تاج

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

بادشاهي دستار، خاص ٽوپي (مٿي تي ڪلاهه دار، ڊگهي، سفيد ٽوپي) هن قسم جي ٽوپيءَ کي سنڌ ۾ شاهه عنايت شهيد جهوڪ شريف وارن صوفين، بزرگن، توڙي ٻين ڪيترن صوفين جي رسمي اصطلاح ۾ ”تاج“ سڏيندا آهن. درويشي ڪُلاهه ۽ درويشي لباس ۾ ”تاج“ کي خاص اهميت ڏني وئي آهي. صوفين جي هر طريقي جي تاج جو نمونو ۽ رنگ مختلف هوندو آهي.

قديم دور ۾ ڪيترن ئي ملڪن جا بادشاهه مٿي تي تاج پائيندا هئا. هر هڪ ملڪ جي رواج مطابق ”تاج“ جون صورتون جدا جدا هونديون هيون. اسلام ۾ باقاعدي شاهي تاج يا تاجپوشيءَ جو رواج نه هو. مغربي ملڪن ۾ تاجُ، شاهي اقتدار جي علامت سمجهيو ويندو هو. بنو اُميه ۽ عباسي خليفن ايراني روايت جي تقليد ڪئي. مصر جي فاطمي خليفي جو باقاعدي تاج نه هوندو هو، پر ”عمامو“ هوندو هو، اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ به ڪي حڪمران تاج پائيندا هئا ته ڪي وري جڙاؤ پٽڪو. ٽالپرن مان مير فتح علي خان پٽڪو ۽ باقي سڀ مير ”ٽوپ“ تاج طور ڍڪيندا هئا، جنهن تي جواهر ٽاڪيل هوندا هئا ۽ اهو اڇي رنگ جو هوندو هو. عثمانيه حڪومت جي سلطان لاءِ مشهور آهي ته هو ”تاج خراساني“ پائيندو هو. انگلينڊ جي راڻيءَ جو ’تاج‘ مشهور آهي، ايتريقدر جو اُن تاج جو نشان ’توبن‘ ۽ ٻين شين تي به اُڪيريو ويندو هو. برصغير ۾ ’تاج هوٽلن‘ تي ان قسم جو تاج، ٽريڊ مارڪ طور نظر اچي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]