مٿان هوائي حملا شروع ڪيا.
27 مئي هندوستان جا 2 جهاز تباهه ٿي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ فلائيٽ لفٽيننٽ ڪمبامپتي نچيڪتا کي پاڪستاني فوجين پاران گرفتار ڪيو ويو.
28 مئي پاڪستاني فوج پاران هندوستاني هيلڪاپٽر کي ڪيرايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 4 هندوستاني فوجي مارجي ويا.
1 جون پاڪستان پاران قومي شاهراهه اين اي 1 اي تي بمباري شروع ڪئي وئي.
5 جون هندوستاني فوج پاران پاڪستان جي ٽن سپاهين پاران مليل ڪاغذ جاري ڪيا ويا، جن مان اها ڳالهه ثابت ٿي ته ڪارگل ۾ ورهندڙ پاڪستاني فوجي آهي.
6 جون هندوستان فوج ڪارگل تي وڏي ڪاروائي جو آغاز ڪيو.
9 جون هندوستاني فوج بلاٽڪ سيڪٽر تي ٻن مُک هنڌن تي ٻيهر قبضو ڪري ورتو.
11 جون چين جي دوري تي ويل آرمي چيف پرويز مشرف ۽ چيف آف جنرل اسٽاف عزيز خان جي وچ ۾ ڪارگل بابت ٿيل گفتگو کي هندوستان پاران رڪارڊ ڪري جاري ڪيو ويو.
13 جون دراس ۾ هندوستاني فوج تلولينگ تي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو.
15 جون پاڪستان جي وزير اعظم نواز شريف کي بل ڪلنٽن پاران فون ڪري چيو ويو ته ڪارگل مان پاڪستاني فوج کي واپس ڪيو وڃي.
29 جون ٽائيگر جبل جي ويجهو، هندوستاني فوج ٻه خاص جڳهن پوئنٽ 5060 ۽ پوئنٽ 5100 تي قبضو ڪيو ويو.
2 جُولاءِ هندوستاني فوج پاران ڪارگل تي پاڪستاني فوجين مٿان ٽن طرفن کان حملو ڪيو ويو.
4 جُولاءِ هندوستاني فوج يارنهن ڪلاڪن جي مسلسل جنگ کان پوءِ ٽائيگر جبل کي پاڪستاني فوجين کان خالي ڪرائي ورتو.
5 جُولاءِ هندوستاني فوج دراس تي ٻيهر قبضو ڪري ورتو. صدر ڪلنٽن سان ملاقات کان پوءِ نواز شريف پاڪستان فوج کي ڪارگل خالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.
7 جُولاءِ بلاٽڪ ۾ جوبر جبلن تي هندوستان ٻيهر قبضو ڪري ورتو.
11 جُولاءِ پاڪستاني فوج ڪارگل خالي ڪرڻ شروع ڪيو، هندوستاني فوج بلاٽڪ ۾ مُک جڳهن تي ٻيهر قبضو ڪيو ويو.
14 جُولاءِ هندوستاني وزير اعظم اٽل بيهاري واجپائي آپريشن وجي جي ڪاميابي جو اعلان ڪيو. حڪومت پاڪستان سان ڳالهين لاءِ ڪجهه شرط مقرر ڪيا.
26 جُولاءِ ڪارگل جنگ پڄاڻي تي پهتي، هندوستاني فوج ڪارگل کي پاڪستاني فوجين کان خالي قرار ڏنو..

ڪارگل جنگ جا ٽي مُک مرحلا هئا. پهريون، پاڪستان جي فوج پاران هندوستاني ڪشمير جي علائقن ۾ داخل ٿيڻ هو، جيئن اين ايڇ 1 کي آرٽلري ذريعي نشانو بڻائي سگھجي. ٻيو مرحلو هندوستان جي فوج کي پاڪستان فوج مداخلت جي سڌ پوڻ ۽ ان جي جواب ڏيڻ لاءِ پنهنجي فوج کي متحد ڪرڻ ته جيئن ان جو جواب ڏجي. ٽيون مرحلو هندوستان پاران ڪارگل ۾ آيل پاڪستاني فوجين خلاف جنگ ڪري سڄو علائقو خالي ڪرائڻ هو، جنهن تي هندوستان جي فوج ڪامياب وئي.

پاڪستان پاران قبضو[سنواريو]

1999ع جي فيبروري ڌاري پاڪستان جي فوج لائين آف ڪنٽرول جي هندوستاني پاسي تي ڪجهه هندوستاني چوڪين تي قبضي لاءِ اهلڪار روانا ڪيا. اهلڪارن ۾ 4 کان 7 بٽالين شامل هئا ان سان گڏ ايس ايس جي جا خاص ڪمانڊو پڻ هئا. ڪجهه رپورٽن مطابق اهلڪارن کي ڪشمير ۽ افغانستان جي جنگ جوئن جي مدد پڻ حاصل هئي. ويد پرڪاش ملڪ جي مطابق اپريل 1999ع تي پاڪستاني فوجين مداخلت ڪئي. پاڪستاني فوجين مشڪوهه وادي، دراس جي مارپولا رگڊ لائين، بٽالاڪ سيڪٽر، چوربٽالا سيڪٽر، جي مٿانهين چوٽين تي قبضو ڪيو.

هندوستان جي جوابي ڪاروائي[سنواريو]

حاشيو[سنواريو]

  • ^حاشيو (ا):  هن ڇڪتاڻ جا نالا: ٻنهي ملڪن ۾ هن جنگ يا ڇڪتاڻ لاءِ ڪيترائي نالا استعمال ٿين ٿا، جڏهن ڪارگل ۾ هي تنازعو سامهون آيو ته هندوستان جي حڪومت ان لاءِ لفظ “جنگ” استعمال ڪرڻ بجاءِ ”جنگ جهڙي صورتحال“ جو لفظ ڪتب آندو، جنگ جي خاتمي کان پوءِ هندوستان پاران ان کي ڪارگل جنگ ڪوٺيو ويو پر ڪٿي ان جنگ جي شروعات جو اعلان ٿيل ناهي، پاڪستان پاران ان کي صرف آپريشن بدر جو نالو ڏنو ويو، جڏهن ته هڪ غير مقبول اصطلاح ٽئين ڪشيمر جنگ پڻ هن تنازعي لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو.

حوالا[سنواريو]

  1. Praagh, David Van (2003). The Greater Game: India's Race with Destiny and China. McGill-Queen's Press. p. 253. ISBN 9780773526396. "By then, India had won decisively in the mountains of Kashmir." 
  2. MacDonald, Myra (2017). Defeat is an Orphan: How Pakistan Lost the Great South Asian War. Oxford University Press. pp. 27, 53, 64, 66. ISBN 978-1-84904-858-3. "p. 27: It was not so much that India won the Great South Asian War but that Pakistan lost it.
    p. 53: The story of the Kargil War—Pakistan's biggest defeat by India since 1971 —is one that goes to the heart of why it lost the Great South Asian War.
    p. 64: Afterwards, Musharraf and his supporters would claim that Pakistan won the war militarily and lost it diplomatically. In reality, the military and diplomatic tides turned against Pakistan in tandem.
    p. 66: For all its bravado, Pakistan had failed to secure even one inch of land.
    Less than a year after declaring itself a nuclear-armed power, Pakistan had been humiliated diplomatically and militarily."
     
  3. Lavoy, Peter René, ed (2009). Asymmetric Warfare in South Asia: The Causes and Consequences of the Kargil Conflict. Cambridge University Press. p. 180. ISBN 978-0-521-76721-7. "The false optimism of the architects of the Kargil intrusion, colored by the illusion of a cheap victory, was not only the main driver of the operation, and hence the crisis, it also was the cause of Pakistan's most damaging military defeat since the loss of East Pakistan in December 1971." 
  4. Dettman, Paul R. (2001). India Changes Course: Golden Jubilee to Millennium. Greenwood Publishing Group. pp. 130, 131, 140, 177. ISBN 978-0-275-97308-7. "p. 130: the BJP could go to the people as the party that had undergirded India's victory over Pakistan in the Kargil 'war'.
    p. 131: Another of India's institutions that had benefited from India's victory in the Kargil war was its military establishment.
    p. 140: He went on to take credit for the conduct of a "war" effort that had led to a diplomatic as well as a military victory.
    p. 177: For India, Vajpayee had led the military and diplomatic effort that had won the Kargil "war." For the world, he had done so while keeping India's armed forces on their own side of the LOC in Kashmir and he had prevented the outbreak of a multi-front general war with Pakistan."
     
  5. Perkovich, George (2002). India's Nuclear Bomb: The Impact on Global Proliferation. University of California Press. p. 479. ISBN 978-0-520-23210-5. "The Kargil war ended as had previous wars, with an Indian victory." 
  6. Chakraborty, A. K. "Kargil War Brings into Sharp Focus India's Commitment to Peace". Press Information Bureau, Government of India. Retrieved 23 May 2014. 
  7. "Breakdown of casualties into Officers, JCOs, and Other Ranks". Parliament of India Website. Archived from the original on 2 December 2008. Retrieved 20 May 2009. 
  8. "Complete Roll of Honour of Indian Army's Killed in Action during Op Vijay". Indian Army. Archived from the original on 22 December 2007. Retrieved 20 May 2009. 
  9. "Official statement giving breakdown of wounded personnel". Parliament of India Website. Archived from the original on 16 February 2008. Retrieved 20 May 2009. 
  10. "Musharraf claims Kargil was a big success militarily for Pakistan". Greater Kashmir. 1 February 2013. Archived from the original on 29 May 2013. https://web.archive.org/web/20130529140050/http://greaterkashmir.com/news/2013/Feb/1/musharraf-claims-kargil-was-a-big-success-militarily-for-pak-46.asp. Retrieved 6 April 2013. 
  11. 11.0 11.1 Tavares, Rodrigo (2006). Understanding Regional Peace and Security. Göteborg University. p. 297. ISBN 9789187380679. "the US State Department quoted the Pakistani military casualties at 700, but according to the then PM Nawaz Sharif (quoted in Gulf News, February 2002), the entire Northern Light Infantry of Pakistan was wiped out during the conflict claiming 2,700 lives." 
  12. "Pak quietly names 453 men killed in Kargil war". 18 November 2010. http://www.rediff.com/news/slide-show/slide-show-1-pak-quietly-names-453-men-killed-in-kargil-war/20101118.htm. Retrieved 6 April 2013. 
  13. "Pakistan Army admits to Kargil martyrs". NDTV. Retrieved 19 November 2010. 
  14. "Tribune Report on Pakistani POWs". The Tribune. http://www.tribuneindia.com/1999/99aug15/nation.htm#9. Retrieved 20 May 2009. 
  15. "Musharraf now has Pak's Kargil toll: 357". Indian Express. 7 October 2006. http://www.indianexpress.com/news/musharraf-now-has-paks-kargil-toll-357/14208/. Retrieved 2 February 2013. 
  16. "Kargil probe body had sought Musharraf's court martial". thenews.com. Retrieved 2 February 2013. 
  17. "Over 4,000 soldiers killed in Kargil: Sharif". The Hindu. http://hindu.com/thehindu/2003/08/17/stories/2003081702900800.htm. Retrieved 17 January 2013. 
  18. Malik, V. P. (2006). Kargil from Surprise to Victory. HarperCollins. p. 342. ISBN 9788172236359. "According to our intelligence estimates, their Army suffered over 737 casualties, primarily due to our artillery fire." 
  19. Pubby, Manu (19 November 2010). "Kargil: Pak suffered most casualties at Batalik". The Indian Express. https://indianexpress.com/article/news-archive/web/kargil-pak-suffered-most-casualties-at-batalik/lite/. Retrieved 27 June 2018. "Indian records say a total of 249 bodies of Pakistani soldiers were recovered during the battle but estimates of total enemy casualties is put around 1000-1200." 
  20. Kanwal, Gurmeet (2009). "Pakistan’s Strategic Blunder at Kargil". CLAWS Journal: 72. http://www.claws.in/images/journals_doc/1400824835Gurmeet%20Kanwal%20CJ%20SSummer%202009.pdf. Retrieved 27 June 2018. "The army recovered 249 dead bodies of Pakistani regular soldiers from the area of operations in Kargil; 244 dead bodies were buried as per military norms with religious rites; five bodies were accepted by Pakistan and taken back". 
  21. "How artillery changed the tide of the Kargil war". The Economic Times. 25 July 2017. https://economictimes.indiatimes.com/news/defence/how-artillery-changed-the-tide-of-the-kargil-war/articleshow/48216559.cms. Retrieved 27 June 2018. 
  22. وڪيپيڊيا واپرائيندڙ، «Kargil War»، کليل ڄاڻ چيڪلو انگریزي وڪيپيڊيا ۔
  23. هن کي ڪنهن وقت آپريشن وجي ڪارگل چيو ويندو آهي، جيئن ان کي 1961ع واري آپريشن وجي کان ڌار ڏيکارجي.
  24. "1999 Kargil Conflict". GlobalSecurity.org. Retrieved 20 May 2009. 
  25. Tom Clancy; Tony Zinni; Tony Koltz (2004). Battle Ready. Grosset & Dunlap. ISBN 0-399-15176-1. 
  26. "Pak commander blows the lid on Islamabad's Kargil plot". 12 June 2009. http://www.indianexpress.com/news/as-spell-binding-as-the-guns-of-navarone/475330/. Retrieved 13 June 2009. 
  27. "Sharif admits he let down Vajpayee on Kargil conflict". The Hindu (Chennai, India). 10 September 2007. http://www.thehindu.com/todays-paper/tp-national/Sharif-admits-he-lsquolet-downrsquo-Vajpayee-on-Kargil-conflict/article14832565.ece. Retrieved 3 January 2017. 
  28. Nawaz, Shuja, Crossed Swords: Pakistan, Its Army, and the Wars Within, p. 420 (2007)
  29. Hussain, Javed (21 October 2006). "Kargil: what might have happened". Dawn. Archived from the original on 2 December 2008. https://web.archive.org/web/20081202060619/http://www.dawn.com/2006/10/21/ed.htm. Retrieved 20 May 2009. 
  30. Cheema, Pervaiz Iqbal (2003). The Armed Forces of Pakistan. Allen & Unwin. ISBN 1-86508-119-1.  Pg 4
  31. "The Tribune, Chandigarh, India – Opinions". Tribuneindia.com. Retrieved 15 June 2012. 
  32. V. P. Malik, "Kargil War: Need to learn strategic lessons", India Tribune, 26 July 2011.
  33. "Kargil conflict timeline". BBC News. 13 July 1999. http://news.bbc.co.uk/2/hi/south_asia/387702.stm. Retrieved 15 June 2012.