سائنس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون ھڪ عام لفظ تي آهي. ٻين استعمالن جي لاءِ سائنس (سلجھائپ) ڏسو.
The scale of the universe mapped to the branches of science and the hierarchy of science.[1]

سانچو:سائنس

تشريح[سنواريو]

سائنس، لاطيني (Latin)ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ڄاڻ يا معلومات. يعني مشاهدي ۽ تجربن جي آڌار تي حاصل ٿيندڙ علم کي سائنس چئبو آهي.

سائنس ڪائنات متعلق آزمودہ وضاحتن ۽ اڳڪٿين جي باري ۾ ڄاڻ کي حاصل ۽ منظم ڪرڻ واري ھڪ باضابطا ڪم جو نالو آهي[2] موجودہ سائنس جون ظاھري طور تي ٽي شاخون آهن. 1.نيچرل سائنس، 2. سوشل سائنس ۽ 3. فارمل سائنس.انھن مان نيچرل سائنس مادي دنيا جي بابت علم آھي. سوشل سائنس ماڻھن ۽ معاشرن جي متعلق علم آهي.فارمل سائنس جيئن ميٿميٽڪس يا رياضي آھي. ڪجهه عالمن جو چوڻ آهي تہ فارمل سائنس حقيقي سائنس نہ آهي ڇو تہ ان جي ضابطن ۾ نظرين کي حقيقي مشاھدن سان پرکڻ ممڪن ناهي. [3] سائنس جا اھڙا ضابطا جيڪي انجنيئرنگ ۽ ميڊيسن ۾ ڪم اچن انھن کي اپلائيڊ سائنس سمجھيو ويندو آھي.[4]

ڪيترائي سوال انساني ذهن ۾ اُڀرندا رهن ٿا. ظاهر آهي ته جڏهن به ماڻهوءَ جي ذهن ۾ ڪي سوال پيدا ٿيندا ته سندس ذهن انهن جا جواب به ڳوليندو. انهيءَ ذهني ڳولا ۽ جاچ کي عام سائنسي ٻوليءَ ۾ ”سائنسي کوجنا“ ڪوٺيندا آهن. قرآن پاڪ ۾ ته ان ڳالهه جو خاص تاڪيد ڪيل آهي ته ”اي انسان، تون سج، چنڊ، تارن ۽ مُندن تي ويچار ڇو نٿو ڪرين؟“

ڏاها ماڻهو قدرت جي ڳالهين تي ويچار ڪندا هئا, يعني کوجنا ڪندا هئا. اهڙيءَ ريت آخرڪار پنهنجي ذهن ۾ پيدا ٿيل سوالن جا جواب ڳولي لهندا هئا. هر کوجنا کان پوءِ کين نئين نئين ڄاڻ ملندي هئي. اِن سوچ ۽ کوجنا واري عمل کي ئي سائنس چئجي ٿو. سائنس نئين دؤر جو لفظ آهي. ڪابه شيءِ هڪدم وجود ۾ ڪانه ٿي اچي، اُن لاءِ ورهين جا ورهيه جاکوڙ ۽ جستجو ڪرڻي پوي ٿي. ائين به ناهي ته هر ڪا کوجنا، هر ڪا جاکوڙ هڪ ئي وقت ۾ هڪ انسان جي هٿان ٿي ٿئي. پهرين ڪنهن انسان کي اندر مان ڪو ويچار ايندو آهي، اُن ويچار کي ڏسي، ٻڌي، ٻيو ماڻهو وري ٻه وکون اڳتي وڌندو ۽ پوءِ اهو سلسلو اڳتي وڌي، ڪنهن نه ڪنهن ماڳ تي وڃي پڄندو، نتيجي ۾ ڪانه ڪا نئين شئي وجود ۾ اچيو وڃي.

گذريل هڪ سؤ سالن ۾ ئي سائنس ايتري ترقي ڪئي آهي، جو عقل حيران آهي. لاتعداد شيون ايجاد ٿيون آهن، ۽ اسين هينئر به ائين نٿا چئي سگهون ته اڳتي هلي ڪجهه ايجاد نه ٿيندو؛ اسان کي پڪ آهي ته وقت سان گڏوگڏ نيون ايجادون ٿينديون، انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته سائنس کي گهڻي اهميت ڏني وڃي ۽ هر علم جو مطالعو به جاري رکيو وڃي.[5][6]

سائنس هڪ طرف اهو ڪيو جو پنهنجي تجزيي ۽ تجربي جي ذريعي نيٺ هيءُ ثابت ڪري ڇڏيو ته، سڀ شيون، ظاهري گهڻائيءَ جي باوجود، پنهنجي آخري تجزيي ۾ رڳو ايٽم جو ميڙ آهن ۽ ايٽم توانائي جي لهرن جو مجموعو آهي.[7]

جديد سائنس[سنواريو]

سائنس جي تاريخ[سنواريو]

فطرت جي تصور جي ايجاد يا دريافت ٿيڻ کان پھريان يونان جا سقراط کان اڳ وارا فلاسافر اھي سڀ کان پھريان ماڻهو ھئا جن فطرت ۽ رسم جي وچ ۾ فرق کي سڃاتو.انھن فطرت کي اھو طريقو سمجھيو جنھن ذريعي ٻوٽن جي واڌ ٿيندي آھي ۽ رسم کي اھو طريقو سمجھيو جنھن سان ڪو قبيلو ڪنھن خاص ديوتا جي پوڄا ڪندو آھي.[8]ايشيا مائنر يا اناطوليہ جي شھر مليسئس (Miletus) مئٿميٽيشن يا رياضي دان ٿليس (Thales) جي مليسئس ۾ قائم ڪيل مليسئن اسڪول (Milesian School) جي سقراط کان اڳ وارن فلاسافرن ۽ ٿليس کان بعد وارن فلاسافرن جن ۾ انيڪسيمينڊر ۽ انيڪسيمينز شامل آهن، اھي پھريان فلاسافر ھئا جن فطرت جي مظھرن کي مافوق الفطرت ھستين تي اعتبار ڪرڻ کانسواءِ سمجھائڻ جي پھرين ڪوشش ڪئي. [9] پائٿاگورين (Pythagoreans) ڪامپليڪس نمبر فلاسافي ۾ اضافو ڪري ميٿميٽڪس جي ترقي ۾ خاطرخواه اضافو ڪيو.[10] يوناني فلاسافر ليوسيپس ۽ ان جي شاگرد ڊيموڪرٽس ائٽمن جو نظريو ڏنو.[11] يوناني ڊاڪٽر ھپوڪرٽس سسٽم واري ميڊيڪل سائنس جي روايت قائم ڪئي.[12] ان کي ميڊيڪل سائنس جو ابو سڏيو ويندو آهي.[13]


  • ==سائنس جون شاخون==

سائنس جو فلسفو[سنواريو]

سائنس ۽ مذھب[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. R. P. Feynman, The Feynman Lectures on Physics, Vol.1, Chaps.1,2,&3.

  2. "science". Merriam-Webster Online Dictionary. Merriam-Webster, Inc. حاصل ڪيل October 16, 2011. 3 a: knowledge or a system of knowledge covering general truths or the operation of general laws especially as obtained and tested through scientific method b: such knowledge or such a system of knowledge concerned with the physical world and its phenomena. }}
  3. Contemporary science is typically subdivided into the natural sciences which study the material world, the social sciences which study people and societies, and the formal sciences like mathematics. Some do not consider formal sciences to be true science as theories within these disciplines cannot be tested with physical observations,
  4. Editorial Staff. "Scientific Method: Relationships among Scientific Paradigms". Seed magazine. وقت September 29, 2007 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل September 12, 2007. 
  5. Sindhi Adabi Board Online Library (Science_n_Tech)
  6. ڪتاب: برک سائنسي کوجنائون ۽ ايجادون، محمد عثمان ڏيپلائي
  7. انسانيت جي تعمير (مولانا وحيد الدين خان / خالد ڀٽي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-13 
  8. "Progress or Return" in An Introduction to Political Philosophy: Ten Essays by Leo Strauss (Expanded version of Political Philosophy: Six Essays by Leo Strauss, 1975.) Ed. Hilail Gilden. Detroit: Wayne State UP, 1989.
  9. O'Grady, Patricia F. (2016). Thales of Miletus: The Beginnings of Western Science and Philosophy. New York City, New York and London, England: Routledge. p. 245. ISBN 978-0-7546-0533-1. Archived from the original on January 29, 2018.
  10. Burkert, Walter (June 1, 1972). Lore and Science in Ancient Pythagoreanism. Cambridge, Massachusetts: Harvard University Press. ISBN 0-674-53918-4. Archived from the original on January 29, 2018.
  11. Pullman, Bernard (1998). The Atom in the History of Human Thought. Oxford, England: Oxford University Press. pp. 31–33. ISBN 0-19-515040-6. Archived from the original on January 29, 2018.
  12. Margotta, Roberto (1968). The Story of Medicine. New York City, New York: Golden Press.
  13. Leff, Samuel; Leff, Vera (1956). From Witchcraft to World Health. London, England: Macmillan.