ء
سنڌي صورتخطيءَ جو ٻيو نمبر آخري اکر آھي جيڪو عربي ۽ اردو الف بي ۾ پڻ موجود آهي.ان جو استعمال اکر سميت وقف مزمار (انگريزي: Glottal Stop) جي حيثيت سان پڻ ٿيندو آهي جنھن جو مطلب نڙي مان ھلڪي جھٽڪي سان آواز ڪڍي اچارڻ آھي.[1] بحيثيت اکر جي ان جي استعمال لفظن ۾ ھيٺين طرح ٿئي ٿو:
دائرو ; وائڙو ؛ ڪارائتو
لھجي يا اچار طر استعمال ھيٺين طرح ٿئي ٿو.
ؤ
ان جو استعمال عيسوي سال جي اظھار طور بہ ٿيندو آهي جھڙوڪ:
2018 ء
شڪل[سنواريو]
اکرن جي جاءِ: | الڳ | آخر ۾ | وچ ۾ | شروع ۾ |
---|---|---|---|---|
شڪل: | ء | (none) | (none) | (none) |
حوالا[سنواريو]
- ↑ سید رضا شاہد کا وقف مزمار کے بارے میں ایک مقالہ (پیڈی ایف فائل)