ايوڌيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ايوڌيا يا اجوڌيا ڀارت ۾ هڪ ڌرمي اهميت وارو شھر آهي، جيڪو فيض آباد کان ڇهہ ڪلوميٽر پري آهي، جنھن جي آبادي اٽڪل پنجاھ هزار ماڻھن تي مشتمل آهي. اها هندن جي هڪ وڏي تيرٿ يا زيارت گاھ طور مشھور آهي، ڇو تہ اهو نہ صرف شري رام جي جنم ڀومي آهي، پر خود رامائڻ ۾ ذڪر ڪيل ڪيترن واقعن سان لاڳاپيل آهي. اٿرويد ۾ ايوڌيا کي ديوتائن جو اڏيل شھر ۽ سرڳ (جنت) جھڙو شاهڪار سڏيو ويو آهي، پر موجوده دور ۾ اهو هڪ غريباڻو شھر آهي، جنھن ۾ مندرن جي گهڻائي آهي. ان کانسواءِ هتي باندر بہ گهڻائيءَ ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آهن. هن شھر کي ان وقت وڏي شھرت ملي جڏهن اتي موجود بابري مسجد کي اهو چئي شھيد ڪيو ويو تہ بابر بادشاھ اها مسجد 500 سال اڳ شري رام جي جنم واري جاءِ تي اڏائي هئي.[1][2]

حوالا[سنواريو]