مواد ڏانھن هلو

جان ڊالٽن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جان ڊالٽن
John Dalton
جان ڊالٽن چارلس ٽرنر پاران، جيمس لونسڊيل جي سال 1834ع جي ميزوٽنٽ کان پوء
پيدائش06 سيپٽمبر 1766(1766-09-06)
ايگلزفيلڊ، ڪمبرلينڊ، انگلينڊ
وفات27 جولاءِ 1844(1844-07-27) (عمر 77 سال)
مانچسٽر، لنڪاشائر، انگلينڊ
قوميتبرطانوي
شھريتگڏيل بادشاھت (برطانيه)
شھرت جو ڪارڻ
  • ايٽمي ماڊل جو نظريو
  • گھڻن تناسب جو قانون
  • ڊالٽن جو جزوي دٻاءُ جو قانون
  • ڊالٽنزم (ڪلر بلائنڊنيس جي متعلق)
اعزازرائل ميڊل (1826)
سائنسي ڪيريئر
ٿيسز-->
نمايان شاگردجيمز پريسڪوٽ جول
اثرانداز ڪندڙJohn Gough
مصنف مخفف (بوٽني)Jn.Dalton
سڃاڻپ نشان



جان ڊالٽن (John Dalton؛ /ˈdɔːltən/ ؛ 6 سيپٽمبر 1766 - 27 جولاءِ 1844) هڪ انگريز ڪيميادان، طبيعياتدان ۽ ماهر موسميات هو. [1] پاڻ گهڻو ڪري مادي جي ائٽمي ماڊل جي نظرئي جي ڪري شهرت حاصل ڪيائون. هن ڪجهه عنصرن جي ايٽمي وزنن جي ابتدائي فهرست مرتب ڪئي ۽ شايع ڪئي. هن گيسن جي جزوي دٻاءُ جو قانون جو پيش ڪيو، جن کي بعد ۾ "ڊالٽن جي جزوي دٻاءُ جي قانون" جي نالي سان سڃاڻو ويو. هن موسمي تبديلين جو رڪارڊ رکڻ شروع ڪيو ۽ بعد ۾ پنهنجي مشاهدن ۽ نتيجن کي موسمياتي مشاهدن جي نالي سان هڪ ڪتاب ۾ بيان ڪيو. هن پيدائشي رنگ انڌي پن جي بيماري (colorblindness) جي پڻ جاچ ڪئي ۽ هڪ حالت دريافت ڪئي جيڪا هاڻ ڪيترن اي ٻولين ۾ "ڊالٽن ازم" جي نالي سان مشهور آهي. هن شاگردن لاءِ انگريزي گرامر جي هڪ ڪتاب پڻ مرتب ڪيو.

حوالا

[سنواريو]
  1. "John Dalton". Encyclopædia Britannica. اصل نسخو مان 3 September 2022 تي محفوظ ڪيل. 6 September 2022 تي حاصل ڪيل.