فرانسس بيڪن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
دي رائيٽ آنربل
وسڪائونٽ سينٽ البان
PC QC
Somer Francis Bacon.jpg
فرانس پوربس جو 1617 ۾ ٺاھيل فرانسس بيڪن جو پورٽريٽ
انگلينڊ جو لارڊ چانسلر
شاهي حڪمران جيمز پھريون
پيشرو

ٿامس ايگرٽن

بريڪلي جو وسڪائونٽ
جانشين ڪميشن ۾
انگلينڊ ۽ ويلز جو اثارني جنرل
شاهي حڪمران جيمز پھريون
پيشرو سر ھينري ھوبرٽ
جانشين ھينري ييلورٽن
ذاتي تفصيل
پيدائش 22 جنوري 1561
اسٽرينڊ، لنڊن، انگلينڊ
وفات 9 اپريل1626 ( 65 سال)
ھاء گيٽ, مڊل سيڪس، انگلينڊ
قوميت انگريز
مادر علمي ٽرينٽي ڪاليج، ڪيمبرج
پئائٽيئرس يونيورسٽي
پيشو وڪيل، سياستدان، فلاسافر
دستخط
فرانسس بيڪن
عهد جاڳرتا وارو فلسفو
علائقو مغربي فلاسافي
مڪتبه فڪر تجربيت
شعبه عمل
فطرت جو فلسفو
فلسفياڻو منطق


فرانسس بيڪن(انگريزي: Francis Bacon) انگريز وڪيل ۽ فلسفی ھو. ھو 1582 ۾ بار جو رڪن بڻيو ۽ 1584 ۾ پارليامينٽ جو رڪن ٿيو. 1589 ۾ پنھنجي سياسي پیش قدمي جي لاءِ ھن ارل آف اسيڪس (Earl of Essex) ٻين سان دوستي ڪئي پر 1601 ۾ ھن پنھنجي محسن جي خلاف بغاوت جي مقدمي ۾ مخالفن جو ساٿ ڏنو. جيمز اول جي حڪومت ۾ (1603-25) بيڪن کي خاص ڪاميابيون حاصل ٿيون. ھو برطانيا ۽ اسڪاٽ لينڊ جي يونين جو ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. 1604ع ۾ اٽارني جنرل مقرر ٿيو. 1613- 1618ع ۾ لارڊ چانسلر بڻيو.

1621ع ۾ ھن کي رشوت جي ڏوھ ۾ ملوث پايو ويو ۽ چاليھ ھزار پائونڊ جرماڻو ھنيو ويو ۽ پارليامينٽ ۽ سرڪاري عھدي جي لاءِ معزول ڪيو ويو.

ھن جي شھرت جي وجھہ ھن جي فلسفياڻہ ۽ ادبي تحريرون آھن. ھن سترھين صدي جي سائنسي فڪر کي گھڻو متاثر ڪيو.

ھن جي ڪتاب The Advancement of Learning ۾  ھن علمن جي نئين جماعت بندي ڪئي. پوءِ 1623ع ۾ ھڪ ٻي ڪتاب جي ذريعي ان کي وڌيڪ وسعت ڏني. پوءِ 1624ع ۾ ھن Norum Organum Scientiarum ۾ استدلال ڪيو تہ علم صرف تجربي سان ئي حاصل ڪري سگھجي ٿو.

ابتدائي زندگي[سنواريو]

بئڪن 22- جنوري سن 1561ع ۾ يارڪ هائوس (York House)، لنڊن ۾ ڄائو هو، اهو يارڪ هائوس سندس والد سرنڪولس بئڪن (Sir Nicholas bacon) جي رهائش جي جاءِ هئي. سندس والد ايلزبيٿ (Elizabeth) جي حڪمراني جي پهرين ويهن سالن ۾ شاهي سيل کي سنڀاليو هو. مئڪالي (Macauly) چوي ٿو، ته پٽ پنهنجي پيءُ جي مشهور نالي کي ڍڪي ڇڏيو آهي. حقيقت ۾ سرنڪولس جو رواجي ماڻهو ڪونه هو. اها هڪ توقع ڪرڻ جھڙي ڳالھه آهي، ڇاڪاڻ ته اعليٰ ذهن، ڪنهن خاص خاندان ۾ قابليت ذريعي نسل به نسل ترقي ڪندو رهي ٿو. تان جو ڪنهن هڪ شخص ۾ چوٽيءَ تي پهچي وڃي ٿو، تنهن کان پوءِ آئينده نسلن ۾ گهٽبو وڃي ٿو ۽ نيٺ معمولي صورت اختيار ڪري ٿو. بئڪن جي والده جونالو ليڊي ائن ڪوڪ (Lady Anne Cooke) هو، سر وليم سيسل، لارڊ برلي، جي سالي هئي. لارڊ برلي راڻي ايلزبيٿ جي خزاني جو امير هو ۽ انگلينڊ جو طاقتور ماڻهن مان هڪ هو. ليڊي ائن ڪوڪ جو والد شهنشاهه ايڊورڊ ڇهين (King Edward vi) جو خاص استاد ٿي رهيو هو. هوءَ خود ڪيتريون ئي ٻوليون ڄاڻندي هئي ۽ دينيات جي ماهر هئي. مذهبي پيشوائن سان يوناني زبان ۾ لکپڙهه ڪرڻ هن لاءِ بلڪل آسان هو. هوءَ پنهجي پٽ جي استاد هئي ۽ کيس تعليم ۽ تربيت ڏيڻ ۾ هن ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪئي.[1] ٻارهن سالن جي ڄمار ۾ بئڪن کي ٽرنٽي ڪاليج ڪئمبرج ڏي موڪليو ويو. اتي هو ٽي سال رهيو. ان عرصي ۾ سندس دل اندر تعليمي نصاب ۽ طريقن جي لاءِ نفرت جاڳي، ارسطو جي روايتن ۽ طريقن خلاف دشمني پيدا ٿي. هن ڪئمبرج کي الوداع چيو ۽ پڪو ارادو ڪيو، ته فلسفي کي وڌيڪ زرخيز رستي طرف وٺي ويندو، مڪتبي مناظرن (Scholastic Disputations) کان سندس رخ ڦيرائي، انساني ڀلائيءَ جي واڌاري ۽ ترقيءَ طرف سندس منهن موڙيندو. اڃا هو سورنهن ورهين جو ٻار هو، ته هن کي فرانس ۾ رهندڙ انگريز ايلچيءَ جي دفتر ۾ هڪ ملازمت جي آڇ ٿي. فائدن ۽ نقصانن کي خيال سان جاچيندي،آخرڪار هن اها آڇ قبول ڪئي. پنهنجي ڪتاب ”قدرت جي تشريح“ جي مقدمي ۾ هن پنهنجي فيصلي تي بحث ڪيو آهي. جنهن کيس فلسفي کان جدا ڪري، سياست طرف مائل ڪيو.[2]

ڪيريئر[سنواريو]

سر فرانسس بيڪن

هڪ اثر رسوخ رکندڙ دوست هن سان سخاوت ڪئي. اهو ارل آف اسيڪس (Earl of Essex) هو، جنهن سان راڻي ايلزابيٿ محبت ڪندي هئي، پر محبت ناڪام ٿيڻ ڪري ساڻس نفرت ڪرڻ لڳي. سن 1595ع ۾ اسيڪس، بئڪن کي سياسي عهدي وٺي ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيو، ان جي عيوضي ۾ کيس ٽوڪن هام (Twickenham) جي خوبصورت جائداد تحفي طور ڏني. اهو هڪ شاندار تحفو هو. جنهن لاءِ بئڪن سڄي عمر شايد سندس احسان مند ٿي رهي ها، پر ائين نه ٿيو، ڪجهھ سالن کان پوءِ، اسيڪس راڻيءَ کي قيد ڪرڻ لاءِ منصوبو رٿيو ۽ سندس جانشين مقرر ڪرڻ جون رٿون ٺاهڻ شروع ڪيون. بئڪن پنهنجي محسن ڏانهن هڪ پٺيان ٻيو خط لکيو، ته هو راڻيءَ سان غداري نه ڪري، پر جڏهن هو نه مُڙيو، تڏهن بئڪن اسيڪس کي خبردار ڪيو ته کيس پنهنجي محسن لاءِ شڪرگذاري کان وڌيڪ راڻيءَ جي وفاداريءَ جو احساس آهي. اسيڪس پنهنجو داءُ لڳايو، پر هاريائين ۽ کيس گرفتار ڪيو ويو. بئڪن راڻيءَ کي پنهنجي دوست لاءِ لڳاتار ايتري ته منٿ ڪئي، جو راڻيءَ آخرڪار ڪَڪَ ٿي چيس، ته ٻي ڪا ڳالھه ڪر. جڏهن اسيڪس کي عارضي طور آزاد ڪيو ويو ۽ هن لشڪر گڏ ڪري لنڊن تي ڪاهه ڪئي، تڏهن بئڪن سندس جاني دشمن ٿي پيو. انهيءَ عرصي ۾ بئن کي سرڪاري قانوني مشير مقرر ڪيو ويو. جڏهن اسيڪس کي وري گرفتار ڪيو ويو ۽ غداري لاءِ مٿس مقدمو هلايو ويو، تڏهن بئڪن سندس خلاف قانوني ڪاروائي ۾ سرگرم حصو ورتو. اسيڪس کي ڪورٽ ڏوهي ٺهرايو ۽ کيس موت جي سزا ڏني وئي. ان مقدمي ۾ حصو وٺڻ ڪري، بئڪن ڪجهھ عرصي لاءِ عوام ۾ نامقبول ٿي پيو. ان وقت کان وٺي سندس دشمن موقعي جي تاڙ ۾ رهيا، جيئن هو کيس ختم ڪن. انهن سندس پرعزم هجڻ ڪري، کيس آرام ڪرڻ نه ڏنو. بئڪن هميشه غير مطمئن رهيو. ظاهري ٺاهه ٺوهه ۽ شان شوڪت قائم رکڻ ڪري هميش قرض ۾ مبتلا هوندو هو. جڏهن 45 ورهين جي عمر ۾ هن شادي ڪئي، تڏهن رسم ۽ رواج جي دٻدٻي تي ايترو ته پيسو خرچ ڪيائين، جو سندس زال کي مليل ڏاج جو وڏو حصو ان ۾ ختم ٿي ويو. سن 1598ع ۾ هن کي قرض جي سبب گرفتار ڪيو ويو. انهن سڀني مصيبتن جي باوجود ترقي ڪندو رهيو. سندس گوناگون قابليت ۽ بي انتها علم کيس هر مُکي ڪاميٽيءَ جو اهم ميمبر بنايو. آهستي آهستي وڏا عهدا هن لاءِ کليل ڇڏيا ويا. سن 1606ع ۾ هن کي سالسٽر جنرل (Solicitor General) ڪيو ويو ۽ 16133ع ۾ هن کي اٽارني جنرل (Attorney General) ڪيو ويو. سن 16188ع ۾ ستونجاهه سالن جي ڄمار ۾ لارڊ چانسيلر (Lord Chancellor) مقرر ٿيو.[3]خاص رواج هوندو هو، ته منصف ’سوکڙيون‘ قبول ڪن. بئڪن ان ڳالهه ۾ ٻين کان پوئتي نه رهيو. بئڪن جو خرچ هميشه سندس ڪمائيءَ کان وڌيڪ هوندو هو، جنهن ڪري هو اخلاقي اصول به قائم رکي نه ٿي سگهيو. ان ڳالهه تي جيڪر ڪوبه ڌيان نه ڏنو وڃي ها، پر بئڪن اسيڪس جي ڪيس ۾ ڪيترا جاني دشمن پيدا ڪيا. هو هميشه گفتار جي تلوار سان دشمنن جو منهن بند ڪندو رهيو، پر اندروني طور سندس دشمن وڌڻ لڳا. هڪ دوست کيس چتاءُ به ڏنو، ”ته درٻار ۾ اها ڳالهه عام آهي، ته جيئن تنهنجي زبان ڪن لاءِ تلوار جو ڪم ڪيو آهي، تيئن انهن جي زبان پڻ تنهنجي لاءِ ٿيندي.“ پر هن انهن ڳالهين تي ڪوبه توجھه ڪونه ڏنو. هن سمجھيو ٿي، ته هو شهنشاهه جو خاص ماڻهو آهي. سن 1618ع ۾ هن کي بئرن (Baron) بڻايو ويو ۽ سن 1621ع ۾ وائڪائونٽ سينٽ (Viscomt St.) ٿيو. ٽي سال هو چانسيلر ٿي رهيو. پوءِ اوچتو هن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. سن 1621ع ۾ هڪ نا اميد مدعي مٿس هڪ ڪيس ۾ رشوت وٺڻ جو الزام مڙهيو. اها ڪا غير معمولي ڳالهه ڪانه هئي، پر بئڪن کي يڪدم خبر پئي، ته جيڪڏهن سندس دشمن ان ڳالهه تي زور ڏنو، ته پوءِ سندس ٻيڙو سير ۾ هوندو. هُن پنهنجي گهر ۾ اڪيلائي اختيار ڪئي ۽ معاملي جي وڌڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. جڏهن کيس معلوم ٿيو ته سندس سڀ دشمن سندس موقف لاءِ پڪاري رهيا هئا، تڏهن هن پنهنجي گناهه جو اقرار جيمس پهرئين وٽ موڪلي ڏنو. بادشاهه نئين فتحمند پارليامينٽ جي زور بار اڳيان جھڪي ويو، جنهن کان بئڪن کيس هميشه پنهنجن تقريرن ذريعي بچائيندو رهيو هو. بئڪن کي قيد خاني ۾ موڪليو ويو، پر ٻن ڏينهن کانپوءِ کيس آزادي ملي ۽ بادشاهه ڳري ڏنڊ ڏيڻ کان معافي ڏني، جيڪو هن تي مڙهيو ويو هو. ان هوندي به هن پنهنجو فخر برقرار رکيو. چيائين ته ”انهن پنجاهه سالن اندر مان انگلينڊ جو سڀني کان وڌيڪ انصاف پسند منصف هوس. پر ٻن سو سالن اندر انگلينڊ جي پارليامينٽ اهڙي انصاف واري فتويٰ ڪانه ڏني، جهڙي منهنجي خلاف.“[4]

بيڪن جا ڪتاب ء سندس خيال[سنواريو]

ول ڊيورنٽ لکي ٿو تہ :جڏهن فرانسس بيڪن ”ايڊوانسمينٽ آف لرننگ“ لکيو هو ۽ ايڏي جرائت سان لکيو هئائين جو هن نشاة الثانيه جي جرائت کي به حيران ڪري ڇڏيو هو. بيڪن سائنس لاءِ هڪ منشور تيار ڪيو هو ۽ انهن اهم مسئلن ڏانهن اشارو ڪيو هو جنهن کي حل ڪرڻ جي ضرورت هئي ۽ انهن ڪاميابين جي اڳڪٿي ڪئي هئي جيڪي ان علم سان اسان کي حاصل ٿي سگهيون ٿي[5].

پڇاڙي[سنواريو]

پنهنجي حياتيءَ جا پويان پنج سال هن پنهنجي گهر ۾ اڪيلائي ۽ امن سان گذاريا. اوچتي غربت هن کي هيسائي ڇڏيو، پر فلسفي جي مطالعي کيس دلي تسڪين ڏني. انهن پنجن سالن ۾ هن پنهنجو لئٽن ۾ عظيم ترين ڪتاب ’علم جو واڌارو‘ لکيو، مضمونن جو طويل نسخو شايع ڪيو، ۽ هينري ستين جي تاريخ لکي. هن افسوس ظاهر ڪيو، ته ڇو نه ان کان اڳ هن سياست کي الوداع چئي، علم ۽ ادب طرف توجهھ ڏنو. زندگيءَ جي آخر گهڙيءَ تائين هو پنهنجي ڪم ۾ مصروف هو. ڄڻ ته هن لڙائيءَ جي ميدان تي دم ڏنو. پنهنجي هڪ مضمون ’موت‘ ۾ هن خواهش ظاهر ڪئي هئي، ته پنهنجي ڪم ڪندي ڪندي اوچتو مري وڃجي، ته جيڪر گرمجوشيءِ ۾ زخمي ٿيڻ وانگر سڪرات جو سور محسوس ئي نه ڪجي. سيرز وانگر سندس دلي تمنا پوري ٿي وئي. مارچ 1626ع ۾ هو لنڊن کان هائگيٽ گهوڙي تي سوار ٿي وڃي رهيو هو. اوچتو سندس دماغ ۾ خيال پيدا ٿيو، ته برف ذريعي گوشت کي ڪيئن خراب ٿيڻ کان بچائجي. هن ارادو ڪيو، ان ڳالهه جي آزمائش ورتي وڃي. هڪ دڪان تان هن هڪ پکي خريد ڪيو. ان کي ماري ان جي اندر برف وڌائين. جنهن وقت هو ائين ڪري رهيو هو، ان وقت کيس زڪام ۽ ڪمزوريءَ حملو ڪيو. پاڻ کي بيمار ڏسي، هن حڪم ڏنو، ته کيس لارڊ آرنڊيل جي جڳهه طرف نيو وڃي. اتي هو بستري داخل ٿيو. ان وقت به هن زندگيءَ تان آسرو نه لاٿو. هن هڪ خوشيءَ ڀريو خط لکيو، ته ڪيئن نه سندس تجربو ڪامياب ٿيو. پر اهو خط سندس آخري خط هو. پوڙهائپ واري زندگيءَ جي موسمي بخار سندس اندر کائي ڇڏيو هو. هو سڄو جلي رک ٿي ويو هو ۽ ايترو ڪمزور ٿي ويو هو، جو بيماريءَ کان پاڻ بچائڻ جي قابل نه هو. آهستي آهستي بيماريءَ سندس دل طرف رخ رکيو. 9- اپريل جي شام 1626ع ۾، پنجھٺ سالن جي ڄمار ۾ هو گذاري ويو. پنهنجي وصيت نامي ۾ هن فخر سان ۽ خاص طرح هي لفظ لکيا: ”مان پنهنجو روح خدا جي سپرد ڪيان ٿو. منهنجي جسم کي گمنام جڳهه دفن ڪيو وڃي. مان پنهنجو نالو آئنده نسلن ۽ ٻاهرين قومن لاءِ ڇڏيان ٿو.“[6]

حوالا[سنواريو]

  1. http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Philosophy/Book4/Book_page8.html.  Missing or empty |title= (help){ڪتاب: فلسفي جي ڪهاڻي؛ ليکڪ: ول ڊيورنٽ}
  2. http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Philosophy/Book4/Book_page8.html.  Missing or empty |title= (help){ڪتاب: فلسفي جي ڪهاڻي؛ ليکڪ: ول ڊيورنٽ}
  3. http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Philosophy/Book4/Book_page8.html.  Missing or empty |title= (help){ڪتاب: فلسفي جي ڪهاڻي؛ ليکڪ: ول ڊيورنٽ}
  4. http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Philosophy/Book4/Book_page8.html.  Missing or empty |title= (help){ڪتاب: فلسفي جي ڪهاڻي؛ ليکڪ: ول ڊيورنٽ}
  5. ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون ،ليکڪ: وِل ڊيوران سنڌيڪار، آغا سليم ؛ايڊيشن 2016 ؛ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  6. http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Philosophy/Book4/Book_page8.html.  Missing or empty |title= (help){ڪتاب: فلسفي جي ڪهاڻي؛ ليکڪ: ول ڊيورنٽ}