فلاسافر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فيلسوف (Philosopher) فلسفي جي علم کي ڄاڻيندڙ کي چئبو آهي. فلاسافر/فيلسوف، ان کي چئبو آهي، جيڪو پنھنجي علم ۽ تجربي جي آڌار تي ڏاهپ ۽ دانائيءَ جون ڳالھيون ڪري يا لکي، نئون فلسفو بيان ڪري يا اڳين فلسفن ۾ ترميم ۽ تبديل ڪري. اڳي زماني جي لحاظ کان فلاسافر ان کي چيو ويندو هو، جيڪو زندگيءَ جي باري ۾ پيدا ٿيندڙ سوالن کي اڀاري. موجوده دَور مطابق، فلاسافر اهو آهي، جيڪو مختلف زندگيءَ سان لاڳاپيل علمن تي گھرائيءَ سان دسترس رکندڙ هجي ۽ دانائي ۽ تجربي جي آڌار تي ڳالھيون ڪري.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.