ايڊنبرا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نيويگيشن ڏانھن ٽپ ڏيو ڳولا ڏانھن هلو

ايڊنبرا (Edinburgh)
Dùn Èideann
گاديءَ جو ھنڌ ۽ ڪائونسل ايريا
Edinburgh Skyline
Edinburgh Castle
Scott Monument
Calton Hill
National Gallery of Scotland
Scottish Parliament building
Usher Hall
مٿان، کاٻي کان ساڄيː ايڊنبرا شھر، ايڊنبرا شھر ۽ قلعو، اسڪاٽ يادگار، ڪالٽن جبل، اسڪاٽلينڊ جي قومي گئلري، اسڪاٽلينڊ جي پارليامينٽ جي عمارت، اُشر ھال
ايڊنبرا (Edinburgh)
جھنڊو
}}
قومي نشان
نعرو: Nisi Dominus Frustra (Latin)
Without the Lord, all is in vain (رب جي بنان، سڀ بيڪار آھي)
ايڊنبرا (Edinburgh) is located in Scotland
ايڊنبرا (Edinburgh)
ايڊنبرا (Edinburgh)
ايڊنبرا (Edinburgh) is located in the United Kingdom
ايڊنبرا (Edinburgh)
ايڊنبرا (Edinburgh)
ايڊنبرا (Edinburgh) is located in Europe
ايڊنبرا (Edinburgh)
ايڊنبرا (Edinburgh)
اسڪاٽليند ۾ بيھڪ##برطانيہ ۾ بيھڪ##يورپ ۾ بيھڪ
جاگرافي بيهڪ: 55°57′12″N 03°11′21″W / 55.95333°N 3.18917°W / 55.95333; -3.18917مڪانيت: 55°57′12″N 03°11′21″W / 55.95333°N 3.18917°W / 55.95333; -3.18917
خودمختيار رياست برطانيہ
ملڪ اسڪاٽلينڊ Scotland
ڪائونسل ايريا ايڊنبرا شھر
بنياد پيو ستين صدي عيسويءَ کان اڳ
برگ چارٽر 1125ع
شھر جو درجو 1633ع
حڪومت
 • قسم ميئر ڪائونسل گورنمينٽ
 • انتظامي ادارو ايڊنبرا شھر جي ڪائونسل
 • اسڪاٽلينڊ جي پارليامينٽ جا ميمبر
 • برطانوي پارليامينٽ جا ميمبر
پکيڙ
 • گاديءَ جو ھنڌ ۽ ڪائونسل ايريا ٢٦٤ ڪ.م٢ (١٠٢ ميل٢)
 • شھري ١١٩ ڪ.م٢ (٤٦ ميل٢)
بلنديبلندي ٤٧ ميل (١٥٤ ft)
آبادي (2020ع)
 • گاديءَ جو ھنڌ ۽ ڪائونسل ايريا شھرː٥٠٦,٥٢٠

ڪائونسل ايرياː٥١٨,٥٠٠
گھاٽائي ١٬٨٢٨ في چورس ڪلوميٽر
اربنː٥٣٠,٩٩٠
ميٽروː٩٠١,٤٥٥

ٻوليونː انگريزي ۽ اسڪاٽس
يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو
سرڪاري نالو ايڊنبرا جا نوان ۽ پراڻا ٽائون
يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو ثقافتي: ii, iv
حوالو 728
داخلا 1995 (19th سيشن)
يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو
سرڪاري نالو فرٿ پل
يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو ثقافتي: i, iv
حوالو 1485
داخلا 2015 (39th سيشن)

ايڊنبرا (انگريزي: Edinburgh، (About this sound ٻُڌو)) اسڪاٽلينڊ جي گاديءَ جو ھنڌ آھي ۽ ھيءُ اسڪاٽلينڊ جي 32 ڪائونسل ايراضين (Council Areas) مان ھڪ آھي. تاريخي طور ھي مڊلوٿيان (Midlothian) ڪائونٽي جو حصو ھو. ھيءُ شھر لوٿيان واري علائقي ۾ فرٿ آف فورٿ (Firth of Forth) جي ڏاکڻين ڪنڌيءَ تي آباد آھي[1]. ھن شھر کي 15ھين صدي عيسويءَ ۾ اسڪاٽلينڊ جي گاديءَ جو ھنڌ مقرر ڪيو ويو. اسڪاٽش حڪومت، اسڪاٽلينڊ جي پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ ھن شھر ۾ قائم آھن. ھوليروڊھائوس محل (Holyroodhouse Palace) برطانيا جي راڻيءَ جي سرڪاري رھائشگاھ آھي. ھيءُ شھر تعليم جو وڏو مرڪز رھيو آھي ۽ ھتي ميڊيڪل، سائنس، انجنيئرنگ، قانون ۽ فلاسافيءَ جي تعليم ۽ کوجنا جون سھولتون موجود آھن. ھتي جي شاندار تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کي ڏسڻ لاءِ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين ماڻھو ھي شھر گھمڻ اچن ٿا. 2016ع جي انگن اکرن موجب اٽڪل 1750000 سياح ھر سال ھتي اچن ٿا.

ھيءُ آباديءَ جي لحاظ کان اسڪاٽلينڊ جو ٻيو نمبر وڏو شھر ۽ برطانيا جو ستون نمبر وڏو شھر آھي[2]. جاگرافيائي لحاظ کان ھيءُ اسڪاٽلينڊ جي ڏکڻ اوڀر واري علائقي ۾ آباد آھي. ھتي ڪيترائي قومي ادارا قائم آھن جن ۾ قومي عجائب گھر، قومي لائبرري ۽ قومي گئلري خاص ذڪر جي لائق آھن. ايڊنبرا يونيورسٽي 1582ع ۾ قائم ٿي جيڪا جن وقت دنيا جي 20 سڀ کان ساک وارين يونيورسٽين مان ھڪ آھي[3]. چرچ آف اسڪاٽلينڊ جي جنرل اسيمبليءَ جو ساليانو ميڙ بہ ھن ئي شھر ۾ منعقد ٿئي ٿو. ايڊنبرا ساليانو بين الاقوامي ميلو ھر سال آگسٽ ۾ منعقد ٿئي ٿو جنھن ۾ دنيا جي ساک وارن ادارن پاران موسيقي، راڳ رنگ، ناچ گاني ۽ اھڙين ٻين تقريبن جو اھتمام ڪيو وڃي ٿو. ھتان جي تاريخي جاين ۾ ايڊنبرا جو قلعو، ھوليروڊ ھائوس محل، سينٽ گائيل جا گرجاگھر ۽ ٻيون قديم عمارتون شامل آھن. ايڊنبرا جو نئون ۽ پراڻو شھر يونيسڪو جي ثقافتي ورثن ۾ شامل آھن.

تاريخ

ھڪ اندازي مطابق، اٽڪل 8500 ق م ۾ ھتان جي جبلن تي پھريون انساني آباديون قائم ٿيون[4]. ھتي پتل ۽ لوھ واري دور جي انساني وسندين جا اھڃاڻ ملن ٿا[5]. پھرين صدي عيسويءَ ۾ رومي ھن علائقي ۾ پھتا. ان وقت ھتي ھڪ سيلٽڪ (Celtic) قبيلو موجود ھو. رومين ان قبيلي کي ووتاديني (Votadini) قبيلو سڏيو[6]. اوائلي وچئين دور ۾ اھو قبيلو گوڊوڊين سلطنت (Gododdin Kingdom) جو حصو بنجي ويو. ايڊائن (Eidyn) ھن سلطنت جو ھڪ ضلعو ھو جنھن جو مرڪز موجودہ ايڊنبرگ قلعي واري علائقي ۾ ھو[7]. لفظ ”ايڊائن“ اڳتي ھلي ”ايڊنبرا“ بنجي ويو. 638ع ۾ نارٿمبريا (Northumbria) جي سلطان اوسوالڊ (Oswald) ھن سلطنت تي قبضو ڪيو ۽ ھيءُ علائقو اينگلس (Angles) قوم جي ھٿ ھيٺ اچي ويو. اينگلس لڳڀڳ ٽي صديون ھتي قابض رھيا. 950ع ڌاري ڌارين ھن ڌرتيءَ تان پنھنجا پير پٽيا ۽ ھيءُ علائقو اسڪاٽس (Scots) جي ڪنٽرول ھيٺ آيو.

ٻارھين صديءَ جي شروع ۾ ايڊنبرا کي رائل برگھ (Royal Burgh) جو درجو ڏنو ويو[8]. اسڪاٽلينڊ ۾ رائل برگھ ھڪ اھڙي ننڍي شھر کي چيو وڃي ٿو جنھن جي چوڌاري ھڪ ڪوٽ ڏنل ھجي ۽ جنھن جي انتظام ھلائڻ لاِءِ حڪومتي سرپرستيءَ ۾ باقائدہ قاعدا ۽ قانون ٺھيل ھجن. چوڏھين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري يا پندرھين صديءَ جي شروع ۾ ھيءُ شھر اسڪاٽلينڊ جي گاديءَ جو ھنڌ بنجي ويو[9]. 1544ع ۾انگريزن ھن شھر کي تباھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٿوري ئي عرصي ۾ ھن شھر ھڪ ڀيرو ٻيھر اسڪاٽلينڊ ۾ اھميت اختيار ڪري ورتي.

1603ع ۾ اسڪاٽلينڊ جي بادشاھ جيمس ڇھين اسڪاٽلينڊ ۽ انگلينڊ کي ملائي ھڪ گڏيل حڪومت قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو پر اسڪاٽلينڊ ھر لحاظ کان خودمختيار ئي رھيو[10]. اسڪاٽلينڊ جا ماڻھو ھن گڏيل حڪومت مان گھڻو خوش نہ ھئا، ان ڪري ملڪ گهڻِي بييچينيءَ ۽ بي يقينيءَ جو شڪار رھيو. آخرڪار 1650ع ۾ ھتي انگريزي فوجن قبضو ڪري ورتو.

1706ع ۽ 1707ع ۾ ھڪ معاھدي تحت اسڪاٽلينڊ ۽ انگلينڊ کي ملائي عظيم برطانيا جي بادشاھت (ۡKingdom of Great Britain) قائم ڪئي وئي. ھيءَ نئين بادشاھت 1 مئي 1707ع ۾ قائم ٿي[11]. اسڪاٽلينڊ جي پارليمينٽ کي انگلينڊ جي پارليامينٽ ۾ ضم ڪري عظيم برطانيا جي پارليامينٽ (Parliament of Great Britain) جو بنياد رکيو ويو ۽ ان جون آفيسون ويسٽمنسٽر (Westminster) لنڊن ۾ قائم ڪيون ويون. اسڪاٽلينڊ جا عام ماڻھو ھن ميلاپ مان خوش نہ ھئا ۽ ايڊنبرگ سميت اسڪاٽلينڊ جي ٻين شھرن ۾ وڳوڙ ٿيا.

سترھين ۽ ارڙھين صدي عيسويءَ ۾ ھتان جي آدمشماري تيزيءَ سان وڌي ۽ ھيءُ شھر برطانيا جو سڀ کان وڌيڪ ڳتيل آباديءَ وارو شھر ليکجڻ لڳو. رھائش جون ضرورتون پرويون ڪرڻ لاءِ ھتي ڪيتريون ئي گھڻماڙ عمارتون ٺاھيون ويون. ارڙھين صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ مقامي دانشورن، سماجي ڪارڪنن ۽ سياستدانن جي ڪوششن سان ھن شھر ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ طرف وکون کڻڻ شروع ڪيون ۽ ھيءُ شھر دنيا جي جديد ۽ خوشحال شھرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. ھيءُ شھر پنھنجي تاريخي ۽ خوبصورت عمارتن ۽ بھترين تعليمي ادارن سبب ”اُتر جو اٿينس“ (Athens of North) سڏجڻ لڳو. 1770ع ۽ ان کان پوءِ وارن سالن ۾ ماڻھو پراڻي شھر جي ڳتيل آباديءَ مان نڪري شھر ۾ نيون وسنديون قائم ڪرڻ لڳا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ايڊنبرا جو نئون شھر پراڻي شھر جي مقابلي ۾ تيزيءَ سان ترقي ڪرڻ لڳو.

اسڪاٽلينڊ ۽ برطانيا جي ٻين شھرن جي ڀيٽ ۾ ھتي صنعتي ترقي گھٽ ٿي آھي. ھتي شراب ٺاھڻ، رٻڙ ۽ انجيئرنگ جي سامان جا ڪارخانا آھن پر گلاسگو ۾ وڌيڪ صنعتون قائم ٿيڻ سبب 1821ع کان وٺي گلاسگو جي آبادي ايڊنبرگ کان وڌيڪ آھي[12]. ھن وقت گلاسگو آباديءَ جي لحاظ کان اسڪاٽلينڊ جو پھريون نمبر ۽ ايڊنبرا ٻيو نمبر وڏو شھر آھي.

1998ع ۾ اسڪاٽلينڊ جي پارليامينٽ ٻيھر بحال ٿي ۽ ان جون آفيسون ايڊنبرا ۾ قائم ڪيون ويون آھن[13]. 2007ع کان اسڪاٽلينڊ جي پارليامينٽ کي اسڪاٽلينڊ جي حڪومت (Scottish Government) ڪوٺيو وڃي ٿو [14]. بچاءُ، پرڏيھي معاملن ۽ ٽيڪسيشن کي ڇڏي اسۡڪاٽلينڊ جي باقي سمورن انتظامي معاملن جو سمورو اختيار ھن حڪومت کي حاصل آھي.

انتظام

شھر جا انتظامي معاملا ھتان جي مقامي ڪائونسل جي سپرد آھن. ايڊنبرگ جو ڪاروھنوار 58 چونڊيل نمائندا ھلائين ٿا. مقامي ڪائونسل جي سرواڻي لارڊ پرو ووسٽ (Lord Provost) ڪري ٿو. اسڪاٽلينڊ جي پارليامينٽ ۾ ايڊنبرا شھر جون ڇھ سيٽون آھن. ان سان گڏوگڏ ٽي وڌيڪ سيٽون شھر جي آسپاس وارن علائقن جي نمائندگيءَ لاءِ آھن. برطانيا جي گڏيل پارليامينٽ ۾ ايڊنبرا جون پنج سيٽون آھن.

تعليم

ھن وقت ايڊنبرا ۾ ٽي يونيورسٽيون آھن: ايڊنبرا يونيورسٽي، ھيريوٽ ــ واٽ يونيورسٽي ۽ ايڊنبرا نيپئر يونيورسٽي.

ايڊنبرا يونيورسٽي 1583ع ۾ قائم ٿي ۽ ھيءَ اسڪاٽلينڊ جي پراڻين يونيورسٽين مان ھڪ آھي. اسڪاٽلينڊ ۾ سينٽ اينڊريوز، گلاسگو ۽ ايبرڊين يونيورسٽيءَ کان پوءِ ھيءَ چوٿون نمبر پراڻي يونيورسٽي آھي. ھن يونيورسٽيءَ جو شمار دنيا جي 20 ساک وارين يونيورسٽين ۾ ٿئي ٿو.

ھيريوٽ واٽ يونيورسٽي (Heriot-Watt University) ايڊنبرا جي اولاھين حصي ۾ قائم ڪئي وئي آھي. تاريخي طور تي 1821ع ۾ ھتي ھڪ ٽيڪنيڪل ڪاليج ٺاھيو ويو جنھن کي 1966ع ۾ يونيورسٽيءَ جو درجو ڏنو ويو. ھن يونيورسٽيءَ تي اھو نالو اسڪاٽلينڊ جي مشھور سائنسدان جيمس واٽ ۽ مشھور سماجي اڳواڻ جارج ھيريوٽ جي ياد ۾ رکيو ويو. ھن يونيورسٽيءَ جا ڪئمپس اورڪني ٻيٽ، گڏيل عرب امارات ۽ پتراجايا ملائيشيا ۾ قائم ڪيا ويا آھن. برطانيا ۽ اسڪاٽلينڊ اندر ھيءَ يونيورسٽي بہ ساک وارين يونيورسٽين ۾ شمار ٿئي ٿي.

  • ايڊنبرا نيپئر يونيورسٽي ھتان جي ٽئين يونيورسٽي آھي. 1986ع ۾ نيپئر ڪاليج کوليو ويو ھو جنھن کي 1992ع ۾ يونيورسٽيءَ جو درجو ڏئي ”ايڊنبرا نيپئر يونيورسٽي“ نالو ڏنو ويو[15].
  • ڪئين مارگريٽ يونيورسٽي (َQueen Margaret University) بہ ھن شھر ۾ قائم ڪئي وئي ھئي پر 2008ع ۾ انھيءَ کي شھر کان 8 ميل پري مسلبرا (Musselburgh) ڏانھن منتقل ڪيو ويو آھي.

ھن شھر ۾ علم جي اڃ اجھائڻ لاءِ ڪيترائي ڪاليج پڻ قائم ڪيا ويا آھن. انھن ۾ ”ايڊنبرا ڪاليج“، ”رائل ڪاليج آف سرجنس آف ايڊنبرگ“ (Royal College of Surgeons of Edinburgh)، ”رائل ڪاليج آف فزيشينس وف ايڊنبرگ“ (Royal College of Physicians of Edinburgh ) ۽ ”ايڊنبرا ڪاليج آف آرٽس“ (Edinburgh College of Art) خاص اھميت رکن ٿا. ان کانسواءِ ٻيا بہ ڪيترائي سرڪاري ۽ خانگي ڪاليج آھن.

ھن وقت شھر ۾ 18 نرسري، 94 پرائمري ۽ 23 سيڪنڊري اسڪول ڪم ڪري رھيا آھن. ھتي جو ”رائل ھاءِاسڪول“ نه رُڳو اسڪاٽلينڊ پر دنيا جي سڀ کان پراڻن اسڪولن مان ھڪ آھي. آگسٽ 2013ع ۾ ھتي گئلڪ ٻولي ڳالھائيندڙ ٻارن لاءِ پھريون اسڪول کوليو ويو آھي[16].

تھذيب ۽ ثقافت

ميلا

ھتي سڄو سال مختلف قسمن جا ميلا لڳندا رھن ٿا. جن مان ڪجھ خاص ميلن جو ذڪر ھيٺ ڏجي ٿو:

بين الاقوامي سائنسي ميلو

اسڪاٽلينڊ سائنسي کوجنائن، ايجادن ۽ اعليٰ سائنسي سکيا جي حوالي سان دنيا ۾ چڱي موچاري ساک رکي ٿو. ايڊنبرا ۾ پھريون عالمي سائنسي ميلو 1989ع ۾ لڳو جنھن جو افتتاح خلا ۾ سفر ڪندڙ پھرين خاتون ويلينتينا تيريشڪووا (Valentina Tereshkova) ڪيو[17]. ھي ميلو ھر سال اپريل جي مھيني ۾ منعقد ٿئي ٿو. ھن ميلي ۾ برک سائنسدان، تعليمي ادارا، سائنسي تنظيمون، کوجنا جا ادارا ۽اسڪولن جا ٻار شريڪ ٿين ٿا.

ٻارن جو عالمي ميلو

ھي ميلو 1990ع ۾ شروع ٿيو ۽ ھر سال گرمين جي موڪلن ۾ منعقد ٿئي ٿو. ھن ميلي ۾ اٽڪل 10000 مائٽ، ٻار، اسڪول ۽ ننڍڙا فنڪار شريڪ ٿين ٿا. ميلي ۾ ڳائڻ ۽ نچڻ جامقابلا، پتلين جا تماشا، ٻارن جا ٿيٽر ۽ ٻيون ٻارن جي دلچسپيءَ جون تقريبون شامل ھونديون آھن. ھي ميلو نو ڏينھن ھلي ٿو[18].

ايڊنبرا جو بين الاقوامي فلمي ميلو

ھيءُ فلمي دنيا جو سڀ کان پراڻو ميلو آھي جيڪو 1947ع کان وٺي اڄ تائين ھر سال ايڊنبرا ۾ منعقد ٿيندو آھي. ھن ميلي ۾ برطانيا ۽ باقي دنيا جا وڏا وڏا اداڪار، فلمساز، پروڊيوسر ۽ ٻيا لاڳاپيل ماڻھو شريڪ ٿيندا آھن. ھن ميلي ۾ چونڊ فلمون ۽ ڊاڪيومينٽريون بہ ڏيکاريون وينديون آھن. فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي خواھشمند نوجوانن لاءِ تربيتي سيمينار منعقد ڪرايا وڃن ٿا. چونڊ فلمن کي ايوارڊ بہ ڏنا وڃن ٿا.

ايڊنبرا جو بين الاقوامي ميلو

ايڊنبرا جو بين الاقوامي ميلو (Edunburgh International Festival) بہ فلمي ميلي وانگيان 1947ع ۾ شروع ٿيو. ھي بنيادي طور موسيقيءَ جو ميلو آھي جنھن ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل نالي وارا راڳيندڙ پنھنجي پنھنجي فن جو اظھار ڪن ٿا. ھن ميلي ۾ اوپيرا، ٿيٽر، ڊانس، ڪلاسيڪي موسيقي ۽ ٻيا ثقافتي رنگ شامل ھوندا آھن. ھيءُ ميلو يورپ ۽ ٻي دنيا ۾ تمام گھڻو مقبول آھي ۽ ميلي دوران شھر ۾ ماڻھن جا انبوھہ گڏ ٿي ويندا آھن. ميلي وارن ڏينهن دوران هوٽلن جي مسواڙ وڌي ويندي آهي. [19]

فن جو عالمي ميلو

ٻين ميلن وانگيان ايڊنبرا ۾ فن جو ھي ميلو (Edinburgh Art Festival) بہ ھر سال ڌام ڌوم سان ملھايو وڃي ٿو جنھن ۾ مصوري، خطاطي، چترڪاري، پينٽنگ ۽ ٻين فن سان واسطو رکندڙ نمائشن ۽ تقريبن جو اھتمام ڪيو وڃي ٿو. ھن ميلي ۾ نوجوانن جي خاص ھمت افزائي ڪئي وڃي ٿي تہ ھو پنھنجو ٽيلينٽ دنيا جي آڏو ظاھر ڪن ۽ پنھنجن فن پارن جي نمائش ڪن.

ايڊنبرا جي شاھي فوجي نمائش

ايڊنبرا جي شاھي فوجي نمائش (Royal Edinburgh Military Tattoo) ھتان جي مشھور ترين ميلن مان ھڪ آھي جنھن ۾ ھر سال لڳڀڳ 220000 ماڻھو شريڪ ٿين ٿا. ھن نمائش ۾ فوجي ساز ۽ موسيقي، جنگي ڪرتب، قومي ترانا، وطن جي محبت جا گيت، جنگ ۾ استعمال ٿيندڙ ھٿيار، فوجي لباس ۽ اھڙي قمم جون ٻيون نمائشون، تقريبون ۽ پروگرام شامل ھوندا آھن.

ايڊنبرا جو عالمي ڪتابي ميلو

ھي ميلو ڪتابن ۽ مطالعي جي شوَقين ماڻھن کي ھڪ بين الاقوامي پليٽ فارم مھيا ڪري ٿو. ھي ميلو فقط پسند جا ڪتاب خريد ڪرڻ جي جڳھہ ناھي پرَ ھڪ اھڙو ميڙ آھي جنھن ۾ دنيا جا وڏا وڏا ليکڪ، علم جا اڪابر، ادب جو نوبيل انعام حاصل ڪندڙ شخصيتون، مورخ ۽ ليکڪ پنھنجا ويچار ونڊيندا آھن.

ايڊنبرا جي قلعي تان شھر جو ھڪ ڏيک

ايڊنبرا جا عجائب گھر، لائبرريون ۽ گئلريون

ايڊنبرا ۾ ڪيترائي عجائب گھر ۽ لائبرريون آھن جن ۾ اسڪاٽلينڊ جو قومي عجائب گھر (National Museum of Scotland)، اسڪاٽلينڊ جي قومي لائبرري (National Library of Scotland)، قومي جنگي عجائب گھر (National War Museum)، ايڊنبرا جو ميوزيم (Edinburgh Museum)، سرجن ھال عجائب گھر (Surgeon's Hall Museum)، ليکڪن جو عجائب گھر (Writer's Museum)، ٻالڪپڻي جو عجائب گھر Museum of) Childhood)۽ ”اسان جي متحرڪ زمين“ (Our Dynamic Earth) شامل آھن. ھتي ”ميوزم آف مائونڊ“ (Museum of Mound) جي نالي سان بہ ھڪ عجانب گھر آھي جنھن ۾ ناياب سڪا، ڪرنسي نوٽ ۽ ناڻي سان واسطو رکندڙ شيون رکيل آھن. ھتي ھڪ عظيم الشان چڙيا گھر پڻ آھي جنھن کي ”ايڊنبرا زُو“ (Edinburgh Zoo) ڪوٺيو وڃي ٿو. ھيءُ چڙيا گھر 82 ايڪڙن ۾ ڦھليل آھي جنھن ۾ قسمين قسمين جانور ۽ پکي ڏسي سگھجن ٿا. ھتي برطانيا جي راڻيءَ جي استعمال ۾ رھندڙ سامونڊي ٻيڙو بہ سياحن جي دلچسپيءَ جو مرڪز رھي ٿو. اھو ٻيڙو 1954ع کان 1997ع تائين راڻي ايلزبيٿ ثاني جي استعمال ۾ رھيو. ھن ٻيڙي کي ”برطانيا جو شاھي ٻيڙو“ (The Royal Yacht Britannica) ڪوٺيو وڃي ٿو. ايڊنبرا ۾ پنج قومي گئلريون آھن. ان کان علاوہ ٻيون بہ ڪيتريون ئي ننڍيون آرٽ گئلريون آھن. اسڪاٽلينڊ جي قومي گئلريءَ (Scottish National Gallery) ۾ چترڪاريءَ ۽ مصوريءَ جون قومي سطح جون نمائشون منعقد ٿين ٿيون. مقامي چترڪارن کي پنھنجا فن پارا ڏيکارڻ لاءِ ننڍيون آرٽ گيلريون ۽ ڪجھ دڪان مخصوص ڪيا ويا آھن[20].

رانديون

اسڪاٽلينڊ جي ٻين علائقن وانگيان ايڊنبرا جا ماڻهو بہ راندين جا ڪوڏيا آهن. هتي جي سڀ کان مشهور راند فوٽ بال آهي. ”هارٽ آف مڊلوٿيان“ (Heart of Midlothian) ۽ ”هبرنين“ (Hibernian) هتان جون مشهور فوٽ بال ٽيمون آهن. هنن ٽيمن کي مختصر طور تي ”هارٽس“ ۽ ”هِبس“ ڪوٺيو وڃي ٿو. هارٽس 1874ع ۾ ۽ هبس 1875ع ۾ وجود ۾ آيون. هنن ٻن ٽيمن کان علاوھ شهر ۾ ڪجه ٻيون ننڍيون ٽيمون پڻ آهن.

”رگبي“ راند بہ ھتان جي من پسند راندين مان ھڪ آھي. اسڪاٽلينڊ جي قومي رگبي ٽيم ۽ پروفيشنل رگبي يونين جون ٽيمون ”مري فيلڊ اسٽيڊيم“ (Murrayfield Stadium)۾ پنھنجون مئچون کيڏنديون آھن. ھيءُ اسڪاٽلينڊ جو وڏي ۾ وڏو اسٽيڊيم آھي جنھن ۾ 67144 ماڻھن جي ويھڻ جي گنجائش آھي. ھن شھر ۾ رگبيءَ جون پنج ٻيون ٽيمون پڻ آھن.

ھتي ڪرڪيٽ جو گرائونڊ بہ موجود آھي جيڪو اسڪاٽلينڊ جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ھوم گرائونڊ آھي. آئيس ھاڪي، بيسڪيٽ بال، ڊوڙ جا مقابلا ۽ ٻيون رانديون پڻ کيڏيون وڃن ٿيون.

ايڊنبرا جا مشهور ماڻهو

ايڊنبرا حقيقت ۾ يورپ جي تمام سُهڻن شهرن مان هڪ آهي ۽ تاريخي ۽ علمي ادبي دنيا جي آفاقي ڪردارن جو وارو شهر آهي. جهڙوڪ:

  1. جان ناڪس John knox
  2. ميري ڪئُين آف اسڪاٽس Mary Queen of Scots
  3. رابرٽ لوئس اسٽيوينس Robert Louis Stevenson
  4. سر آرٿر ڪونن ڊائل Sir Arthur Conon Doyle
  5. اليگزينڊر گراهم بيل Alexander Graham bell
  6. سر والٽر اسڪاٽ Sir Walter Scott
  7. پرنس چارلي Bonnie Prince Charlie

وغيره سندس عظمت جي عاليشان علامت آهن.

حوالا

  1. "Edinburgh | Geography, History, & Points of Interest". Encyclopedia Britannica. حاصل ڪيل 2019-12-02. 
  2. "City of Edinburgh Council Area Profile". www.nrscotland.gov.uk. حاصل ڪيل 2019-12-05. 
  3. "QS World University Rankings 2020". Top Universities. حاصل ڪيل 2019-12-10. 
  4. Earliest evidence found of settlers in Scotland: hazelnuts and stone tools excavated near Edinburgh date to around 8500 BC, British Archaeology News, Issue 60, August 2001
  5. Coghill H.; Lost Edinburgh: Edinburgh's Lost Architectural Heritage, Birlinn, 2005, ISBN: 978-1-84158-747-9
  6. Ritchie J.N.G., Ritchie A.; Edinburgh and South-east Scotland, Heinemann Educational, 1972, ISBN: 0435329715
  7. Driscoll S.T., Driscoll S., Yeoman P.; Excavations Within Edinburgh Castle in 1988-91, Society of Antiquaries of Scotland Monograph, 1998, ISBN: 978-0-903-903127
  8. Daiches, D. (1978), Edinburgh, Hamish Hamilton, ISBN: 978-0-241-89878-9
  9. Dickinson, W C (1961), Scotland, From The Earliest Times To 1603, Edinburgh, Thomas Nelson
  10. Donaldson, G. (1967), Scottish Kings, Batsford
  11. Scott, P. (1979); 1707: The Union of Scotland and England, Chambers, pp. 51–54, ISBN 978-0-550-20265-9
  12. Pryde G.S. (1962), Scotland from 1603 to the present day, Nelson, p. 141. Population figures for 1801 – Glasgow 77,385; Edinburgh 82,560; for 1821 – Glasgow 147,043; Edinburgh 138,325
  13. http://www.legislation.gov.uk/ukpga/1998/46
  14. http://news.bbc.co.uk/2/hi/uk_news/scotland/6974798.stm, last visited on 16 December 2019
  15. "Edinburgh Napier University guide" (en-GB ۾). The Telegraph. 2016-06-29. ISSN 0307-1235. https://www.telegraph.co.uk/education/0/edinburgh-napier-university-guide/. 
  16. "Iomairt Ghàidhlig Dhùn Èideann | A' Leasachadh na Gàidhlig ann am Prìomh-Bhaile na h-Alba : Developing Gaelic in Scotland's Capital City". web.archive.org. حاصل ڪيل 2019-12-20. 
  17. "Edinburgh International Science Festival - This is Edinburgh". edinburgh.org. حاصل ڪيل 2019-12-12. 
  18. "Edinburgh International Children's Festival | This is Edinburgh". edinburgh.org. حاصل ڪيل 2019-12-12. 
  19. لنڊن جا ڏينهن اسڪاٽ لينڊ جون راتيون (عبدالحئي پليجو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر
  20. "Shopping on Princes Street & George Street Edinburgh | Visit Scotland". web.archive.org. حاصل ڪيل 2019-12-22.