راوڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سري لنڪا جي ڪونسورام مندر وٽ راوڻ جو پتلو

راوڻ (Rawan) رامائڻ جو اهم ڪردار جيڪو رام جو دشمن هو. راوڻ، سري لنڪا جو راجا هو[1].راوڻ لفظ جي معنيٰ آهي ھجڻ. [2] راوڻ ھڪ وڏي سنياسي وشراوا ۽ دائيتي خاندان جي شھزادي ڪئڪسي جو پٽ ھو. ھندو ڏندڪٿائن مطابق ھن کي ڏھ سر يا مٿا ھيا.ھو ھر سال پنھنجو ھڪ سر ڪپي شو ديوتا آڏو پيش ڪندو ھو. ھر سر ھن جي خواهش جي ترجماني ڪندو ھو اھڙي طرح ھي شو کي راضي ڪرڻ لاءِ پنھنجي خواهش قربان ڪندو هو. ھن کي شو جو ڀڳت بہ چيو ويندو آهي..راوڻ کي رامائڻ ۾ راڪشس سڏيو ويو آهي. ڪجهه شو جا اھڙا مندر بہ آھن جتي راوڻ جي پوڄا ڪئي ويندي آهي.[3][4][5]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح ؛پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
  2. Aiyangar Narayan (1909) "Essays On Indo-Aryan Mythology-Vol.", p.413
  3. Ravana has his temples, too. The Sunday Tribune – Spectrum. 21 October 2007.
  4. Vachaspati.S, Ravana Brahma [in English], 2005, Rudrakavi Sahitya Peetham, Gandhi Nagar, Tenali, India.
  5. Kamalesh Kumar Dave, Dashanan [in Hindi], 2008, Akshaya Jyotish Anusandan Kendra, Quila Road, Jodhpur, India.