مواد ڏانھن هلو

خاڪ شفا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

خاڪ شفا (ٻيا نالا: ع. طين الحميد، ف. خاڪ شفا، ھ. وغيره: مٽي پاڪ، طين الشفا ۽ خاڪ شيرازي.) ڳاڙهاڻ مائل اڇي رنگ تي ٽڪين جي صورت ۾ ٻڌل مٽي آهي. جنهن لاءِ ڪن جو چوڻ آهي تہ "اها مٽي زاد شرفہ" يعني ڪربلا معليٰ مان آڻيندا آهن، ڪي چون ٿا تہ شيراز ملڪ جي مٽي آهي.

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: ___-، ميل: گلاب جو پاڻي، عيوض: ___-، وزن: ٽي ماسا.

خاصيت: دل ۽ دماغ کي طاقت ڏئي ٿي، تپن، وبائي دستن، وڇون ۽ نانگ جي زهر لاءِ، ڦٽن، ۽ سوڄن ۾ مفيد آهي. شيعہ حضرات انهيءَ ٽڪيءَ تي نماز پڙهندا آهن.[1]

  1. ڪتاب:فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.