ڪراچي ڪنگز
![]() | ||
| عرفيت | دلين جو بادشاهه (lit. Kings of hearts) | |
|---|---|---|
| ذاتي | ||
| ڪيپٽن | ||
| ڪوچ | ||
| مالڪ | سلمان اقبال | |
| معلومات ٽيم | ||
| شهر | ڪراچي، سنڌ، پاڪستان | |
| رنگ | ||
| بنياد | 2015 | |
| ميدان | نيشنل اسٽيڊيم، ڪراچي | |
| گنجائش | 34,228 | |
| تاريخ | ||
| پي ايس ايل کٽيا | 0 | |
| سرڪاري ويبسائيٽ: | karachikings.com.pk | |
| ||
ڪراچي ڪنگز (انگريزي ٻولي: Karachi Kings، اردو: کراچی کنگز، مخفف: KK)، پاڪستان جي هڪ پيشوار ٽي ٽوينٽي ڪرڪيٽ ٽيم آهي، جيڪا پاڪستان سپر ليگ جو حصو آهي. هي ٽيم پاڪستان جي صوبي سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي تي مشتمل آهي.[1] هن ٽيم جو قيام 2015ع تي ٿيو، جڏهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان پاڪستان سپر ليگ جو بنياد رکيو ويو. هن ٽيم جو گھرو ميدان نيشنل اسٽيڊيم آهي. هن وقت هن ٽيم جو ڪيپٽن عماد وسيم آهي،[2] ۽ ڪوچ ڏکڻ آفريڪا جو اڳوڻو رانديگر مڪي آرٿر آهي.[3] راشد لطيف کي 20 سيپٽمبر 2016ع تي ڪرڪيٽ آپريشنس جو ڊاريڪٽر مقرر ڪيو ويو.[4] اپريل 2017ع تي شاهد آفريدي کي ٽيم جو صدر مقرر ڪيو ويو. ٽيم ۾ وڌيڪ رنسون ڪندڙ کلاڙي بابر اعظم آهي،[5] جڏهن گھڻا وڪيٽ وٺندڙ بالر محمد عامر آهي.[6]
مالڪاڻا حق
ڪراچي ڪنگز جو مالڪ سلمان اقبال آهي، جڏهن 3 ڊسمبر 2015ع تي، پي سي بي، پاڪستان جي پنج شهرن تي مشتمل ٽيمن جي مالڪن جو اعلان ڪيو ويو.[7] هي ٽيم اي آر وائي گروپ کي 26 ملين آمريڪي ڊالرن ۾ وڪرو ڪيو ويو. ان وقت هي مهانگي ترين ٽيم هئي،[8] پر 2017ع ۾ ملتان سلطان سڀني کان وڌيڪ مهانگي ٽيم ثابت ٿي، جڏهن هن جو اٺ سالن لاءِ وڪرو 41.6 ملين آمريڪي ڊالرن ۾ ڪيو ويو.[9]
2016 ۾ ڪارڪردگي
- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڪراچي ڪنگز جي 2016ع ۾ ڪارڪردگي

ڪراچي ڪنگز دبئي عالمي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پهرين راند کيڏي، جنهن ۾ آساني لاهور قلندرز کي شڪست ڏني، ان راند ۾ محمد عامر هيٽ ٽرڪ پڻ ڪئي.[10] ان کانپوءِ ڪراچي ڪنگز هڪ ٻي راند ۾ پڻ ڪاميابي حاصل ڪئي، اهڙي ريت گروپ راندين ۾ 2 رانديون جي مقابلي ۾ 6 رانديون هارايائين. ڪراچي ڪنگز اسڪور ٽيبل ۾ ڇوٿين نمبر تي رهي، ۽ اڳيئن رائونڊ لاءِ ڪوليفاءِ ڪيائين. اسلام آباد يونائيٽڊ سان ميچ دوران شعيب ملڪ جي جڳهه تي روي ڀوپارا کي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو،[11] ان مچ ۾ ڪراچي ڪنگز کي 9 وڪيٽن تان شڪست آئي ۽ ٽيم ٽورنامنٽ کان ٻاهر ٿي وئي.[12]
2017 ۾ ڪارڪردگي
- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڪراچي ڪنگز جي 2017ع ۾ ڪارڪردگي
ڪمار سنگرڪارا ۽ بابر اعظم، 2017ع ۾ ڪراچي ڪنگز ۾ شامل ٿيا، هن سال اظهر محمود کي ڪوچ طور مقرر ڪيو ويو.[13] پهرين راند ۾ ڪراچي کي پشاور زلمي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏيئي ڇڏي.[14] ٻي راند ۾ ڪوئيٽا گليڊيٽرز پڻ ٽيم کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏني، هن راند ۾ ڪراچي ڪنگز 160 رنسون ٺاهيون.[15] شارجه ۾ ٿيل راند ۾ پڻ ٽيم هارائي وئي، هن دفعي ٻيهر ڪوئيٽا گليڊيٽرز شڪست ڏني. هن راند ۾ ڪمار سنگرڪارا ۽ شعيب ملڪ 101 رنسن جي ڀاڱيداري ڪئي پر تنهن باجود ٽيم راند کٽي نه سگھي..[16] اڳئين راند اسلام آباد يونائيٽڊ جي خلاف هئي ۽ ان ۾ ٽيم سوڀاري ٿي،[17] شارجه ليگ جي آخري راند ۾ پڻ ڪراچي ڪنگز سوڀاري ٿي ۽ پشاور زلمي کي پٺتي ڇڏي وئي.[18]
ٽورنامنٽ جا اڳيان راند دبئي ۾ ٿيا، جتي ڪنگز کٽڻ واري سلسلي کي برقرار نه رکي سگھي ۽ ڪوئيٽا گليڊيٽرز کان 6 وڪيٽن تان هارائي وئي. پهرين بيٽنگ ڪندي ڪراچي ڪنگز 155 رنسون ٺاهيون، پر سهيل خان طرفان هڪ اوور ۾ 3 وڪيٽون وٺڻ باوجود، ٽيم 155 رنسن جو دفاع نه ڪري سگھي. هن شڪست سبب ڪراچي هڪ دفعو ٻيهر پوائنٽ ٽيبل ۾ آخري نمبر تي اچي وئي.[19] آخري راند جنهن ۾ ٻنهي ٽيمن کي کٽڻو هو، انهي ۾ ڪراچي ڪنگز، لاهور قلندرز کي آخري بال تي هارائي وڌو. 156 رنسن جو حدف پورو ڪرڻ لاءِ آخري 2 بالن ۾ 10 رنسو گھربل هيون، جنهن ۾ ڪيرون پولارڊ ٻنهي بالن ۾ ٻه ڇڪا هڻي راند کٽرائي ٽيم کي ٽورنامنٽ کان ٻاهر نڪرڻ کان بچائي ورتو.[20]
هاڻ ڪراچي کي هر راند ۾ رنس جي سلسلي کي بحال رکڻو هو، اڳئين راند اسلام آباد يونائيٽڊ سان هئي، جنهن ۾ پڻ ڪاميابي ضروري هئي. مينهن سبب راند 15 اوورن تائين محدود ٿي وئي، جنهن ۾ اسلام آباد 124 رنسن جو حدف ڏنو، جنهن ۾ ڪراچي ڪنگز کي اڳيئن مرحلي ۾ پهچڻ لاءِ 111 رنسون گھربل هيون. ڪريس گيل 17 بالن ۾ 44 رنسون ٺاهيون، پر راند کٽائڻ ۾ پولارڊ هڪ دفعو ٻيهر ڪردار ادا ڪيو، ۽ آخر بال ۾ چار رنسو حاصل ڪيون ۽ ائين ڪراچي ڪنگز ان راند ۾ سوڀاري ٿي.
قسمت سان اڳئين مرحلي ۾ ٻيهر ڪراچي جو مقابلو اسلام آباد سان ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي پهرين بيٽنگ ڪئي، ۽ سڄي ٽيم 126 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. پر اسلام آباد جي ٽيم صرف 82 رنسون ٺاهي سگھي، جيڪو سڄي ٽورنامنٽ ۾ سندن گھٽ رنس هئا ۽ سڄي ٽورنامنٽ جي تاريخ ۾ ٻي نمبر تي گھٽ اسڪور هئا.[21] هن راند ۾ محمد عامر، عماد وسيم ۽ اسامه مير ٽي ٽي وڪيٽون حاصل ڪيون. ائين اسلام آباد جي ٽيم ٽورنامنٽ کان ٻاهر ٿي وئي.[22]
2018 ۾ ڪارڪردگي
- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڪراچي ڪنگز جي 2018ع ۾ ڪارڪردگي

7 اپريل 2017ع تي شاهد آفريدي کي کلاڙي ۽ صدر طور ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو. مچل جونسن جي جاءِ تي ٽيمل ملس کي شامل ڪيو ويو.[23] 2018 جي شروعات ۾ ٻهير ڪوئيٽا گليڊيٽرز ٻن راندين ۾ ڪراچي کي شڪست ڏئي ڇڏي.[24] اڳين راند ۾ ڪراچي پشاور زلمي کي سخت مقابلي بعد هارائي ڇڏيو، هن راند ۾ ٽيم 5 وڪيٽن تان کٽيو، جڏهن ته صرف 2 بال باقي هئا.[25] اڳين راند لاهور قلندرز سان هئي، 9 وڪيٽن جي نقصان سان ڪراچي 159 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ روي ڀوپارا 50 رنسون ٺاهيون، هن راند ۾ لاهور قلندرز کي 27 رنسن تان شڪست آئي.[26] 21 مارچ 2018ع تي لاهور ۾ کيڏيل راند ۾ پشاور زلمي ڪراچي کي شڪست ڏئي ڇڏي.[27] اڳين راند شارجا ۾ ٿي، جيڪا مسلسل مينهن سبب ختم ٿي وئي،[28] ٻي راند ۾ ڪراچي ڪنگز اسلام آباد يونائيٽد خلاف 154 رنسون ٺاهيون، پر اها راند اسلام آباد يونائيٽڊ 8 وڪيٽن تان کٽي ورتي.[29]
ٽيم جي سڃاڻپ
ٽيم جو نالو ۽ نشان 21 ڊسمبر 2015ع تي هڪ تقريب ۾ جاري ڪيو ويو. ٽيم جي نشان ۾ شينهن ڇاپيل آهي، جنهن جي هيٺيان سوني ۽ اڇي رنگ سان ڪراچي ڪنگز لکيل آهي، انهي تقريب ۾ ٽيم جي مالڪ سلمان اقبال چيو ته ٽيم جي نشاني ڪراچي جي مزاج جي نمائندگي ڪندڙ آهي.[30] هن ٽيم جي ڪپڙن جو رنگ نيرو ۽ سونو آهي. کاٻي پاسي کان هيٺين طرف شينهن جو نشان پڻ ڪپڙن ۾ ڇاپيل آهي. هن ٽيم جا ڪپڙا اي جي اسپورٽس پاران تيار ڪيا وڃن ٿا.[31]
بحريا ٽائون، پاڪستان جي وڏي ريئل اسٽيٽ ڪمپني ڪراچي ڪنگز جي ٽائيٽل جي اشتهاري ڪمپني آهي.[32] بحريا ٽائون کان سواءِ سمٽ بينڪ، آرڪيڊينز، اوئي هوئي، پيپسي، برائيٽو پينٽس، شيلڊ ڪارپوريشن ۽ نيا پاڪستان 2017ع ۾ هن ٽيم جون اشتهاري ڪمپنيون هيون.[33] برج پاور پلاٽينيم اشتهاري، ڪاٽن اينڊ ڪاٽن 2016ع ۾ سندس ڪپڙن جي ڪمپني، وائيٽل چانهه جي ڪمپني ۽ نشر اشاعت جي اشتهاري ڪمپني پاڪستان آبزرور هيون. 2017ع ۾ ٽيم جو ترانو ”ڌن ڌنا ڌن هوگا ري“ هو، جيڪو شهزاد روئي ڳايو.[34][35][36]
| سال | سامان جوڙيندڙ | اڳين پاسي مشهوري | پوين پاسي مشهوري | ڇاتي تي مشهوري | ٻانهن تي مشهوري |
|---|---|---|---|---|---|
| 2016 | اي جي اسپورٽس | بحريا ٽائون | سمٽ بينڪ | آرڪيڊينز | اوئي هوئي چپس، ڪي اليڪٽرڪ، شيلڊ، اگلو آئيس ڪريم |
| 2017 | برج پاور بيٽريز | اوئي هوئي چپس، شيلڊ، ٽپال چانهه | |||
| 2018 | نورپور آرڪائيو ڪيا ويا 2018-08-04 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. | برائيٽو پينٽس, امتياز سپر مارڪيٽ, شيلڊ |
رانديگر
| نمبر. | نالو | قوميت. | پيدائش | بيٽ | بال | شامل ٿيڻ جو سال | پگھار | وڌيڪ معلومات |
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
| بيٽس مين | ||||||||
| 6 | جوئي ڊينلي | 16 March 1986 | ساڄو | ساڄو، ليگ اسپين | 2018 | ٻاهريون | ||
| 16 | آئين مورگن | 10 September 1986 | کاٻو | ساڄو ميڊيم | 2018 | ٻاهريون | ||
| 24 | مختار احمد | 20 December 1992 | ساڄو | ساڄو ليگ بريڪ | 2018 | تبديلي طور | ||
| 41 | ڪولين اينگرام | 3 July 1985 | کاٻو | ساڄو ليگ اسپين | 2018 | 140,000 | ٻاهريون | |
| 54 | لينڊل سائيمنس | 25 January 1985 | ساڄو | ساڄو ميڊيم فاسٽ | 2018 | ٻاهريون | ||
| 56 | بابر اعظم | 15 October 1994 | ساڄو | ساڄو آف اسپن | 2018 | 70,000 | ||
| 82 | ڪولين منرو | 11 March 1987 | کاٻو | ساڄو ميڊيم فاسٽ | 2018 | ٻاهريون | ||
| 142 | خرم منظور | 10 June 1986 | ساڄو | ساڄو آف بريڪ | 2018 | 25,000 | ||
| آل رئونڊر | ||||||||
| 9 | عماد وسيم | 18 November 1988 | کاٻو | سلو آرٿاڊوڪس | 2018 | 70,000 | ڪپتان | |
| 10 | شاهد آفريدي | 1 March 1980 | ساڄو | ساڄو ليگ اسپن | 2018 | 140,000 | ||
| 11 | محمد طحا | 5 October 2000 | کاٻو | سلو آرٿاڊوڪس | 2018 | 10,000 | ||
| 42 | روي ڀوپارا | 4 May 1985 | ساڄو | ساڄو ميڊيم فاسٽ | 2018 | 50,000 | ٻاهريون | |
| 96 | ڊيوڊ ويس | 18 June 1985 | ساڄو | ساڄو ميڊيم فاسٽ | 2018 | 25,000 | ٻاهريون | |
| 97 | دانش عزيز | 20 November 1995 | کاٻو | سلو آرٿاڊوڪس | 2018 | تبديلي طور | ||
| 98 | حسن محسن | 11 January 1998 | ساڄو | ساڄو ميڊيم فاسٽ | 2018 | 10,000 | ||
| 100 | لوڪ رائيٽ | 7 March 1985 | ساڄو | ساڄو ميڊيم فاسٽ | 2018 | 50,000 | ٻاهريون | |
| وڪيٽ ڪيپر | ||||||||
| 16 | محمد رضوان | 1 June 1992 | ساڄو | — | 2018 | 50,000 | ||
| 34 | صفي الله نگش | 21 March 1995 | کاٻو | — | 2018 | |||
| بالر | ||||||||
| 5 | محمد عامر | 13 April 1992 | کاٻو | ساٻو تيز | 2018 | 140,000 | ||
| 7 | ٽيمل ملس | 12 August 1992 | ساڄو | کاٻو تيز | 2018 | ٻاهريون | ||
| 14 | اسامه خان | 1 May 1994 | ساڄو | کاٻو ميڊيم فاسٽ | 2018 | 25,000 | ||
| 22 | محمد عرفان | 15 May 1995 | کاٻو | ساڄو تيز | 2018 | 10,000 | ||
| 23 | اسامه مير | 23 December 1995 | ساڄو | ساڄو ليگ اسپين | 2018 | 25,000 | ||
| 25 | مچل جونسن | 2 November 1981 | کاٻو | کاٻو تيز | 2018 | 70,000 | ٻاهريون | |
| 201 | مشتاق احمد ڪلهوڙو | 10 December 1978 | ساڄو | سلو آرٿاڊوڪس | 2018 | تبديلي طور | ||
| 100 | تابش خان | 12 December 1984 | ساڄو | ساڄو ميڊيم فاسٽ | 2018 | 25,000 | ||
انتظاميه ڪوچ

| نالو | منصب |
|---|---|
| سلمان اقبال (اي آر وائي گروپ) | مالڪ |
| صدر[23] | |
| سي اي او | |
| ڊاريڪٽر | |
| ڪوچ | |
| اسسٽنٽ ڪوچ | |
| فلڊينگ ڪوچ | |
| ڊاڪٽر | |
| تجزيه نگار | |
ڪپتان
| نمبر. | قوميت. | کلاڙي | شروعات | ختم | رانديون | کٽيل | هارايل | برابر | برابر ۽ هارايا | نتيجو نه | % |
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
| 1 | شعيب ملڪ | 2016 | 2016 | 8 | 2 | 6 | 0 | 0 | 0 | 25.00 | |
| 2 | روي ڀوپارا | 2016 | 2016 | 1 | 0 | 1 | 0 | 0 | 0 | 0.00 | |
| 3 | ڪمار سنگرڪارا | 2017 | 2017 | 10 | 5 | 5 | 0 | 0 | 0 | 50.00 | |
| 4 | عماد وسيم | 2018 | 2018 | 8 | 4 | 2 | 0 | 1 | 1 | 57.14 | |
| 5 | ائين مورگن | 2018 | 2018 | 3 | 1 | 2 | 0 | 0 | 0 | 33.33 | |
| 6 | محمد عامر | 2018 | 2018 | 1 | 0 | 1 | 0 | 0 | 0 | 0.00 |
حوالو: اي ايس پي اين ڪرڪيٽ ڄاڻ, آخري ڀيرو 21 مارچ 2018ع تي اپڊيٽ ڪيو ويو.
نتيجا
پي ايس ايل ٽورنامنٽ
| سال | کيڏيا | کٽيل | شڪست | برابر ۽ کٽيل | برابر ۽ هارايل | بغير نتيجي | % | پوزيشن | تت |
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
| 2016 | 9 | 2 | 7 | 0 | 0 | 0 | 22.22 | 4/5 | Play-offs |
| 2017 | 10 | 5 | 5 | 0 | 0 | 0 | 50.00 | 3/5 | Play-offs |
| 2018 | 10 | 5 | 4 | 0 | 0 | 1 | 45.45 | 3/6 | Play-offs |
| ٽوٽل | 31 | 12 | 17 | 0 | 0 | 1 | 40.00 | - | 0 Titles |
حوالو: اي ايس پي اين ڪرڪيٽ, آخري ڀيرو 21 مارچ 2018ع تي اپڊيٽ ڪيو ويو
ٻين ٽيمن سان
| Opposition | دورانيو | Mat | کٽيا | هارايا | برابر ۽ کٽيا | برابر ۽ هرايا | بغير نتيجي | ڪاميابي جي شرح |
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
| اسلام آباد يونائيٽڊ | 2016–تاحال | 9 | 4 | 5 | 0 | 0 | 0 | 44.44 |
| لاهور قلندرز | 2016-تاحال | 6 | 4 | 1 | 0 | 1 | 0 | 66.67 |
| ملتان سلطانز | 2018–تاحال | 2 | 1 | 0 | 0 | 0 | 1 | 100.00 |
| پشاور زلمي | 2016–تاحال | 8 | 2 | 6 | 0 | 0 | 0 | 25.00 |
| ڪوئيٽا گليڊيٽرز | 2018–تاحال | 6 | 1 | 5 | 0 | 0 | 0 | 16.67 |
حوالو: اي ايس پي اين ڪرڪيٽ،آخري ڀيرو 21 مارچ 2018ع تي اپديٽ ڪيو ويو.
انگ اکر
وڌيڪ رنسون
| قوميت. | کلاڙي | شروع | ختم | رانديون | اننگ | رنسون | سرسري | وڌيڪ اسڪور | 100 | 50 |
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
| بابر اعظم | 2017 | تاحال | 22 | 21 | 693 | 36.47 | 66 | 0 | 6 | |
| روي ڀوپارا | 2016 | تاحال | 29 | 26 | 571 | 30.05 | 71* | 0 | 3 | |
| شعيب ملڪ | 2016 | 2017 | 19 | 19 | 359 | 22.43 | 51* | 0 | 1 | |
| جوئي ڊينلي | 2018 | تاحال | 12 | 11 | 323 | 32.30 | 79* | 0 | 3 | |
| ڪولين انگرام | 2018 | تاحال | 12 | 11 | 243 | 34.71 | 68* | 0 | 1 | |
حوالو: اي ايس پي اين ڪرڪيٽ، آخري ڀيرو 21 مارچ 2018ع تي اپڊيٽ ڪيو ويو.
وڌيڪ وڪيٽون
حوالو: اي ايس پي اين ڪرڪيٽ، آخري ڀيرو 21 مارچ 2018ع تي اپڊيٽ ڪيو ويو
خارجي ڳنڍڻا
ڪراچي ڪنگز آرڪائيو ڪيا ويا 2016-01-23 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
حوالا
- ↑ "Pakistan Super League T20 in UAE seeks to rival India's IPL". 29 September 2015. 3 December 2015 تي حاصل ڪيل.[مئل ڳنڍڻو]
- ↑ "Imad Wasim appointed as new captain of Karachi Kings". شمارو Samaa TV. 21 February 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Majeed Jhamat. "Karachi Kings Team Sq for PSL 2016". Pakistan T20 Super League 2016.
- ↑ "Rashid Latif joins kings as Director of cricket operations". شمارو Pak Passion. 21 February 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Karachi Kings/Most runs". ESPNcricinfo. 21 March 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Karachi Kings/Most wickets". ESPNcricinfo. 21 March 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Pakistan Super League: Seven Companies fight it out to buy franchises". Express etribune. 3 December 2015. 3 December 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "ARY Buys Karachi Kings team". اصل نسخو مان 22 December 2015 تي محفوظ ڪيل. 18 December 2015 تي حاصل ڪيل.
{{cite news}}: More than one of|archivedate=and|archive-date=specified (مدد); More than one of|archiveurl=and|archive-url=specified (مدد); Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ Zeeshan Ahmed (1 June 2017). "PSL's newest team is Multan, worth $41.6 million". DAWN. 6 August 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Karachi king's Amir took first ever hat-trick in PSL history". Dunya News. 2016-02-05. 2016-02-06 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Malik steps down as Karachi Kings captain". ESPNcricinfo. 19 February 2016 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Karachi kings finished fourth in 2016 PSL". شمارو Daily News. 23 February 2016 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Babar, Gayle and Sangakkara joins kings for 2017 season". شمارو Daily Times. 21 February 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Morgan 80* powers Peshawar to victory". ESPN Cricinfo. 11 February 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Rossouw, Sarfraz fifties flatten Karachi". ESPN Cricinfo. 11 February 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Lahore edge past Karachi despite Sangakarra fireworks". ESPN Cricinfo. 17 February 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Babar, spinners put Karachi on board". ESPN Cricinfo. 18 February 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Mir repels Afridi heroics to secure win for Karachi". ESPN Cricinfo. 20 February 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Clinical Quetta clinch playoff berth with victory". ESPN Cricinfo. 24 February 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Pollard last-ball six keeps Karachi alive". ESPN Cricinfo. 26 February 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Records/Lowest totals/Pakistan Super League". ESPN cricinfo. 1 March 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Islamabad knocked out,Karachi stays in". 1 March 2017 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 Zalmi Shahid Afridi joins Karachi Kings as president[مئل ڳنڍڻو], PKKH, 2017-4-6. Retrieved 2017-4-6.]
- ↑ "Quetta Gladiators winning streak against Kings comes to an end after 19 runs defeat". Dawn News. 23 February 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Majeed, Zohaib. "Karachi Kings go top of PSL 2018 points table with five-wicket win over Peshawar Zalmi". Dawn. 25 February 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Qalandars tumble as Kings post 3rd win to lead points table". The News. 27 February 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ http://indianexpress.com/article/sports/cricket/psl-live-score-live-streaming-peshawar-zalmi-vs-karachi-kings-pz-vs-kk-t20-5106046/
- ↑ "Rain abandons Multan-Karachi fixture". Samaa TV. 2 March 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Shetty, Varun. "Luke Ronchi decimates Karachi with 37-ball 71". ESPN Cricinfo.
- ↑ "Karachi Kings logo unveiled ahead of PSL draft pick". ARY News. 2015-09-21. 2015-09-21 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Karachi Kings Official Team Kit & Logo PSL T20 2016". The News Tribe. 2015-09-21. 2015-09-21 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Karachi Kings finalizes sponsors — Bahria Town takes the lead". ARY News. 2016-01-27. 2016-01-28 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Proposed changes in psl to face resistance". شمارو The Express Tribune. 4 February 2016 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "National Stadium cheered up with Pakistan Zindabad". 3 February 2017. 4 February 2017 تي حاصل ڪيل – Samaa TV وسيلي.
- ↑ "In focus: The Pakistan Super League 2 soundtrack". The News. Maheen Sabeeh. 9 February 2017. 25 February 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Karachi Kings partners with TCS Yayvo for official merchandise". ARY News. 7 February 2018. اصل نسخو مان 14 December 2018 تي محفوظ ڪيل. 9 February 2018 تي حاصل ڪيل.
{{cite news}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد)
- Articles containing انگريزي-language text
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links from March 2026
- Articles with invalid date parameter in template
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- CS1 errors: unsupported parameter
- CS1 errors: redundant parameter
- Articles with dead external links from September 2023
- ڪرڪيٽ
- پاڪستان سپر ليگ
- پاڪستان سپر ليگ ٽيمون

