راجا وڪرمادتيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ھن مضمون کي وڪي طرز تي آڻڻ جي ضرورت آھي. (نومبر 2018ع)

راجا وڪرمدتيا يا راجا وڪرمادتيه (Raja Vikramaditya) جي ڏينهن ۾ آريا برهمڻ، ويدڪ ڌرم جي پرچار لاءِ عرب ويندا هئا. هڪ عرب شاعر نعمان بن آدم راجا وڪرماجيت جي ساراهه ۾ هڪ نظم لکيو آهي، جيڪو حميده لائبرري يروشلم ۾ موجود آهي.

عمرو بن هشام حارث لکن ٿا ته اهو شاعر، شو جو پوڄاري هو. اصل ۾ ان شاعر کي عرب ابوالحڪم (ڏاهپ جو ابو) سڏيندا هئا جو پوءِ نبي پاڪ صه کي نه مڃڻ ڪري مسلمانن سندس نالو بدلائي ابوجهل جي لقب سان مشهور ڪيو. هو مڪي شهر جو مکيه ماڻهو عالم ۽ شاعر هو. ان هڪ نظم، شو مهاراج جي شان ۾ لکيو آهي جنهن ۾ آهي ته مهاديو جي تعريف ڪرڻ ڪري ماڻهو کي وڏو درجو نصيب ٿئي ٿو، ڀارت مذهب جو مرڪز آهي، جتي پهچي ماڻهو کي ڇوتڪارو حاصل ٿئي ٿي … اهو نظم قاهره جي الهلال اخبار مارچ 1932ع ۾ ڇپيو.[1][2]

حوالا[سنواريو]

  1. راجا وڪرمادتيه | Indus Asia Online Blog
  2. قاهره جي الهلال اخبار مارچ 1932ع