سنڌي ٻولي بل 1972
ڏيک
سنڌي ٻولي بل 1972 (انگريزي: Sindhi Language Bill, 1972)، سنڌ جي وڏي وزير ممتاز ڀٽو طرفان سنڌ اسيمبلي ۾ 3 جُولاءِ 1972ع تي پيش ڪيو ويو.[1] 7 جُولاءِ 1972ع تي صوبي ۾ ٻولي وارا فساد شروع ٿيا، جڏهن هي بل منظور ڪيو ويو. هن بل جو مقصد سنڌ ۾ سنڌي کي واحد سرڪاري ٻولي قرار ڏنو ويو هو، پر فسادن کان پوءِ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ان بل ۾ ترميم ڪندي اردو ۽ سنڌي ٻنهي کي سنڌ جي قومي ٻولي قرار ڏنو. [2]
شق
[سنواريو]هن بل ۾ هيٺيان شق شامل آهن:[3]
شق 4
[سنواريو]- (1) سنڌي ۽ اردو سمورن تعليمي ادارن جي يارهين ۽ ٻارهين ڪلاسن ۾ پڙهائڻ لازمي قرار ڏنو ويو.
- (2) سنڌي بطور لازمي سبجيڪٽ پرائمري جي چوٿين درجي کان ۽ مرحليوار مٿين درجن ۾ تجويز ڪيل طريقي سان ٻارھين درجي تائين شروع ڪئي ويندي.
شق 6
[سنواريو]آئيني فقرن جي شرطن جي پابندي سان حڪومت سرڪاري کاتن ۽ آفيسن ۾ ڪورٽن ۽ اسيمبليءَ سميت لاڳيتو سنڌي ٻوليءَ جي استعمال جو بندوبست ڪندي.[4]
وڌيڪ ڏسو
[سنواريو]خارجي ڳنڍڻا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "1972 riots: Was it a language issue?". Herald (Pakistan). 23 September 2015. 14 February 2016 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "A leaf from history: Language frenzy in Sindh". Dawn. 6 October 2012. 14 February 2016 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Sindhi Language Bill" (PDF). Government of Sindh. 6 July 1972. 14 February 2016 تي حاصل ڪيل.
- ↑ The Sindhi Language Movement (PDF), اصل نسخو (PDF) مان 2014-09-05 تي محفوظ ڪيل, 2018-10-17 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد)