منطق

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

منطق (اُچار: مَنتِڪُ، انگريزي: Logic لاجِڪ)دليل بازيءَ جو علم. هن علم جا ڄاڻو دليلن ذريعي پنهنجي ڳالهه ڪندا آهن. سڀ کان پهرين ارسطو، منطق کي اهميت ڏني .سنڌ جي مڪتبن ۾ منطق هڪ مضمون طور شاگردن کي پڙهايو ويندو هو[1] ول ڊيورنٽ لکي ٿو تہ:فلاسافيءَ جي دعوت ۾ منطق هڪ نهايت معمولي شروعاتي طعام آهي پر ان سان سموري اشتها پوري ٿي ويندي آهي. منطق تي اسين شڪ ڪندا آهيون جو اسان کي خبر هوندي آهي ته اسان جا دليل گهڻي ڀاڱي اسان جون اهي خواهشون هونديون آهن جن کي اسين عقل جو لباس پارائيندا آهيون. اسان پنهنجي پر ۾ غيرجانبدار خيالن جون عمارتون تعمير ڪندا آهيون، پر اصل ۾ اسان انهن واقعن ۽ اصولن جي چونڊ ڪري رهيا هوندا آهيون جيڪي اسان جي ذاتي يا قومي خواهشن سان مطابقت رکنديون آهن. اسان منطق تي شڪ ڪندا آهيون جو اسان پڪيءَ عمر مان سبق سکي چڪا هوندا آهيون ته زندگي دليلن کان وسيع، پرڀور ۽ اونهي آهي. منطق هڪ هنڌ ڄمي بيٺل حقيقتن جو مرڪب آهي جڏهن ته زندگي متحرڪ ۽ تبديل ٿيندڙ ۽ سڀني قانونن کي حيرت ۾ وجهندڙ آهي. ڪيتريون شيون آهن جن کي عقل اڳ مڃڻ کان انڪار ڪيو هو پر پوءِ انهن کي مڃڻ لاءِ مجبور ٿيو هو. شايد اسان جوانيءَ ۾ ئي دليلن جا سڀ اصول ياد ڪري ڇڏيندا آهيون پر پوءِ خبر پوندي آهي ته حقيقت جي سڃاڻ ۽ زندگيءَ جي حڪمت، دليلن جي ٺهيل ان ماپي سان ماپي نٿي سگهجي. اسان لاءِ خوشي ان ۾ آهي ته زندگيءَ جي حقيقتن جو جائزو وٺڻ لاءِ اسان منطق کي في الحال پاسيرو رکون ڇاڪاڻ جو منطق سان فلاسافي بي جان ۽ بي چسي ٿي پوندي آهي ۽ انهن مسئلن تي ڌيان ڏيون جيڪي جيتوڻيڪ گهٽ بنيادي آهن پر اسان جي زندگيءَ لاءِ نهايت اهم آهن. پر اسين ائين ڪري نٿا سگهون ڇاڪاڻ ته اسان کي سچ جي ڳولها آهي ۽ اسان ڪهڙي واٽ سان سچ کي ڳولهي سگهون ٿا ٻي ڳالهه ته اسين جيڪڏهن سچ تائين پهچي به وڃون ته اسان سچ کي ڪيئن سڃاڻي سگهنداسين ۽ اسان کي ڪيئن خبر پوندي ته هيءَ اها ئي شيءِ آهي جنهن جي اسان کي ڳولها هئي. ڳولها جو ٻيو ڪوبه طريقو پڪ غير منطقي ٿيندو.[2] دليلن کي پرکڻ ۽ واپرائڻ ۽ صحيح استدلال ڪرڻ جو علم آهي. لفظ منطق عربي ٻوليءَ مان اڌاريل آهي ۽ فارسي توڙي اردو ۾ به ساڳيو لفظ استعمال ٿئي ٿو. انگريزيءَ ۾ اِن علم کي لاجِڪ چوندا آهن. منطق جا ڪيترائي قسم آهن.

  • جملاتي منطق

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون ؛ليکڪ: وِل ڊيورانٽ ؛سنڌيڪار: آغا سليم ايڊيشن؛ 2016 ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو