اکر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ھڪ گلدان تي لکيل قديم يوناني ٻوليءَ جا اکر

اکر: letter:

اکر ڪنھن بہ الف بي واري لکت جو ننڍي ۾ ننڍو يونٽ ھوندو آھي جنھن کي علم لسانيات ۾ گرافيم grapheme چوندا آهن. اھو ڪنھن بہ ڳالھايل آواز جي سڀ کان ننڍي يونٽ جو ظاھري يا ڏسڻ ۾ ايندڙ عيوض ھوندو آھي. اھو اچار جو سڀ کان ننڍو ايڪو آھي. لکت جا نشان وري سليبوگرام سڏبا آهن جيڪي سليبل ۽ لوگوگرام ڏيکاريندا آھن جن جو اظھار بہ لفظن ۽ فقرن جي اندر ٿيندو آهي.


آمريڪي مينيوئل الف بي جنھن جي اکرن جو اظهار آڱرين سان ٿيندو آهي

هندستان ۽ يورپ جا قديم آريه لوڪ ڪيئن لکندا هئا، سا سڌ سنڌي لفظ ”لکڻ“ ۽ انگريزي لفظ ”رائيٽ“ (Write) مان پوي ٿي. انهن ٻنهي لفظن جي بنيادي معنيَ آهي کرڙڻ، رهڙڻ“ يعني اُڪرڻ. انهيءَ بنيادي معنيٰ مان پتو پوي ٿو ته اڳي پٿرن يا ڪنهن ڌاتوءَ تي اکر اُڪريندا هئا. خود ”اکر“ (سنسڪرت ”اڪشر“) لفظ جي معنيٰ آهي ”جو کرجي نه يا، ڊهي نه“ مس قلم سان لکيل اکر ڊهي ويندا، پر اُڪريل اکر نه ڊهندا. مطلب ته ”لکڻ“ ۽ ”اکر“ لفظ انهيءَ قديم زماني جا جڙيل آهن، جنهن زماني ۾ اکرن اُڪرڻ جو رواج هو.[1]آرڪيالاجيڪل کاتي وارن کي کوجنائن ڪرڻ سان يقين ٿيو آهي ته سڄيءَ دنيا ۾ اڳي هيءُ دستور هو ته ماڻهن کي جڏهن ڪو خيال ظاهر ڪرڻو هوندو هو، تڏهن ان جي شڪل ڪڍندا هئا. مثلاً گرڙي ڍڳي يا ٻئي ڪنهن جانور جو نالو لکڻو هوندو هون ته انهيءَ جي شڪل ڪڍندا هئا. اهي شڪليون پوءِ پنهنجي صورت مٽائي، هاڻوڪيون آئيويٽائون ٿيون آهن. ”لپي“ يا آئيويٽا کي ”ورڻ مالا“ چئبو آهي. ”ورڻ“ لفظ جي معنيٰ آهي ”رنگ“. مثلاً ”سون ورنو“ معنيٰ سون جي رنگ وارو يعني ”سهڻو“. اهو ”ورڻ مالا“ لفظ ڄاڻائي ٿو ته اڳي آئيويٽا جا اکر چِٽيندا هئا، ۽ اها چٽيلن اکرن جي قطار اوائلي آئيويٽا هئي. اسان جو اهو قياس سچو آهي، تنهن جي تصديق ”لپي“ لفظ ڪري ٿو. ”لپي“ معنيٰ ”آئيويٽا“، پر ان جو ڌاتو يا بنياد آهي ”لپ“ (Lip) معنيٰ ”چِٽڻ“. اهو ”لپي“ لفظ به ڄاڻائي ٿو ته اڳي آئيويٽا جا اکر چٽيل هوندا هئا، ۽ پوءِ هرهڪ اُچار لاءِ ڪي اکر مقرر ٿيا. خود اکرن لکڻ جو نمونو به وقت بوقت ڦريو آهي. نموني لاءِٽرمپ صاحب وارو ۽ بمبئي ڇاڇي وارو شاهه جو رسالو ڏسو، جن ۾ اکر اؤر نموني لکيل آهن. مطلب ته جيئن ٻولي ترقي ڪري، نوان نوان روپ وٺي ٿي، تيئن آئيويٽائن به روپ بدلايا آهن. اڳاٽي ديوناگري آئيويٽا ”براهمڻي لپي“ سڏبي هئي، ۽ اها جدا جدا زمانن ۾ روپ بدلائي هاڻوڪي ديوناگري ٿي آهي. هن وقت سنسڪرت ۾ لکيل ڪيترائي جهونا پستڪ آهن، جن ۾ ڪم آيل آئيويٽا هاڻوڪن ديوناگري اکرن کان گهڻو ڦريل آهي.[2]

مختلف ٻولين جا اسڪرپٽ[سنواريو]

بنگالي الف. ب. :অ, আ, ই, ঈ, উ, ঊ, ঋ, এ, ঐ, ও, ঔ, ক, খ, গ, ঘ, ঙ, চ, ছ, জ, ঝ, ঞ, ট, ঠ, ড, ঢ, ণ, ত, থ, দ, ধ, ন, প, ফ, ব, ভ, ম, য, ৰ, ল, ৱ, শ, ষ, স, হ, ড়, ঢ়, য়, ৎ, ং, ঃ, ঁ

عربي الف.ب. :(جيڪا ساڄي کان کاٻي پاسي لکبي آهي): , , , , , , , , , , , , , , , , , , , , , , , , , هـ, , .

آرمينيائي الف. ب. : Ա, Բ, Գ, Դ, Ե, Զ, Է, Ը, Թ, Ժ, Ի, Լ, Խ, Ծ, Կ, Հ, Ձ, Ղ, Ճ, Մ, Յ, Ն, Շ, Ո, Չ, Պ, Ջ, Ռ, Ս, Վ, Տ, Ր, Ց, Ւ, Փ, Ք, Օ, Ֆ.

سيريائي الف بي .Syriac alphabet:(ساڄي کان کاٻي پاسي لکبي آهي) ܐ, ܒ, ܓ, ܕ, ܗ, ܘ, ܙ, ܚ, ܛ, ܝ, ܟܟ, ܠ, ܡܡ, ܢܢ, ܣ, ܥ, ܦ, ܨ, ܩ, ܪ, ܫ, ܬ.

سرلڪ الف.بي.: А, Б, В, Г, Д, Е, Ж, З, И, І, К, Л, М, Н, О, П, Р, С, Т, У, Ф, Х, Ц, Ч, Ш, Щ, Ъ, Ы, Ь, Ю, Я.

جارجين الف بي : , , , , , , , , , , , , , , , , , , , , , , , , , , , , , , , ,

يوناني الف بي: Α, Β, Γ, Δ, Ε, Ζ, Η, Θ, Ι, Κ, Λ, Μ, Ν, Ξ, Ο, Π, Ρ, Σ, Τ, Υ, Φ, Χ, Ψ, Ω.

عبراني الف بي : (جيڪا ساڄي کان کاٻي پاسي لکبي آهي) א, ב, ג, ד, ה, ו, ז, ח, ט, י, כ, ל, מ, נ, ס, ע, פ, צ, ק, ר, ש, ת.

لاطيني الف بي:

A, B, C, D, E, F, G, H, I, J, K, L, M, N, O, P, Q, R, S, T, U, V, W, X, Y, Z.

يوناني ٻولي، سرلڪ ٻولي ۽ لاطيني ٻوليءَ جا ھڪجھڙا اکر جن جا اچار وري مختلف آهن

ھنگل : ㄱ ㄲ ㄴ ㄷ ㄸ ㄹ ㅁ ㅂ ㅃ ㅅ ㅆ ㅇ ㅈ ㅉ ㅊ ㅋ ㅌ ㅍ ㅎ ㅏ ㅐ ㅑ ㅒ ㅓ ㅔ ㅕ ㅖ ㅗ ㅘ ㅙ ㅚ ㅛ ㅜ ㅝ ㅞ ㅟ ㅠ ㅡ ㅢ ㅣ

بوپوموفو Bopomofo: ㄅ ㄆ ㄇ ㄈ ㄉ ㄊ ㄋ ㄌ ㄍ ㄎ ㄏ ㄐ ㄑ ㄒ ㄓ ㄔ ㄕ ㄖ ㄗ ㄘ ㄙ ㄚ ㄛ ㄜ ㄝ ㄞ ㄟ ㄠ ㄡ ㄢ ㄣ ㄤ ㄥ ㄦ ㄧ ㄨ ㄩ ㄭ

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page26.html#_ftn27.  Missing or empty |title= (مدد)
  2. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page26.html#_ftn27.  Missing or empty |title= (مدد)