ايڪهارٽ ٽولي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ايڪهارٽ ٽولي Eckhart Tolle

ٽولي 2003 ۾
پيدائش الريچ ليونارڊ ٽولي
فيبروري 1948 (عمر 76 سال)
لونن, نارٿ رائن وستڦيليا, جرمني
ڌنڌو ليکڪ
ٻولي انگريزي، جرمن، اسپينش
قوميت جرمني
صنف روحانيت, ميٽافزڪس, آتم-سهائتا
مُکيه ڪم هاڻي جي شڪتي (1997)
هڪ نئين ڌرتي (2005)
ويبسائيٽ
eckharttolle.com

ايڪهارٽ ٽولي (Eckhart Tolle) ( جرمن : [ˈɛkhaʁt ˈtɔlə] ڄم نالو: الريچ ليونارڊ ٽولي Ulrich Leonard Tölle، فيبروري 16، 1948) هڪ جرمن ڄائو روحاني گُرو آهي ۽ ڪئناڊا ۾ پنهنجي مدد پاڻ ليکڪ آهي. هن کي ’’هاڻي جي طاقت‘‘ (پاور آف ناؤ The Power of Now) ۽ ’’هڪ نئي ڌرتي‘‘ (اي نيو ارٿ A New Earth) ڪتابن جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو.

اوپيرا ونفري جي سفارش کان پوءِ، سندس پهريون ڪتاب، ”دي پاور آف ناؤ: اي گائيڊ ٽو اسپريچوئل انلائيٽمينٽ“، 2000 ۾ نيو يارڪ ٽائمز جي بيسٽ سيلر لسٽ تي پهتو. سندس 2005 جو ڪتاب ”اي نيو ارٿ: اويڪننگ ٽو يوور لائيف‘س پرپز“ به مشهور ڪتاب آهي.

شروعاتي زندگي جون حالتون[سنواريو]

ايڪارٽ ٽول 16 فيبروري 1948 تي لنن، اتر ڊارٽمنڊ، جرمني ۾ پيدا ٿيو. ايڪارٽ ٽول جي شروعاتي زندگي هڪ مشڪل هئي، ۽ هن کي پنهنجي ماءُپيءُ جي گهريلو تڪرار ۽ طلاق کانپوء هڪ هاسٽل ۾ رهڻو پيو. ان وقت تائين پهرين عالمي جنگ ختم ٿي چڪي هئي، پر سرد جنگ اڃا جاري هئي. ايڪرٽ هاسٽل ۾ جنهن عمارت جي ڀرسان راند ڪري رهيو هو، اها عمارت بم ڌماڪي سان تباهه ٿي وئي، جنهن ڪري ايڪارٽ سخت اداس ۽ سخت ڊپريشن ۾ وٺجي ويو. هن پنهنجي جيون جا پهريان 29 سال ان ئي ڊپريشن ۾ گذاريا. 13 سالن جي ڄمار ۾ هو پنهنجي پيءُ سان گڏ اسپين هليو ويو. ايڪرٽ جو پيءُ نه چاهيندو هو ته هو هاءِ اسڪول ۾ وڃي، ان ڪري کيس پڙهڻ لاءِ ڪتاب گهر آڻڻا پيا. ان دوران هن مشهور جرمن ليکڪ جوزف انتون شنائيڊر فرانڪن جا سڀئي ڪتاب پڙهيا، جن باطني علوم تي لکيو. ايڪارٽ 19 سالن جي عمر ۾ انگلينڊ روانو ٿيو ۽ لنڊن اسڪول فار لئنگويج اسٽڊيز ۾ جرمن ۽ فرينچ جو اڀياس ڪيائين. ان دوران هو ڊپريش ۽ ڊپ ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ هو جواب ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. پنهنجي ويهن سالن ۾، ايڪرٽ فلسفو، ادب ۽ نفسيات جو اڀياس شروع ڪيو، هن لنڊن يونيورسٽي مان گريجوئيشن حاصل ڪئي، ايڪرٽ ڪيمبرج يونيورسٽي مان هڪ اسڪالرشپ ملي، جتي هو 1977 ۾ داخل ٿيو.

ويچار[سنواريو]

هن جو چوڻ آهي ته هو مختلف اڌياتمڪ سکيائن کان متاثر آهي پر ڪنهن به ڌرم جي نمائندگي نٿو ڪري. هو ڪنهن به مذهب سان سڃاپجڻ نٿو چاهي، پر هو انهن سڀني کي مڃي ٿو.

حوالا[سنواريو]

ٻاهريان ڳنڍڻا[سنواريو]