مواد ڏانھن هلو

شيعہ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Thumb
Thumb

شيعہ (انگريزي ٻولي: Shia Islam) اسلام جي ٻن بنيادي ڌڙن مان هڪ آهي. جيڪو سني مسلمانن کان پوءِ مسلمانن ۾ هڪ وڏو فرقو آهي. مسلمانن ۾ شيعن جي تعداد 11 کان 16 سيڪڙو آهن جنهن ۾ 40 کان 60 سيڪڙو شيعہ ايران، پاڪستان، عراق ۽ انڊيا ۾ رهن ٿا. 154 کان 200 ملين شيعن جي ڪل آبادي آهي. 147 کان 154 ملين جي وچ ۾ شيعہ ايشيا ۾ رهن ٿا 36 کان 40 ملين شيعہ آفريڪا ۾ آباد آهن.[1][2]

بڻڀياس

[سنواريو]

معنيٰ

[سنواريو]

1. تَشَيُّع لفظ جي عربي ٻوليءَ ۾ معنىٰ پيروي، مدد ۽ دوستي آهي. قرآن مجيد ۾ شيعہ لفظ ان ئي معنىٰ ۾ استعمال ٿيو آهي.

فَا سۡتَغَاثَہُ الَّذِي مِنۡ شِيۡعَتِہٖ عَلَي الَّذِي مِنۡ عَدُوِّهٖ

ترجمو: جيڪو موسىٰ جي پيروڪارن ۽ مددگارن مان هيو، ان موسى کان مدد گھري، انجي خلاف جيڪو موسى جي دشمنن مان هيو.[3](سورة القصص: آية:15)

2. شيعہ لفظ جي ٻي لغوي معنى⁦ٰ ڪنھن جي طور طريقي جي حمايت آهي.

وَحِيۡلَ بَيۡنَهُمۡ وَبَيۡنَ مَا يَشۡتَهُوۡنَ ڪَمَافُعِلَ بِاَشۡيَاعِهِمۡ مِّنۡ قَبۡلُ. اِنَّهُمۡ ڪَانُوۡ فِيۡ شَّکٍ مُّرِيۡبٍ

ترجمو:انهن جي خواهشن ۽ سندن وچ ۾ رڪاوٽ پئجي وئي، جيئن کانئن اڳ گذريل سندن پيروڪارن سان (الله) سلوڪ ڪيو هيو.[4](سورة السبا: آية: 54)

هن آيت ما معلوم ٿيي ٿو ته شيعہ لفظ انهن پيروڪارن لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي جيڪي زير بحث ماڻهن کان اڳ گذريا آهن.

وَ اِنَّ مِنۡ شِيۡعَتِہٖ لَاِبۡرَاهِيۡمَ.

ترجمو: هن (نوح) جي پيروڪارن مان ابراهيم به هيو.[5] (سورة الصّٰفّٰت: آية: 83)

حضرت ابراهيم (ع) کي حضرت نوح (ع) جو پيروڪار انڪري چيو ويو آهي ڇو ته حضرت ابراهيم جو دين حضرت نوح جي دين سان متفق هيو يعني ٻنهي جو دين توحيدي دين هيو. جڏهن تہ حضرت ابراهيم پاڻ صاحب شريعت رسول هيو ۽ سندس شريعت ۽ حضرت نوح جي شريعت ۾ فرق هيو.

جيئن ته ٻين مذهبن وانگر شيعہ مذهب ۾ پڻ ڪيترا ئي فرقا ٿيا آهن، جن مان اڪثر وقت گذرڻ سان خود بخود ختم ٿي ويا البت هن وقت اماميہ اثنا عشريہ کانسواءِ ٻيا بہ شيعہ فرقا موجود آهن، جھڙوڪ زيدياسماعيلي.

محمدﷺ جي حديثن ۾ شيعا

[سنواريو]

اهلسنت والجماعت جي تقريبن 34 ڪتابن[6] ۾ اهو رقم ٿيل آهي ته حضرت محمد صه جن فرمايو ته اي علي تو ۽ تنهجا شيعا ڪامياب ٿيندا.جنهن ۾ تفسيرالدر المنثور[7]صوائق المحرقه،المستدرڪ علي الصحين وغيره. میں

شيعن جو ڪلمو

[سنواريو]

شيعن جو ڪلمو ٽن حصن تي مشتمل آهي.

لا اله الا الله محمد الرسول الله علي ولى الله وصى رسول الله و خليفته بلا فصل

ڪلمي جي پهرين حصي ۾ توحيد جو اقرار آهي ٻئين جز ۾ رسالت جو ۽ ٽين جز ۾ حضرت علي جي خلافت، وراثت ۽ الله جو دوست هجڻ جو اقرار آهي بس جيڪو بہ اهو عقيدو رکي ٿو ان کي شيعو چئبو آهي.[8].

شيعن ۾ اسلام جا رڪن

[سنواريو]

شعين اسلام کي ٻن رڪنن ۾ تقسيم ڪيو آهي هڪ کي اصول دين يعني دين جو پاڙون ء ٻي ۾ فروع دين آهي جنهن تي عمل ڪرڻو آهي.[9]

اصول دين

[سنواريو]

اصول دين پنجن حصن تي مشتمل آهي.[10]

  1. توحيد
  2. عدل
  3. نبوت
  4. امامت
  5. آخرت

فروع دين

[سنواريو]

فروع دين مان مراد اهڙو عقيدو جنهن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي. فروع دين ھي آهن[11]

  1. نماز
  2. روزو
  3. حج
  4. زڪوات
  5. خمس
  6. جهاد
  7. امر بالمعروف
  8. نهي عن المنڪر
  9. تولا
  10. تبرا

شيعا ۽ سني اختلاف

[سنواريو]

شيعن ۽ سنين ۾ هنن شين تي اختلاف آهي.

  1. خلافت
  2. اصحابي
  3. امامت
  4. باغ فدڪ
  5. خاڪ شفا
  6. تراويح
  7. ڪلمو
  8. ٻانگ
  9. ماتم
  10. مجلس
  11. نوحا خواني
  12. جلوس
  13. عليه السلام تي بحث
  14. امام مهدي

الكتب الاربعة‎

[سنواريو]

شيعن جا چار وڏا ڪتاب آهن جنهن کي عربي ٻولي ۾ الكتب الاربعة‎ چئبو آهي.[12]

  1. اصول ڪافي
  2. من لا يحضره الفقيه
  3. تهذيب الأحكام
  4. الإستبصار فيما أختلف من الأخبار

حوالا

[سنواريو]