مواد ڏانھن هلو

نفسيات

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نفس معنا ساھ، ۽ نفسيات معنيٰ ساھ بابت علم، پر جيئن ته خالص ساھ اڃا ڪنهن ڏٺو ڪو نہ آهي جو ڪو ان جي اپٽار ڪري سگهي، ان ڪري نفسيات کي ساھ وارن جو علم ئي سمجهڻ گهرجي. ساهوارن بابت علم جا بہ گهڻائي ڀاڱا آهن، جيئن تہ سندس پيدائش، بدني نظام ۽ ان جو انتظام، بيماريون وغيره. پر نفسيات جي آڏو جيون جي علم جو فقط اهو پاسو رهندو، جيڪو ٻين جيون ۽ شين سان تعلق ۾ اچڻ ڪري، منجهن سامائجي ٿو. يعني تہ پنهنجن ضرورتن کي پوري ڪرڻ ۾ دنيا سان ڏي وٺ جو مٿن اثر. جيئن تہ خوشي، رنج، فتح، شڪست وغيره ۽ انهن جا نتيجا.

نفسيات هڪ عمراني علم آهي. 19 صديءَ جي وچ ڌاري نفسيات فلسفي جي هڪ شاخ سمجهي ويندي هئي، پر پوءِ نفسيات کي هڪ الڳ علم جي حيثيت ۾ اڀياسيو ويو. نفسيات کي دماغي يا ذهني زندگيءَ جو علم بہ چيو وڃي ٿو. نفسيات جو ادب سان گهرو تعلق آهي. نفسياتي ناول، نفسياتي ڪردار نگاري، فرد اڪيلو يا گڏيل معاشري جي نفسياتي رخن يا پاسن جي اولڙن، جنسيات يا ڊيپريشن (هنياءُ لٿَ يا خفخان)، انساني جبلتون، جماليات وغيره سڀ ادبي اهميت جا حامل آهن.[1]

هر هڪ جيوَ کي سندس خاص ماحول موجب، پنهنجي جان بچائڻ ۽ پاڻ کي تڳائڻ لاءِ، ٽلن وسيلي پنهنجي ضرورتن کي پورو ڪندو جيئرو جڙيو هلندو هلي، اها بہ ضرورت آهي تہ جيوَ جي پسگردائي پڻ اهڙي هجي جا سندس ضرورتن کي منهن ڏئي سگهندي هجي، پر جي اها جاءِ سندس گهرجن کي پوري ڪرڻ جي لائق نہ آهي، تہ جيوت جو جٽاءُ ڏکيو ٿي پوندو ۽ جلد ئي حيات موت سان مٽجي ويندي. هاڻي جي جيوَ جي جسم ۾ ايتري لياقت آهي جو هو پنهنجون گهرجون ڦيرائي موجود حالتن جهڙيون ڪري سگهي يا جي منجهس ايتري طاقت آهي جو پنهنجي جيوت منڊل جون حالتون مٽائي پنهنجي ڀيٽ تي آڻي سگهي تہ پوءِ حياتيءَ کي نڪا لهر نڪو لوڏو.

ڀرپاسي ۽ اوسي پاسي جو اثر جيوَ تي تہ بلڪل جلد ظاهر ٿيو پوي، وڻن ٽڻن جي حالت ۾، جي بہ ساھ وارا ئي آهن، اُس، پاڻي ۽ مٽيءَ جو اثر ايترو تہ ٿئي ٿو جو ڪٿي ڪو ٻوٽو تہ بنھ اڀري ئي ڪونہ، ڪٿي وڌي تہ اڌو گابرو، ڪٿي وڏو بہ ٿئي تہ ڦر نہ جهلي. ڇانهين ڪٿي پنج سير تہ ڪٿي پنجويھ سيري. گلاب ڪٿي نڪري ئي ڪو نہ، تہ ڪٿي ٻـُڪ جيڏو، وري رنگ بہ طرحين طرحين. نيلگري جبل جي نيلي پٿرائين زمين تہ نباتات ۾ ايترا رنگ ٿي ڪڍي جو هڪڙي ئي پارڪ ۾ 20-25 رنگن جو گلاب ڏسڻ ڪا تعجب خيز ڳالھ ڪا نہ آهي. مطلب تہ هر ڪا جنس پنهنجي پيدائشي هنڌ جي حالتن موجب ٿي ٿئي ۽ وڌي ويجهي ٿي.

ماڻهوءَ جي جسم جي ترتيب تہ اهڙي مڙڻي جڙڻي ٿي ٿئي جو پنهنجي جيوت منڊل سان جاگرافيءَ جي هر طبقي ۾ پوري نموني راسپاس ٿيو وڃي. سندس بيدار مغز ۽ ان جا لڳ لاڳاپا ايترو تہ وسيع ۽ برجستا ٿا ٿين جن جو پورو وستار تہ ٺهيو پر مختصر ويچار ئي موجوده معلومات جي حدن کان ٻاهر آهي. سردي، گرمي تہ بجاءِ خود، پر رڳي ٽيٽ سا پويس تہ هتي هي دونهون ٿو دکي، تہ سندس سچيت مغز گهڻي قدر تاڙي ويندو تہ ان حالت کي منهن ڪيئن ڏجي جو جان جوکي کان بچي. ائين ڪندي هو ڪيترين قدرتي مصيبتن تي فتح ماڻي چڪو آهي ۽ زماني جي ناساز حالتن ۾ دوستين دشمنين کي منهن ڏيندو هلندو هلي.

هتي نفسيات جي علم جو مقصد انهيءَ راز کولڻ جو آهي تہ آدم يعني انسان پنهنجي ماحول کان پنهنجون ضرورتون ڪهڙي طريقي پوريون ڪرائيندو ٿو رهي يا بيڪار ثابت ٿو ٿئي. ۽ انهيءَ ڇڪتاڻ جي ماحول جو مٿس ڪيترو اثر ٿو پوي ۽ پاڻ انهيءَ دنيا جي ڇڪ ڌڪ ۾ ترقي ڪرڻ جيتري سگھ ٿو ساري ۽ ڪيتري سمجھ ۽ حوصلي رکڻ جو ثبوت ٿو ڏئي. ٻار جي هن دنيا جي سفر جي ڪشالن ۽ سوڀ ۽ شڪست يعني سندس خوشي يا رنج بہ ٻن ڳالهين تي دارومدار رکي ٿو: (1) ته کيس مائٽن کان ورثي ۾ مليل موڙي ڪيتري هئي يعني تہ سندس جسمي ۽ ذهني طاقت ۽ توانائي، (2) تہ کيس ڄمڻ کان پوءِ ڪهڙي تعليم ۽ تربيت ملي، جا هن جي جسم ۽ ذهن کي ڦوھ ۾ آڻي.[2][3]

نفسياتي بيماريون

[سنواريو]

هي ٻه نفسياتي ٻيماريون عام آهن.

  • (1) سائيڪوسز (Psychoses)
  • (2) نيروسز (Neuroses)

سائيڪوسز (Psychoses) ۾ شيرو فرينا، چريائپ، وهم، خيالي شيون ڏسڻ، خفت، (Phobia) اذيت پسندي، وغيره جهڙيون بيماريون جنم وٺن ٿيون. نيروسز (Neuroses) ۾ وري ڊپريشن، ذهني دٻاءَ، اُتڻ تُڻ ۽ هورا کورا واري ڪيفيت، بي چيني، بوريت ، مزو نه اچڻ، دل نه لڳڻ جهڙيون ڪيفيتون جنم وٺن ٿيون. ٻنهي ۾ فرق اهو آهي تہ هڪ ڪيفيت ۾ ماڻهو ناڪاريت (منفيت) ڏانهن گهڻو ويندو، کيس خبر نه پوندي ته هو ائبنارمل آهي، ان ۾ جيڪي ڪيفيتون پيدا ٿينديون، انهن ۾ وهندو ويندو ۽ دماغي توازن وڃائي ويهي رهندو. ٻي ڪيفيت ۾ هو بيچين رهندو تہ ڪجهه ڪجي، ڪا تبديلي جي هن کي ضرورت هوندي آهي، جيڪڏهن ان ڪيفيت ۾ ڪو مثبت رستو ملي ويو تہ، ماڻهو ڪاميابيءَ جي رستي تي هلي پوندو.[4]

حوالا

[سنواريو]
  1. نفسيات | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون[مئل ڳنڍڻو]
  2. Sindhi Adabi Board Online Library (Science_n_Tech)
  3. ڪتاب: نفسيات (پاڻ سڃاڻ)
  4. ڪتاب سنڌي سماج (نفسياتي اصطلاحن جي آئيني ۾)، ليکڪ؛ ڊاڪٽر غفور ميمڻ