ڪرن بيدي
ڪرن بيدي Kiran Bedi | |
|---|---|
سال 2017 ۾ ڪرن بيدي | |
| 24th Lieutenant Governor of Puducherry | |
| دفتر سنڀاليو 29 May 2016[1] | |
| چيف منسٽر | وي نارائناسوامي |
| پيشرو | اي ڪي سنگھ |
| Officer, انڊين پوليس سروس | |
| عهدي ۾ 1972–2007 | |
| ذاتي تفصيل | |
| ڄائو | ڪرن پيشاورئيا Kiran Peshawariya 9 June 1949 امرتسر, اوڀر پنجاب, انڊيا |
| سياسي پارٽي | ڀارتيا جنتا پارٽي |
| زال/مڙس | Brij Bedi (ش. 1972; dead 2016)[2] |
| ٻار | سائنا (جنم سوڪريتي), ڌيءُ |
| ماءُ پيءُ | پرڪاش لال ۽ پريم لتا |
| رهائش | پودوچري |
| الما ميٽر | پنجاب يونيورسٽي (B.A.) دهلي يونيورسٽي (M.A., LL.B.) آءِ آءِ ٽي دهلي (Ph.D.) |
| پيشو | سياستدان, سوشل ايڪٽوسٽ, رٽائرڊ پوليس آفيسر |
| اعزاز | يونائيٽيڊ نيشنز ميڊل, 2004 Ramon Magsaysay award, 1994 صدر جي پوليس ميڊل, 1979 |
ڪرن بيدي اڳوڻي انڊين پوليس آفيسر، سماجي ڪارڪن، اڳوڻي ٽينس رانديگر ۽ سياستدان آهي. هيءَ پونڊيچري جي ليفٽينينٽ گورنر آهي ۽ ڀارت جي پهرئين ناري آءِ پي ايس آفيسر پڻ آهي. هن پنهنجي ڪيريئر سال 1975 کان شروع ڪيو ۽ 35 سال تائين انڊين پوليس سروس سان لاڳاپيل خدمتون ڏيندي رهي. هيءَ سال 2007 ۾ سروس تان پاڻمرادو استيفا ڏئي آئي، جڏهن تہ ان وقت سندس عهدو ڊائريڪٽر جنرل آف پوليس، بيوريو آف پوليس ريسرچ اينڊ ڊيولپمنٽ وارو عهدو رکندي هئي.[3]
شروعاتي زندگي ۽ تعليم
[سنواريو]ڪرن بيدي جو جنم امرتسر ۾ 9 جون 1949 تي هڪ پنجابي ڪٽنب ۾ ٿيو هيو . ڪرن پرڪاش لال پيشواريا ۽ پريم لتا جي ٻئين اولاد هئي. شاشي، ريتا ۽ انو، ڪرن جون ٽي ڀينر آهن.[4] سندس ابا ڏاڏا لالا هرگوبند پيشاور کان امرتسر اچي ويا هيا ۽ اتي ئي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيائون. بيدي جي تربيت گهڻي ريت مذهبي نہ هئي پر سندس تربيت هندو ۽ سک روايتن جي وچ۾ ٿي. پرڪاش لال پنهنجي خانداني ڪاروبار کي وڌيڪ ترقي ڏني ۽ ٽينس کيڏيو. بيدي جي شروعاتي تعليم سيڪرڊ هارٽ ڪنوينشن اسڪول امرتسر منجهان سال 1954 ۾ شروع ٿي هئي. اين سي سي سان لاڳاپيل ڪمن ۾ بيدي ڀاڱو وٺندي رهندي هئي. جڏهن بيدي نائين ڪلاس ۾ هئي تہ ڪيمبرج ڪاليج، جيڪو هڪ پرائيويٽ ادارو هيوم ان ۾ سائنس ۾ ڏهين درجي جو امتحان پاس ڪيو، جڏهن تہ سندس ٻين هم ڪلاسي ساٿي سيڪرڊ ڪنوينشن اسڪول منجهان نائين ڪلاس جو امتحان پاس ڪيو.[5] بيدي سال 1968 ۾ گورنمنٽ ڪاليج آف وومن، امرتسر منجهان انگريزي ۾ بي اي تعليم حاصل ڪئي ۽ انهيءَ سال اين سي سي ڪيڊٽ آفيسر جو اعزاز ماڻيائين. بيدي پوليٽيڪل سائنس ۾ پنجاب يونيورسٽي منجهان ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي.[6]سال 1970 کان 1972 ۾ بيدي خالصا ڪاليج فار وومن امرتسر ۾ ليڪچرار جي حيثيت سان پڙهائيڻ شروع ڪي. انڊين پوليس سروس ۾ پنهنجي دوران بيدي دهلي يونيورسٽي منجهان قانون ۾ هڪ ڊگري حاصل ڪئي ۽ آءِ آءِ ٽي دهلي منجهان سال 1993 ۾ سماجي سائنسز ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي.[4]
ٽينس کيڏڻ وارو زمانو
[سنواريو]بيدي پنهنجي پيءُ کان ڏاڍو متاثر ٿي ۽ 11 سال جي عمر ۾ ٽينس راند کيڏڻ شروع ڪيائين.[7]سال 1964 ۾ بيديءَ امرتسر کان ٻاهر پهريون ٽورنامينٽ کيڏيو.[8] سال 1965 کان 1978 تائين بيدي ڪيتريون ئي ٽينس چيمپيئنشپ کٽيون، انهن مجهان ڪجهہ ذڪر لائق هيٺين ريت آهن:
| عنوان | سال | جڳهہ | حوالو/نوٽ |
|---|---|---|---|
| جونيئر نيشنل لائون چيمپينشپ | 1966 | امرتسر | [8] |
| ڪُل هند انٽر ورسٽي ٽينس ٽائٽل | 1968 | وشاڪا پٽنم | پنهنجي ننڍي ڀيڻ ريتا سان گڏ.[9] هن اها چيمپينشپ لاڳاتار ٽِي سال کٽي هئي.[10] |
| اتر انڊيا لائون ٽينس چيمپينشپ | 1970 | چندي ڳڙھ | [11] |
| ايشين لائون ٽينس چيمپين شپ | 1972 | پونا | [11] |
| آل انڊيا هارڊ ڪورٽ ٽيینس چيمپين شپ | 1974 | [8] | |
| آل انڊيا انٽر اسٽيٽ وومينز لائون ٽينس چيمپينشپ | 1975 | نئي دهلي | [12] |
| نيشنل وومينز لائون ٽينس چيمپين شپ | 1976 | چندي ڳڙھ | [13] |
| گولڊ ميڊل، عورتن جي لاءِ نيشنل اسپورٽس فيسٽيول | 1976 | نئي دهلي | پنهنجي ڀيڻ انو سان گڏ[10] |
انڊين پوليس سروس ڪيريئر
[سنواريو]16 جولاءِ 1972 تي بيديءَ پنهنجي پوليس ٽريننگ نيشنل اڪيڊمي فار ايڊمنسٽريشن، مسوري اتراکنڊ ۾ شروع ڪئي. هي 80 مردن جي ڪلاس ۾ هڪ ئي اڪيلي عورت هئي، ۽ انهيءَ ريت ڀارت جي پهرئين ناري آءِ پي ايس آفيسر بڻجي وئي. 6 مهينن جي بنيادي ٽريننگ وٺڻ کانپوءِ بيديءَ پوليس ٽريننگ جي ارادي سان مائونٽ ابو راجستان وئي ۽ انکانپوءِ سال 1974 ۾ پنجاب ڀرسان ٽريننگ جي لاءِ وئي. ڪُڻن وسيلي بيدي کي يونين ٽيريٽري ڪيڊر ۾ رکيو ويو، جنهن جو هاڻي نالو اي۔جو۔ايم۔يو۔ٽي ڪيڊر يعني اروناچل پرديش، گوا، ميزورام، يونين ٽيريٽريز ڪيڊر آهي.[14]
سياست
[سنواريو]
سال 2012 ۾ ڪرن بيدي آءِ اي سي کان الڳ ٿي وئي، جڏهن ان سان لاڳاپيل ڪجهه ماڻهن اروند ڪيجريوال جي سرواڻيءَ ۾ عام آدمي پارٽي جو بڻياد وڌو هيو.[15] بيدي عام انداز ۾ نريندر مودي جي حمائيت ڪئي. جڏهن مودي سال 2014 ۾ ڀارت جو وزيراعظم بڻيو، تہ بيدي ان ڳالهہ جو اعلان ڪري ڇڏيو تہ ، جيڪڏهن کيس اڳيان اهڙي ڪا آڇ ڪئي وڃي ٿي تہ هوءَ بي جي پي سان دهلي جي وزيراعليٰ بنجڻ جي لاءِ تيار آهي.[16] بيدي 2015 ۾ بي جي پي ۾ شامل ٿي وئي ۽ سال 2015 دهلي چونڊن ۾ بي جي پي تان وزيراعظم سيٽ جي لاءِ وڙهي، جنهن ۾ اروند ڪيجريوال کٽي ويو.[17] بيدي عام آدمي پارٽي جي چونڊيل اميدوار ايس۔ڪي بگا کان ڪرشنا نگر ۾ 2277 ووٽن تان هارجي وئي، ۽ هڪ سال کانپوءِ دهلي ۾ عام آدمي پارٽي جي باضابطا اڪثريت سرڪار بڻجي وئي.[18] 22 مئي 2016 تي بيدي پدوچيري جي ليفٽينينٽ گورنر مقرر ٿي.[19]
لکڻيون
[سنواريو]ڪرن بيدي جا ڪجهه ذڪر لائق ڪتابَ:[20]
- ڊيمانڊ فار سواراج
- اهو سدائين ممڪن آ
- جيئن آئون ڏسان ٿي
- غلطي ڪس ڪي
- بي دي چينج
ايوارڊ
[سنواريو]| سال | اعزاز | ايوارڊ ڏيندڙ | سبب | حوالو |
|---|---|---|---|---|
| 1968 | ڪيڊٽ آفيسر اعزاز | National Cadet Corps | Performance as an NCC cadet | [10] |
| 1979 | بهادري جي لاءِ ڀارت جي صدر جو پوليس ميڊل | صدر ڀارت | Conspicuous courage in preventing violence during Akali-Nirankari clashes | [21] |
| 1991 | ايشيا ريجين اعزاز | International Organization of Good Templars, ناروي | Drug prevention and control | [22] |
| 1994 | رامن ميگ سيسي ايوارڊ | رامن ميگ سيسي انعام فائونڊيشن | گورنمنٽ سروس | [10] |
| 1995 | Fr Maschio Humanitarian Award | Fr Maschio Platinum Jubilee Celebration Committee, Don Bosco Matunga | Social reforms and community services | [23] |
| 1995 | لائن آف دي ايئر | لائنز ڪلب انٽرنيشنل, ڪي ڪي نگر | ڪميونٽي سروس | [23] |
| 1997 | Joseph Beuys Prize | Joseph Beuys Foundation, جرمني | Holistic and Innovative Management (Prison reform) | |
| 1999 | پرائڊ آف انڊيا | American Federation of Muslims of Indian Origin (AFMI) | Commitment towards human welfare | [23] |
| 1999–2000 | آءِ آءِ ٽي دهلي فضيلت اعزاز | Indian Institute of Technology – Delhi Alumni Association | Outstanding Contribution to National Development | [24] |
| 2001 | Morrison Tom Gitchoff Award | Western Society of Criminology, United States | Actions that have significantly improved the quality of justice in India | [25] |
| 2004 | يونائيٽيڊ نيشنز ميڊل | گڏيل قومون | Outstanding service | [26] |
| 2005 | مدر ٽيريسا نيشنل اعزاز | آل انڊيا عيسائي ڪائونسل | Reforms in prison and penal systems | [23] |
| 2006 | سموري ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ محترم ناري | دي ويڪ (The Week) | [23] | |
| 2008 | ايف۔آءِ۔سي۔سي۔آءِ اعزاز | FICCI ليڊيز آرگنائيزيشن | Being an outstanding woman achiever | [27] |
| 2008 | ڪمر اپا ريڪليس اعزاز | Indian Society of Criminology | Outstanding contribution in the areas of criminal justice administration | [28] |
| 2013 | نومورا اعزاز | Nomura Group | Humanitarian work | [29] |
| 2014 | لوريل پيرس فيمينا ناري اعزاز | L'Oréal and Femina | Social impact | [30] |
بيبيلوگرافي
[سنواريو]- Iyer, Siddharth (2012). Kiran Bedi: The Woman of Substance. Diamond. ISBN 978-93-5083-669-9.
{{cite book}}: Invalid|ref=harv(مدد) - Saxena, Meenakshi (2000). Kiran Bedi, the Kindly Baton. Books India International.
{{cite book}}: Invalid|ref=harv(مدد)
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Kiran Bedi assumes charge as LG of Puducherry". The Indian Express. 29 May 2016. 29 May 2016 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Kiran Bedi's Husband Brij Bedi Passes Away in Gurgaon". The New Indian Express. 31 January 2016. اصل نسخو مان 11 August 2016 تي محفوظ ڪيل. 30 March 2020 تي حاصل ڪيل.
{{cite news}}: More than one of|accessdate=and|access-date=specified (مدد); More than one of|archivedate=and|archive-date=specified (مدد); More than one of|archiveurl=and|archive-url=specified (مدد); Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ Iyer, Siddharth (2012). Kiran Bedi: The Woman of Substance. Diamond. ISBN 978-93-5083-669-9.
{{cite book}}: Invalid|ref=harv(مدد) - 1 2 "Living to serve". Bangkok Post. 31 March 2014.
- ↑ Iyer, Siddharth (2012). Kiran Bedi: The Woman of Substance. Diamond. ISBN 978-93-5083-669-9.
{{cite book}}: Invalid|ref=harv(مدد) - ↑ "India's best students: Kiran Bedi, CV Raman". rediff/Careers360. 15 March 2010.
- ↑ Divya Goyal (21 November 2014). "Kiran Bedi's biography released in the form of 32-page comic". Indian Express.
- 1 2 3 Pratip Kumar Datta (2001). A century of Indian tennis. Publications Division, Ministry of Information & Broadcasting, Government of India. ص. 95. ISBN 978-81-230-0783-0.
- ↑ "Andhra University tennis team confident of retaining title". The Hindu. 27 December 2010.
- 1 2 3 4 "Biography of Kiran Bedi". Ramon Magsaysay Award Foundation. 1994. 19 January 2015 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 Saxena 2000, p. 232.
- ↑ Iyer 2012, p. 22. sfn error: multiple targets (3×): CITEREFIyer2012 (help)
- ↑ Shivangi Yadav (10 December 2002). "Kiran Bedi". The Times of India.
- ↑ Iyer 2012, p. 26. sfn error: multiple targets (3×): CITEREFIyer2012 (help)
- ↑ Khandekar, Nivedita (3 September 2013). "Anti-corruption body abandons Janlokpal". Hindustan Times. اصل نسخو مان 8 October 2014 تي محفوظ ڪيل. 14 December 2014 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Kiran Bedi: Expressed support for Narendra Modi as an 'independent citizen'". Financial Express. 11 January 2014.
- ↑ "Kiran Bedi to be BJP's CM candidate in Delhi: Amit Shah". Times of India. 19 January 2015.
- ↑ Krishna Nagar 2015 results. ndtv.com
- ↑ "Former IPS officer Kiran Bedi appointed Lt Governor of Puducherry". The Indian Express. 22 May 2016. 22 May 2016 تي حاصل ڪيل.
- ↑ آرڪائيو ڪاپي, اصل نسخو مان 2020-06-08 تي محفوظ ڪيل, 2020-03-30 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ Saxena 2000, p. 33.
- ↑ "Interview of Dr. Kiran Bedi". Opportunities Today. RBCS Group. 2004.
- 1 2 3 4 5 Meera Johri (2010). Greatness of spirit. Rajpal & Sons. ص. 137. ISBN 978-81-7028-858-9.
- ↑ "Nomination for IIT Delhi Alumni Award for Outstanding Contribution to National Development 2010". IIT Delhi Alumni Association. 21 January 2015.
- ↑ "Kiran Bedi is UN Police Adviser". The Tribune. 12 January 2003.
- ↑ "Kiran Bedi honoured with UN medal". The Times of India. 29 May 2004.
- ↑ "Kiran Bedi given 'Award of Excellence'". The Hindu. 9 March 2008.
- ↑ "Kiran Bedi gets Kumarappa-Reckless Award". One India. 21 January 2008.
- ↑ "Kiran Bedi honoured with Nomura Award". Economic Times. 11 June 2013. اصل نسخو مان 2016-04-29 تي محفوظ ڪيل. 2020-03-30 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "L'Oreal Paris, Femina honour Indian women achievers". GulfNews. 28 March 2014.