آخرت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
عيسائيت جو دوزخ بابت تصور

آخرت عربي ٻولي جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي پڄاڻي، پڇاڙي، عقبيٰ، ايندڙ جهان يا قيامت. اصطلاحي زبان ۾ ”حيات، بعدالموت“ يعني هن حياتيءَ کان پوءِ موت بعد ملندڙ زندگيءَ کي ”آخرت“ چئبو آهي. اڳين دنيا، ٻي دنيا ۽ موت کان پوءِ واري حياتي ئي ”آخرت“ آهي. آخرت تي ايمان آڻڻ، اسلام جي اصولن مان اهم اصول آهي. خدا پاڪ قرآن مجيد ۾ واضح طور فرمايو آهي ته ”جيڪو شخص آخرت جي ڏينهن تي ايمان نه ٿو آڻي، اهو منڪر آهي.“ خدا جي نيڪ ٻانهن لاءِ آخرت واري حياتي، بقادار حياتي آهي. آخرت مسلمانن جي عملن جو بدلو آهي.“ آخرت جي عقيدي کي دنيا جا ٻيا مذهب به مڃن ٿا. قديم بابل ۽ آشوريه جا رهاڪو به ”حيات بعدالموت“ ۾ يقين رکندي، چڱن ۽ برن ڪمن (عملن) جي فرق کي سمجھن ٿا. اهڙيءَ طرح قديم مصري، آفريقي ۽ آمريڪي وغيره به ”آخرت“ جي عقيدي کي دل و جان سان تسليم ڪن ٿا. خود هندو به هن عقيدي ۾ پاڻ کي پابند سمجھن ٿا.[1]

قديم تھذيبن ۾ آخرت جو تصور[سنواريو]

ڪيترن ئي ماڻهن جو اهو عقيدو آهي تہ موت کان پوءِ انسان جي زندگي جاري رھندي.ڪافي مذھبن ۽ فلسفن ان تصور کي فروغ ڏيڻ لاءِ ان جو معقول سبب ۽ ان زندگيءَ جو خاڪو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪن اھو خيال ڏنو آھي تہ ان زندگيءَ م وقت نہ ھوندو ۽ ڪن جي خيال مطابق وقت ھوندو پر اھو دائمي ھوندو. ھڪ تصور ٻيھر جنم جو آھي جنھن ۾ زندگي جو دائري جي گولائي وانگر ھلندي بار بار ورجاءُ ٿئي ٿو.قديم مصر ۾ اھو عقيدو ھيو تہ بادشاھ مرڻ کان پوءِ آسمان ۾ تارا ٿي ديوتائن جي صحبت ۾ داخل ٿين ٿا.بعد ۾ عوام سان واعدو ڪيو ويو تہ فرعون ۽ ان جي خاندان کان ٻاهر بہ دائمي زندگي ڏني ويندي. ڪجھ مصري رڪارڊ مئل ماڻهو جو ڳجھي دنيا(انگريزي: underworld) ۾ سفر جو پڻ ذڪر ڪري ٿو جنھن ۾ اھو نعمتن واري جاء تي پھچندو ھو جيڪا يا تہ زمين جي اندر ھئي يا آسمان تي. ان خيال جي ابتڙ ساڳي دؤر ۾ مشرق قريب(انگريزي: Near East)(يعني: سميري ، اشوري، بابلي، ڪنعاني ۽ اسرائيلي) جي ماڻھن جو عقيدو ھيو تہ مئل انسان جي ڳجھي دنيا ۾ زندگي جاري رھي ٿي جيڪا سندس پھرين زندگي جو ھڪ انداھو عڪس ھوندي آھي[2].

عبرانين جو آخرت جو تصور[سنواريو]

عبرانين جي مذھبي ڪتابن ۾ مئل جو ذڪر ھڪ پاڇي وانگر ٿيل آهي جيڪو زمين ھيٺان شيئول نالي ھڪ اونداهي ۽ ڌوڙ واري کڏ ۾ لھي وڃي ٿو. قيامت يا موت کان پوءِ زندھ ٿيڻ جو چٽو ذڪر ازيئا(انگريزي: Isaiah) 26:29 ۽ ڊينئل 12:2،اڪئيزيئاسٽيز(انگريزي: Ecclesiastes)3:19–21 نيڪ ماڻهن جي آسمان ڏانهن وڃڻ جو ذڪر ڪري ٿو[2].

زرتشتي عقيدي جو تصور[سنواريو]

فارس جا زرتشتي ڪتاب ھڪ پل جو ذڪر ڪن ٿا جيڪا دوزخ مٿان گذري جنت ۾ پھچائيندي آھي جنھن تان نيڪ ماڻھو ڪاميابي سان گذري ويندو ۽ گنھگار ھيٺ دوزخ ۾ ڪري پوندو جتي ظلمت ۽ تڪليفن واري دائمي زندگي گذاريندو. انھن جي عقيدي مطابق نيڪ ماڻھو ٽي آسماني منزلون طئي ڪري جنت (باغ) ۾ پھچندو جتي نعمتن سان ڀرپور ۽ ڏکن کان پاڪ زندگي گذاريندو[2].

ھندن جو آخرت جو تصور[سنواريو]

ھندوازم بار بار جنم وٺڻ جي اڻ کٽ ڦيري جي ڳالھ ڪري ٿو . انھن جو عقيدو آهي تہ زندگي جي ان ڦيري ۾ ڪرما يعني اخلاقي سبب ۽ نتيجي جو قانون ان جي مستقبل جي وجود جو تعين ڪندو آھي. انھن جي خيال مطابق يوگا تي عمل ڪندي سچو علم حاصل ٿئي ٿو جنھن مطابق ھي مادي دنيا ۽ موت صرف نظر جو ڌوڪو آھن جن ذريعي انسان روحاني تڪميل جي عروج تي پھچي ٿو جنھن جو نالو سماڌي آهي. روح جي برھما (خالق) سان ميلاپ سان سمسارا مان نجات ملي ٿي.ھندن جي عقيدي مطابق موت ۽ ٻيھر جنم دوران جن نيڪ عمل ڪيا اھو جنت ۾ ۽ گنھگار دوزخ ۾ پنھنجو ڪرمن جو ڦل حاصل ڪندا آهن[2].

ٻڌ مذھب جو آخرت جو تصور[سنواريو]

ھندو ازم جي ڀيٽ ۾ ٻڌ مذھب جي عقيدو آهي تہ موت انساني وجود جي ھڪ اڻٽر حقيقت آهي جنھن کي تسليم ڪرڻ کپي. موت جو کان بچڻ جي خواھش تي غالب ٿيڻ لاء ضروري آھي تہ اٺوڻي راھ تي ھلجي تہ جيئن انت تي پھچجي جيڪا نرواڻ يا عدم جي حالت آهي. ڪرما طئي ڪندو ته نئون جنم ڇھن مان ڪھڙي جڳ ۾ ٿئي. ڪجھ ٻڌ نئين جنم واري خيال کي رد ڪن ٿا[2].[3]

ڪنفيوشس جو آخرت بابت عقيدو[سنواريو]

ٻڌ جي زماني جو ڪنفيوشس پڻ موت جي حقيقت کي قبول ڪيو پر ھي آخرت يا موت کان پوءِ واري زندگي بابت اگنانواد(انگريزي: agnostic) ھيو. ان جي باوجود ڪافي ڪنفيوشنسٽ آگوان يا روح جي نئين جنم (انگريزي: reincarnation) تي يقين رکن ٿا[2].

قديم يونان ۾ آخرت جو تصور[سنواريو]

قديم يونان ۾ پاڇن واري زيرزمين جاء جو عقيدو ھيو جنھن جو نالو ھيڊز(انگريزي: Hades) ھيو پر جلد ئي ان عقيدي جي جاء آسماني ستارن جي لافانيت ورتي. طلسمانيت(انگريزي: Orphism) ۽ فيثاغورثين جي خيالن(انگريزي: Pythagoreanism) روح جو ھڪ نمايان لافانيت واري خيال جو واڌارو آندو. افلاطون ۽ ان بعد سسيرو ان خيال جي زبردست وڪالت ڪئي. ايپيڪيورس جي پوئلڳن ان جي ڀيٽ ۾ ان ڳالھ تي يقين رکيو تہ موت کان پوءِ ڪابہ زندگي ڪانھي. ارسطو ۾ شخصي لافانيت لاءِ بي اعتباري ھئي, رواقين(انگريزي: Stoics) جا بہ ان تي پاڻ ۾ اختلاف ھئا. يوناني ان خيال کي ناپسند ڪندا ھئا تہ ڪا آخرت جي بہ زندگي آھي[2].

رومين جا اخرت بابت خيال[سنواريو]

رومي ان خيال کي ناپسند ڪندا ھئا تہ ڪو جسم جو موت بعد واري ڪنھن زندگي ۾ ڪردار ھوندو. قديم رومي مخصوص بادشاھن جي روحاني بلندي(انگريزي: apotheosis) جي عقيدي ۾ يقين رکندا ھئا، جن ۾ جوليس سيزر، آگسٽس ۽ ڪلاڊيئس شامل آهن.[2]

يھوديت جو آخرت بابت تصور[سنواريو]

ٻئين ٽيمپل واري يھوديت(انگريزي: Second Temple Judaism)فارس ۽ يونان وارن خيالن کان اثر ورتو ۽ آخرت جي زندگيءَ جا مختلف تصور وضع ڪيا جن ۾ انساني روح جي جسم کان بغير لافانيت جو خيال بہ شامل آھي، پر جسم جي ٻيھر زنده ٿيڻ جي خيال وڌيڪ مقبوليت حاصل ڪئي. ڪجھ لکڻيون نيڪ ماڻهن جي ستارن ۽ فرشتن ۾ تبديل ٿيڻ جو بہ ذڪر ڪن ٿيون.يھوديت جون ڪجھ لکڻيون موت کان پوءِ واري زندگي ۾ شيئول کي ٻن حصن ۾ ورھائن ٿيون تہ جيئن مرڻ کان پوءِ نيڪ جنت جا مزا وٺن ۽ گنھگار دوزخ جون سختيون برداشت ڪن. پھرين صدي عيسويءَ ۾ يھوديت جي فرقي سئڊيوسيز(انگريزي: Sadducees) آخرت جي زندگيءَ جي تصور کان انڪار ڪيو پر سندن خيال کي پذيرائي نہ ملي.پارسين جسم جي ٻيھر زنده ٿي اٿڻ جي خيال تي يقين رکندا ھئا. يھودي فلاسافر اليگزينڊريہ جي فائلو(انگريزي: Philo) روح جي جسم کان اڳ واري وجود ۽ ان جي لافانيت جي وڪالت ڪئي.جوزيفس يھوديت جي فرقي اسينز(انگريزي: Essenes) جي باري ۾ ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿو تہ اھي روح جي لافانيت تي يقين رکندا ھيا پر بحريہ مردار لڳ قمران وارين غارن(انگريزي: Dead Sea Scrolls) مان ملندڙ شھادتون ٻڌائن ٿيون ته اھي درحقيقت جسم جي ٻيھر زنده ٿيڻ ۾ يقين رکندا ھئا.ايپوڪيلپٽڪ ادب ۾ اڪثر انعام يافتہ ماڻھن جي جاء ۽ لعنتي ماڻھن جي سزا جي جاء جو وري وري ذڪر ٿيل آهي. رئبين واري يھوديت ۽ جديد يھوديت ۾ قيامت جي وچ واري مرحلي جو ذڪر ٿيل آهي پر ڪجھ يھودين جو افلاطوني روح جي لافانيت جو تصور آھي. عیسیٰ ۽ پال قيامت وارو يھودي تصور کي قبوليو[2] .

عيسائيت جو آخرت جو تصور[سنواريو]

عيسائين جي مطابق روح جي ننڊ ۽ قيامت يا ٻيھر زندہ ٿي اٿڻ جو تصور ڏنو. ھنن مطابق فيصلي کان پوءِ نجات ملندڙ نئين جڙيل آسمان ۽ زمين جي نعمتن جا مزا ماڻيندا ۽ نجات نہ ملندڙن کي يا تہ نابود ڪيو ويندو يا وري کين شديد اذيت واري دائمي حالت ۾ رکيو ويندو.بعد جي مذھبي پيشوائن افلاطون واري روح جي لافانيت واري تصور کي بہ جسمن جي وري اٿڻ واري قيامت جي خيال ۾ شامل ڪري ڇڏيو.صدين کان وٺي عيسائي پيشوائن ۽ مذھبي بزرگن موت کان پوءِ جي زندگيءَ جي نعمتن جو ذڪر ڪندا رھيا آھن[2].

اسلام ۾ آخرت جو عقيدو[سنواريو]

تفھيم القرآن ۾ مولانا ابوالاعلي مودودي مطابق آخرت ھڪ جامع لفظ آهي ان ۾ کوڙ عقيدا شامل آھن: انسان خدا آڏو جوابده آھي؛ دنيا ابدي ناھي ۽ ان جي خاتمي جي خبر خدا کي آهي؛ دنيا جي خاتمي کان پوءِ خدا ھڪ نئين دنيا ٺاھيندو جنھن ۾ خدا ھن دنيا جي ابتدا کان خاتمي تائين وارا سڀ انسان ٻيھر زندہ ڪندو ۽ کين جمع ڪري حساب ڪتاب وٺندو؛ نيڪ ماڻھن کي جنت موڪليندو ۽ بد قرار ڏنل دوزخ ۾ وڌا ويندا؛ ڪاميابي ۽ ناڪامي جو اصلي معيار ھن دنيا جي ڪاميابي نہ پر آخرت جي ڪاميابي آھي . انھن سمورن عقيدن تي يقين کي آخرت تي ايمان چئبو آهي.[4]انسائيڪلوپيڊيا آف ٽائيم مطابق اسلام ۾ موت بعد قبر ۾ ماڻھو جنت يا دوزخ جو مزو چکي ٿو. شھيدن کي ھڪدم جنت ۾ وڌو وڃي ٿو جن لاء خاص انعام آھن. قيامت جي ڏينھن ماڻھو جا روح اٿي جسمن سان ٻيھر گڏجندا ۽ فيصلي کان پوءِ پنھنجي عملن جي عيوض اھي ھميشه لاءِ يا ته جنت جي نعمتن ۾ يا وري دوزخ جي شديد عذاب ۾ گذاريندا[2].

حوالا[سنواريو]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A2%D8%AE%D8%B1%D8%AA
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 2.10 Encyclopedia of Time (Science, Philosophy, Theology, & Culture) By: H. James Birx Editor Canisius College State University of New York at Geneseo Buffalo Museum of Science-- SAGE Publications Ltd. 1 Oliver’s Yard 55 City Road London EC1Y 1SP United Kingdom--page no:3
  3. Badham, P., & Badham, L. (1987). Death and immortality in the religions of the world. New York: Paragon House.
  4. { تفھيم القرآن، جلد 1 ، صه 52 ، مولانا ابوالاعلي مودودي، ادارہ ترجمان القرآن لاھور}