مائي ڀاڳي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مائي ڀاڳي
ٿر جي ڪوئيل
پس منظري معلومات
معروفيت ٿر جي ڪوئل
پيدائش 1906ء
ٿرپارڪر ضلعو، برطانوي هندستان (هاڻوڪي پاڪستان)
تعلق پاڪستانپاڪستاني
وفات جُولاءِ 7, 1986(1986-07-07)
ٿرپارڪر ضلعو، پاڪستان
صنف لوڪ گلوڪاري
پيشا گلوڪاراہ
سرگرم سال 1950–1986

مائي ڀاڳي (ڀاڳي:) انگريزي ٻولي: Mai Bhaghi (پيدائش: 1920ع - وفات: 8 سيپٽمبر، 1986ع) پاڪستان سان لاڳاپو رکندڙ ناليواري لوڪ گلوڪارا هئي. مائي ڀاڳي سنڌي ۽ مارواڙي لوڪ گيتن جي ڪوئل طور مشهور فنڪارا جو جنم ونھيل فقير ۽ مائي خديجه عرف ڪسي ٻائيءَ جي گھر ۾، ڏيپلي ۾ 1920ع ڌاري ٿيو. هيءَ پنھنجي ماءُ سـان گـڏ ٻاراڻـي وھـيءَ ۾ ئي ڍاٽڪي، مـارواڙي ۽ سنڌي لوڪ گيت ۽ سھرا ڳائڻ شروع ڪيائين مائي ڀاڳي پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ کان راڳ جي باقاعدي تربيت ورتائين، ڀاڳي پنهنجي والد، استاد محمد جمن ۽ استاد حسين فقير کان متاثر هئي.[1]

Mai Bhaghi (Youthful)

زندگي جي باري ۾[سنواريو]

مائي ڀاڳي 1906ع تي ٿرپارڪر ضلعو، برطانوي هندستان (هاڻوڪي پاڪستان) ۾ پيدا ٿي[2]۔ مائي ڀاڳي کي ڀاڳ ڀري ( خوش نصيب) جو نالو به ڏنو ويو۔ هن گهٽ عمري کان ئي پنهنجي والدين سان گڏ آواز سان آواز ملائي۔ هوُءَ پنهنجي والدين سان گڏ شادين ۽ تهوارن ۾ پنهنجي فن جو مُظاهرو ڪندي رهي۔ ان جو نالو 1968ء ۾ اُن وقت منظرِعام تي آيو، جڏهن ڀالوا (ماروي جو ڳوٺ) ۾ منعقد ٿيندڙ جشنِ ماروي جي هڪ تقريب ۾ هِن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو۔ اُنهيءَ سال شيخ غلام حسين کيسں ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ پاڪستان ٽيلي ويژن تي ڳائڻ لاءِ سڏايو، جڏهن ته کيس پي ٽي ويءَ تي محترم عبدالڪريم بلوچ پڻ متعارف ڪرايو۔ شيخ غلام حسين بين الاقوامي شُهرت يافته لوڪ فنڪارا ، عابدہ پروين جو مُڙس هيو۔ سورنهن سال جي عمر ۾ مائي ڀاڳي جي شادي هوٿي فقير سان ٿي وئي جيڪو ٿرپارڪر جي شهر اسلام ڪوٽ جو ممتاز لوڪ فنڪار هيو۔ [3]

مائي ڀاڳي ٿر جي هڪ ٻئي مشهور گلوڪار استاد مراد فقير سان گڏ مختلف ٻولين ۾ ڪلام ڳايا جِن ۾ سرائيڪي، مارواڙي، سنڌي ۽ ننڍي کنڊ جون ٻيون ٻوليون شامل آهين۔ ان کان بعد ان جي شُهرت پاڪستان جي طول ۽ عرض ۾ پکڙجي وئي ۽ هتي کان نڪري ڪري دنيا جي ٻين علائقن تائين وڃي پهتي۔ ان جي وجہ شهرت جو ڪلام بڻيو اهو کڙي هوں نيم ڪي نيچي تان هيکلي هيو۔ هي ڪلام انهن ماڻهن به پسند ڪيو جيڪي زبان کان ناواقف هيا۔[3] سندس ڳايل لوڪ گيت آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس تان پڻ اڄ تائين نشر ٿيندا رھن ٿا. پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم شھيد ذوالفقار علي ڀٽو سندس قدرداني ڪندي، کيس 60 ايڪڙ زمين انعام طور ڏني هئي پر ھن غريب عورت جي اھا زمين غريبيءَ جي نذر ٿي وئي ۽ سندس حالت ”آڻين ۽ چاڙھين، ڏٿ ڏھاڙي سومرا“ واري ساڳي رھي.

ڳايل لوڪ گيت[سنواريو]

مارواڙي، ڍاٽڪي، گجراتي، هندي، سرائڪي ۽ سنڌيءَ ۾ هزارين لوڪ گيت ڳايا.سندس ڳايل لوڪ گيتن مان جيڪي ڏاڍا مشهور ٿيا، تن ۾: (1) ڀٽ جا ڀٽائي، ڀٽ تي وسئي نور، منھنجون تو پڄايون، (2) سمن سائين مان ته گولي غلام تنهنجي در جي، مٽيون ڀرينديس من سين، دليون ڀريندس دل سين، (3) کڙي نيم ڪي نيچي، هون تو هيڪلي، (4) ايئي چرملي رو بلالي سين پيار، (5) تارن مان ترندي اچي، لوڙهن مان لڙهندي اچي، او دل ٻاروچل ٻاروچل پئي ڪري، (6) مونکي جوڳي هڻي ڏي ڍارو، منهنجو ڪانگل آهي قرب وارو، وغيره شامل آهن.

ان کانسواءِ ھن شاهه لطيف، ڀڳت ڪبير، منٺار فقير، حمل فقير ۽ ٻين صوفي شاعرن کي به ڳايو آھي.

اعزاز[سنواريو]

حڪومت پاڪستان موسيقي جي ميدان ۾ سندس شاندار خدمتن جي صِلي ۾ مائي ڀاڳي جي خدمتن جي قدر جي طور تي کيس 1981ع تي صدارتي تمغو براءِ حسن ڪارڪردگي عطا ڪيو۔ اهڙيءَ طرح ريڊيو پاڪستان کان شاهہ عبدالطيف ڀٽائي ايوارڊ، قلندر لعل شهباز ۽ سچل سرمست ايوارڊ، مارئي ايوارڊ، -ٿر- ڪوئل ايوارڊ، کان سواءِ درجنين اعزاز ۽ انعام ڏنا ويا۔[3][4]

لاڏاڻو[سنواريو]

مائي ڀاڳي پڇاڙيءَ واري عمر جو ڳچ حصو اڌ رنگ جي بيماريءَ ۾ گذاريو ۽ 80 سالن جي ڄمار ۾ 7 جولاءِ، 1986ع تي نئين ڪوٽ ريلوي اسٽيشن لڳ ٿرپارڪر ضلعو، سنڌ، پاڪستان ۾ وفات ڪري وئي۔[2][3] هوءَ مهراڻي جي مير راضي شاھ گهوٽ جي تاريخي قبرستان ۾ آرامي آهي . جتي سندس نالي سان ”مائي ڀاڳي ڪالوني“ موجود آهي.

سندس اولاد مان سندس پٽ ڪالو فقير، ڌيءَ مائي سوني ۽ پوٽو برڪت فقير پڻ اڄڪلھ لوڪ گيت ڳائين ٿا ۽ شهرت رکن ٿا.

حوالا[سنواريو]