روزو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

روزو اسلام جو ٽيون رڪن آھي ۽ مسلمانن تي فرض آھي. روزو عيدن جي ڏينهن کان علاوه سڄو سال رکي سگهجي ٿو پر نفلي سواء رمضان جي جو ان هڪڙي مهيني ۾ روزو اسلام ۾ فرض آهي

لغوي معنيَ[سنواريو]

”روزي لاءِ قرآن پاڪ ۾ ’صوم‘ جو لفظ آيل آهي. ۽ عربيت ۽ لغت جي خيال سان، لفظ صوم لاءِ هيٺيون معنائون ڏنل آهن: 1-ماٺ ڪرڻ. 2-هوا جو روڪجي وڃڻ. 3- گهوڙن جو ماٺ ڪري بيهي رهڻ. 4- ماٺ جو روزو رکڻ وغيره.[1]

روزي جو طريقو[سنواريو]

روزي ۾ روزائت ڏينھن واري وقت ۾ ھر چيز کائڻ پيئڻ، تماڪ ڇڪڻ، جنسي تعلقات بند ڪندا آهن[2]. روزي جي شروعات ۽ خاتمو اذان ذريعي ٿيندو آهي. روزي جي شروعات پرھ ڦٽي کان اڳ جڏھن افق تي ڪاري ڌار اڇي ڌار کان الڳ ٿيندي آھي تہ روزو شروع ٿيندو آهي ۽ وري سج لھي وڃڻ سان روزي کولڻ جو وقت ٿيندو آهي[2]. مسلمان روزو حضرت محمد ﷺ جي سنت جي پيروي ڪندي کارڪن ۽ ميوي جي رس سان کوليندا آھن[2]. روزي کولڻ وقت دعا بہ گھري ويندي آهي. رمضان جي خاتمي سان عيدالفطر (روزو کووليندڙن جو جشن) ملھائي ويندي آهي[2].

فرض روزو[سنواريو]

سورة البقرہ جي آيت نمبر 183 ۾ مسلمانن کي روزا رکڻ جو حڪم مليو جنھن م فرمايو ويو[2]:

اي مومنو! جيئن اوھان کان اڳين تي (روزا) فرض ڪيا ويا هئا تيئن اوھان تي (بہ) روزا فرض ڪيا ويا آهن تہ مانہ اوھين پرھيزگار ٿيو.

— البقرہ:183

ھر بالغ مسلمان تي روزا فرض آھن. روزي نہ رکڻ جو شرعي عذر بيماري، سفر، عورتن جي ماھواري، پيٽ سان ٿيڻ شامل آهن جيڪي ڇڏيل روزا ٻين ڏينھن تي رمضان بعد بطور قضا رکندا آهن[2].

نفلي روزو[سنواريو]

مسلمان خاص طور تي شيعه نفلي روزا سڄي سال ۾ اڱاري ۽ ڇنڇر تي رکندا آهن[2]. خاص طور تي رجب ۽ شعبان جي مھينن ۾[2].

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]


حوالا[سنواريو]

  1. اسلامي-لا، قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ مولانا فضل احمد غزنويءَ،؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 2.7 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 227,228