و

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

و سنڌي ٻولي جو 49 (اڻونجاھون) اکر آھي. صورتخطيءَ ۾ ڪم ايندڙ ’واؤ‘ کي ’حرف علت‘ (Vowel Letter) جو اکر سمجهيو ويندو آهي، جيڪو وينجڻ (Consonant) توڻي سُر (Vowel) طور ڪم ايندو آهي. هيءُ اکر اهڙو آهي، جنھن تي جيڪڏهن اعراب نه ٿي ڪم آندي وڃي، ته مونجهاري جو سبب بڻجي ٿو. ان جو گهڻو استعمال ڊگهي سُر (Long vowel) لاءِ ڪيو وڃي ٿو، جنـ هن صورت ۾ ’وينجڻ‘ طور ڪم آڻجي، ان صورت ۾ اعراب (Diacritical Mark) جو استعمال لازمي آهي. ڊگهن سُرن جي صورتخطيءَ ۾ جيڪي واؤ ڪم آڻجن ٿا، تن کي ٻن نالن سان سڏيو ويندو آهي، هڪ: واؤ معروف، ٻيو: واؤ مجـ هول. خيال خاطر ان جا مثال:
· واؤ معروف: ڪُوڙُ، جهُورُ، ٻُورِي وغيره.
· واؤ معروف گهُڻو/ غنو: کٽُون، سليٽُون، تيليُون وغيره.
هي نالا عربن ڏنا، ڇاڪاڻ ته انهن وٽ پيش سان واؤ وارو سُر آواز ’اُو‘ آهي، ان سبب ان تي معروف يعني ڄاتل سڃاتل رکيائون.
واؤ مجـ هول: ڇوڪرو، سونُ، اوٽَ وغيره.
واؤ مجـ هول گهُڻو/ غنو: مِينـ هون، سُونـ هون وغيره.
عربن ان کي مجـ هول ان سبب ڪوٺيو جو اهڙو وچٿرو سُر آواز ’او‘ وٽن ڪونهي. جيئن ته هن واؤ تي ڪابه اعراب ڪونهي، ان سبب ان تي اڻ ڄاتل نالو رکيائون. سنڌي صورتخطيءَ ۾ ’واؤ‘ جو اکر ٽن ڊگهن سُرن (Vowels) ۾ ڪم آندو ويندو آهي[1]،
جيئن:
او، اُو، اَو

شڪل[سنواريو]

اکرن جي جاءِ: الڳ آخر ۾ وچ ۾ شروع ۾
شڪل: و ـو ـو و

حوالا[سنواريو]

  1. {ڊاڪٽر الطاف حسين جوکيو جو مضمون"سنڌي صورتخطيءَ ۾ واؤلِين، ’ؤ‘ متحرڪ، ؤ‘ ساڪن ۽ همزي جي بدل ’ؤ‘ جو اڀياس", رسالو مھراڻ سال 2017، شمارو 4، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}