آئزڪ نيوٽن
| سر آئزڪ نيوٽن PRS | |
|---|---|
نيوٽن جو پورٽريٽ - گاڊفري ميلر | |
| پيدائش | 25 ڊسمبر، 1642 وولسٿورپ (ھڪ ڳوٺ )، لنڪاشاير ڪائونٽي، ڪنگڊم آف انگلينڊ |
| وفات | 20 مارچ، 1727 ڪينسنگٽن، مڊل سيڪس، انگلينڊ |
| مدفن | ويسٽ منسٽر ايبي |
| قوميت | انگلش |
| مادر علمي | ٽرنٽي ڪالج، ڪيمبرج |
| شھرت جو ڪارڻ | * نيوٽن جي ميڪانيات
|
| اعزاز | فيلو آف رايل سوسائٽي (1672)[1] نائٽ بيچلر (1702) |
| سڃاڻپ نشان | |
آئزڪ نيوٽن (Isaac Newton) طبیعیات جو وڏو ماهر هو. هن حرڪت ۽ ڪشش ثقل سميت ڪيترن ئي معاملن جي نه رڳو وضاحت ڪئي پر ان کي تجربن وسيلي ثابت به ڪيو ۽ ان جا قانون به جوڙيا. هن ڪهڪشائن ۽ ستارن جي رازن تان پردو به کنيو. کيس سندس انهن ئي خدمتن عيوض اهو مقام مليو.[2]
آئزڪ نيوٽن سال 1642ع ۾ انگلينڊ ۾ ڄائو هو. اهو ساڳيو ئي سال هو، جڏهن گئليلو لاڏاڻو ڪيو هو. نيوٽن کي تمام گهڻي مڃتا به ملي ۽ گئليلو وانگر سندس چهري تي افسوس جو ڪوبه نشان موجود نه هو. برنارڊ رسل چوي ٿو “نيوٽن کان پوءِ رڳو البرٽ آئنسٽائين ئي آهي جنهن جي ڪم ۾ نيوٽن جهڙي خوبصورتي جا پاڇولا نظر اچن ٿا.[2]
نيوٽن پنهنجي لئباريٽريءَ ۾ سج منڊل (Solar System) جو هڪ ميڪنيڪل ماڊل (Mechanical Model) تيار ڪيو. اهو ماڊل هڪ ليور کي حرڪت ڏيڻ سان متحرڪ ٿي ويندو هو ۽ سمورا گرهه سج جي چوڌاري گردش ڪرڻ لڳندا هئا. ھن جي ماء جو نالو ھانا ايسڪف (Hannah Ayscough) ھو. ھي پنھنجي والد جي وفات کان پوءِ پيدا ٿيو. ھن جي پيء جو نالو آئزڪ نيوٽن ھو ۽ ساڳيو نالو ھن تي رکيو ويو.[3] جڏھن ٽن سالن جو ھو تہ ھن جي ماء ٻي شادي ڪري نئين مڙس سان رھڻ شروع ڪيو ۽ نيوٽن پنھنجي نانيء جي حوالي ٿيو. ٻي شادي ڪرڻ جي ڪري ھي ماء کي پسند نہ ڪندو ھو نہ ئي وري ھن جي ويڳي پيءُ سان انسيت ٿي سگھي.[4] سندس ماءُ کي ٻئي مڙس مان ٽي ٻار ٿيا.[5] ننڍپڻ ۾ ڏاڍو ذھين ٻار ھيو پر اسڪول ۾ ھن کي دلچسپي ڪانہ ھئي. سال 1659ع ۾ جڏھن نوجوان ھو تہ ھن جي ماء کيس اسڪول مان اھو سوچي ڪڍرائي ڇڏيو تہ شايد ھڪ سٺو ھاري بڻجي سگھي پر پوء ڏٺائين تہ ھن جي دلچسپي جا سامان ڪجهه ٻيا آھن. ارڙھن سالن جي عمر ۾ ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ داخل ٿيو جتي ھن سائنس ۽ رياضي ۾ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو، ۽ جلد ئي پاڻ چڱي ڀلي تحقيق جي قابل ٿي ويو. 25 کان 27 سالن جي عمر ۾ ھن سائنس جي بنيادن کي لوڏائي ڇڏيو.[6] ھي پنھنجي تحقيق ۾ بنيادي نظرين کي 1669ع تائين واضح ڪري چُڪو هو پر ان جا ڪافي نظريا بعد ۾ منظر عام تي آيا. ھن جا شروع وارا نظريا روشني جي باري ۾ ھئا. ھن تجربن ذريعي ثابت ڪيو تہ روشني انڊلٺي رنگن جو مڪسچر آھي.[7]
ماڻهو فطرت جو اهو حصو آهي جنهن جي ذريعي فطرت پنهنجو پاڻ سوچي ٿي. بيشڪ سوچ ۽ سمجھ وسيلي ئي ڪنھن بہ شيء کي تبديل ڪري سگهجي ٿو. انهي سوچ جي پُرتجسس سفر ۾ ڪجهه انسان اهڙا بہ شامل آهن جن جي بدولت سموري انسان ذات هڪ دور کان ڇلانگ ڏئي ٻئي دور ۾ بہ داخل ٿي آهي. آئزڪ نيوٽن بہ انهن ئي چند عظيم دماغن مان هڪ آهي جن سموري انسان ذات جي فطرت متعلق سوچ جي ڪاياپلٽ ڪئي. نيوٽن جو تعلق جنھن دور سان آهي ان کي روشن خياليءَ وارو زمانو سڏيو ويندو آهي ۽ واقعي بہ ڏٺو وڃي تہ نيوٽن پنھنجي ڪارنامن جي ڪري انهي روشن خيالي جو آسمان رهيو آهي. جنھن سال ۾ سائنس جي بزرگ گيلیليو جو موت ٿيو اُن ئي سال ۾ ڪرسمس واري ڏينهن تي نيوٽن جو جنم انگلينڊ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ وولس ٿورپ ۾ ستڙيي (وقت کان اڳ ڄاول) ڪمزور ٻار طور ٿيو جنهن جي باري ۾ خيال ڪيو ويو تہ شايد بچي نہ سگهي. انگلينڊ ۾ 1640ع وارو ڏهاڪو تمام خطرناڪ گهرو ويڙھ ۽ پليگ جھڙي موتمار بيماري جو رهيو. ڪافي ماڻهن جو خيال هيو تہ بس هاڻي قيامت ويجهي آهي ۽ انسان ذات جو خاتمو ٿي ويندو. سندس جنم کان 3 مھينا پھريان سندس والد (جنھن جو نالو بہ آئزڪ نيوٽن هيو) جو انتقال ٿي ويو، تنھنڪري سندس ماءُ ڪجهه سالن کانپوءِ ٻي شادي ڪري ڇڏي، جنھن جا نيوٽن جي زندگي تي تمام گھرا اثر رهيا مثال طور اڪيلائپ، پيءُ جي پيار کان محرومي وغيره. شروعاتي تعليم ڪنگز ڪاليج مان پرائڻ بعد سندس ماءُ غربت سبب کيس واپس پنهنجي ڳوٺ مال جو واڙو سنڀالڻ لاءِ گهرائي ورتو. سندس پُرتجسس دماغ جو اندازو سندس ٻاروتڻ وارين حرڪتن مان لڳائي سگهجي ٿو، مثال طور هڪ دفعي طوفان تمام تيز هيو ۽ ميڊم هانا (نيوٽن جي ماءُ) مال جي وٿاڻ بابت شديد پريشاني ۾ سوچي رهي هئي تہ الائي وٿاڻ جا در ۽ دريون هوا ۾ ڀڄي نہ پيا هجن. انهي پريشاني کي حل ڪرڻ لاءِ ميڊم، نيوٽن کي وٿاڻ طرف موڪليو تہ جيئن هو پرگهور لھي اچي. ڪافي دير گذرڻ باوجود بہ جڏهن نيوٽن واپس نہ آيو تہ ميڊم پاڻ وڃي وٿاڻ پهتي. ننڍڙو وٿاڻ جا در ۽ دريون چڪاسڻ بجاءِ، ٻاهر ٺھيل ڪاٺ جي چبوترن مٿان ٽپ ڏئي تيز هوا جو پريشر چيڪ ڪرڻ ۾ مصروف هيو! ننڍي لاءِ نيوٽن وقت ڏسڻ لاءِ پنھنجي ڪمري جي ڀت تي هڪ شمسي گهڙيال ۽ هوا تي هلندڙ چڪي ٺاهي. سندس ماءُ کي جنهن مھل پڪ ٿي وئي تہ نيوٽن سندس مال وارو واڙو نہ سنڀالي سگهندو تہ هُن کيس ڪئمبريج يونيورسٽي جي ٽرنٽي ڪاليج ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪلي ڇڏيو. غربت سبب پھريان ڪجهه سال نيوٽن ڪاليج جي هاسٽل تي ٻين شاگردن جي ڪمرن جي صفائي سٿرائي وارو ڪم ڪري ڪجهه پئسا ڪمائيندو هيو، جيسيتائين کيس اسڪالرشپ ملي. سندس پڙهائي واري دور ۾ فطرت متعلق ارسطو جا ٻہ هزار سال پراڻا نظريا پڙهايا ويندا هيا ڇاڪاڻ تہ اهي ڪليسائيت جي لاءِ گهڻا نقصانڪار نہ هيا مثال طور ارسطو موجب ڪو بال يا هنداڻو هوا ۾ اڇلائڻ کان پوءِ واپس ڌرتي تي ان ڪري ٿو ڪري ڇاڪاڻ تہ هنداڻي يا بال ۾ هيٺ ڪرڻ جي صلاحيت (ڪشش) موجود آهي. دونھون يا ٻاڦ ۽ ڪڪر آسمان طرف ان ڪري ٿا وڃن ڇاڪاڻ تہ انهن ۾ مٿي وڃڻ جي صلاحيت (ليوٽي) موجود آهي. نيوٽن ان قسم جي نصاب مان مطمئن نہ هيو تنھنڪري هن پنهنجي لاءِ سوالن جي الڳ فھرست تيار ڪئي جنھن کي هُو 'پُختا فلسفياڻا سوال' چوندو هيو، جن ۾ ڪشش، روشني، حرارت، حرڪت، مقناطيسيت، سيارن ۽ ستارن متعلق 45 اهم سوال شامل هيا. نيوٽن جو چوڻ هيو تہ هڪ صحيح سوال ڪنھن بہ مسئلي جو اڌ جواب هوندو آهي. سندس انهي تجسس کيس گيلیليو، ديڪارت، ڪوپرنيڪس ۽ ڪيپلر کي پڙهڻ ۽ انهن جي سوالن ۽ نتيجن تي پنھنجا سوال اٿارڻ لاءِ مجبور ڪيو. نيوٽن کان اڳ وارا سائنسدان گرهن جي گردش متعلق ڪافي ڳالهيون ٻڌائي ويا هيا پر انهن ۾ بنيادي سوالن جا جواب شامل نہ هيا مثال طور گرھ سج جي چوڌاري چڪر ڪيئن ٿا لڳائن ۽ ڇو ٿا لڳائن؟ اها ڪھڙي قوت آهي جيڪا خلائي جسمن کي مٿي خلا ۾ ئي رکيو ويٺي آهي؟ وغيره. تنھن دور ۾ يورپ ۾ ڪليسا جي بالادستي سبب نيوٽن اهو چئي اڳتي وڌيو تہ خُدا هي ڪائنات ٺاهي آھي، اچو تہ پاڻ ان جا قانون ڳوليون. نيوٽن انهن سوالن جا جواب ڳولڻ جي ڪوشش شروع ڪئي تہ کيس تنھن دور جي رائج رياضيء جون کوٽون نظر آيون، جنھن سبب ڪا خاطر خواه پيش رفت ممڪن نہ هئي. ان ڏس ۾ هُن 'ڪيلڪيولس' ايجاد ڪيو ۽ ان جديد رياضياتي ايجاد جي بدولت شمسي نظام ۾ موجود گرهن جي مدار ۽ محور کي دريافت ڪيو ۽ اهو واضح ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو تہ اها ڪائناتي ڪشش ثقل آهي جيڪا خلائي جسمن کي پنهنجن پنهنجن مدارن ۾ رکيو ويٺي آهي. نيوٽن واري زماني تائين اهو سمجهيو ويندو هيو تہ اڇو رنگ پاڪ، نج ۽ خُدا جي نشاني آهي. نيوٽن ان ڏس ۾ روشني تي تجربا ڪيا ۽ اهو ثابت ڪيو تہ اڇو رنگ نج ناهي پر مختلف رنگن جو ميلاپ آهي. سندس مشهور زمانہ اسپيڪٽرم تجربي بدولت اڄ جي سائنس ان قابل آهي تہ اها ڏورانھن سيارن ۽ ستارن جي ساخت بابت پُختي ڄاڻ مھيا ڪري سگهي. نيوٽن واري دور ۾ ٽيليسڪوپ جو ڍانچو وڏو ۽ ٻن وڏن لينسز تي مشتمل هوندو هيو جنھن سبب تصوير ڌنڌلي نظر ايندي هئي. نيوٽن پنھنجي روشني تي ڪيل تجربن جي آڌار تي پنھنجي لاءِ هڪ ننڍڙي ٽيليسڪوپ ٺاهي جنھن ۾ هن هڪ ننڍي لينس ۽ هڪ آئيني جو استعمال ڪيو. سندس ان ايجاد کيس برطانيا جي رائل سوسائٽي ۽ سڄي يورپ ۾ مشھور ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ تنھن وقت سامونڊي سفر لاءِ سٺي ٽيليسڪوپ جو هجڻ نھايت ئي ضروري هيو ۽ اهو ڪارنامو نيوٽن ڪري ڏيکاريو. رائل سوسائٽي جي طاقتور ماڻهو رابرٽ هُڪ سان تلخيء سبب نيوٽن رائل سوسائٽي کان پري ٿي ويو ۽ لاڳيتا ٻارهن سال پنهنجي گهر ۾ گذاريو جتي هن الڪيمي (Alchemy) ۾ مختلف تجربا شروع ڪيا. سندس مڃڻ هيو تہ ڪائنات ۾ هڪ اهڙي قوت ضرور آهي جيڪا هر ذري ۾ موجود آهي، جيڪا شين جي زندگي ۽ موت جو تعين ڪري ٿي، لوه کي سون ڪري ٿي ۽ پنهنجو پاڻ کي هر حال ۾ محفوظ رکي ٿي (نيوٽن تنھن دور ۾ انهي قانون جي ڀرسان اچي پهتو جيڪو 200 سال پوءِ آئنسٽائن دريافت ڪيو (E = mc2).
بيشڪ سندس محنت جنھن شعبي 'الڪيمي' ۾ هئي اهو شعبو ڪا سائنس نہ هئي پر پراڻين ڏندڪٿائن تي مشتمل هڪ عقيدو هيو، تنھن جي باُوجود بہ نيوٽن ان عقيدي کي سائنسي اصولن موجب پروڙيو ۽ ان سان سچو رهيو. هڪ دفعي سندس هڪ دوست ايسٽرانامر ايڊمنڊ هيلي هن وٽ آيو ۽ هن کي همٿايائين تہ پنھنجون دريافتون ڪتابي شڪل ۾ ڇپرائي. نيوٽن ان ڳالھ تي راضي ٿيو ۽ 1687ع ۾ سندس ڪتاب "پرنسيپيا" (Principia) ڇپيو جنھن کي اڄ بہ سائنسي دنيا جو سڀ کان وڏو شاهڪار تصور ڪيو ٿو وڃي. سندس ڪتاب ۾ ڪيلڪيولس جي مدد سان سندس جڳ مشھور 3 حرڪت جا قانون (Laws of Motion)، ڪائناتي ڪشش ثقل جو قانون ۽ ٻيا کوڙ فطرتي مشاهدا بيان ڪيا ويا جيڪي اڄ جي جديد سائنس جو بُڻ بڻياد آهن. سندس دريافت ڪيل قانونن جي بدولت ئي صنعتي انقلاب ممڪن ٿي سگهيو. سائنس جي دنيا ۾ سندس عزت صرف دريافتن ۽ ايجادن جي ڪري نہ آهي پر ان سان گڏ سائنسي طريقيڪار ۾ نواڻ آڻڻ بہ تمام وڏي اهميت جوڳي ڳالھ آهي.
نيوٽن پنهنجي طبعيت ۾ تمام اناپرست، لڪل، ساڙولو انسان هيو، جيڪو پنهنجي پاڻ کان سواءِ ڪنهن تي بہ يقين نہ ڪندو هيو. رائل سوسائٽي جو ڊائريڪٽر ٿيڻ شرط هن پنهنجي پراڻي دشمن رابرٽ هُڪ جي تصوير لاهي باه ۾ ساڙي ڇڏي. پنھنجي اٿاھ قابليتن جي ڪري انگلينڊ ۾ ڪيٿولڪ چرچ جي بالاداستيء هوندي بہ پروٽسٽنٽ نيوٽن کي انگلينڊ جي بادشاه پنهنجي ڪابينا ۾ جڳھ ڏني. نيوٽن هڪ سال لاءِ برطانوي پارليامينٽ جو حصو رهيو جتي سڄي سال ۾ هُن صرف هڪ جملو ڳالهائيندي ڀرسان ويٺل ميمبر کي چيو؛
"مهرباني ڪري دري بند ڪيو، ٻاهر ڏاڍو سيءُ آهي."
نيوٽن جن ڪارنامن جي ڪري سڄي دنيا ۾ اڄ سڃاتو وڃي ٿو. اهي سڀ هن 26 سالن جي ننڍي عمر تائين سرانجام ڏنا. سندس سائنسي طريقيڪار ۽ منطق کي والٽيئر ۽ ايڊم سمٿ سماجي سائنس طور يورپ ۾ لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ خاطرخواھ ڪاميابي سان يورپ جي سوچ تي اثر انداز ٿيا. نيوٽن پنھنجو پاڻ کي ڄاڻ واري سمنڊ ڪناري بيٺل ٻار سان مشابھت ڏيندو هيو، جنھن جي تلاش هُئي خوبصورت پٿر ۽ سھڻيون سپيون. کانئس ڪنھن ماڻهو سوال ڪيو تہ توهان ايڏا هوشيار آهيو، ان جو بنيادي سبب ڇا آهي؟ سندس جواب هيو، "ڇاڪاڻ تہ مان پاڻ کان اڳ وارن ديوقامت عظيم انسانن جي ڪلهن تي چڙهي هن ڪائنات کي ڏسان پيو تنھنڪري ئي منھنجي نظر پري تائين آهي." هُن جو پُرتجسس دماغ سوال ڪرڻ جي بي انتھا قابليت رکندو هيو ۽ هُن جو ضمير هميشہ کيس سوالن جا جواب ڳولڻ لاءِ بيچين ۽ ٿرٿلي ۾ رکندو هيو ۽ انسان ذات جي فطرت متعلق پڪي ڄاڻ تي يقين نہ رکندو هيو جيسيتائين پاڻ ڪنھن نتيجي تي نہ پچچي. مشھور جرمن فلسفي فريڊرڪ نٽشي چواڻي، "سچ جو وڏو دشمن ڪُوڙ نہ پر پَڪ آهي." جيڪڏهن پنهنجي اڄ واري سماج تي نظر وجهجي تہ اندازو ٿيندو تہ اسان جو سماج, سماجي ۽ فطري سائنس جي ميدان ۾ 18هين صدي جي يورپ کان بہ پوئتي بيٺو آهي! ڏٺو وڃي تہ نيوٽن فطرت متعلق تمام عام ۽ بنيادي سوال ڪيا ڇو تہ هن پنهنجي وُجود کي پنهنجي آس پاس کان واقف رکڻ پئي چاهيو تنھنڪري هن پراسرار ڪائنات جي تلاءُ ۾ هڪ پٿر اڇلايو. لھرون تمام وڏيون ٿيون جو اڄ تائين اسان انهن جي دائري ۾ ئي جيئون پيا.
اضافو:- اصغر ساگر مضمون:-شاھ جبار
وڌيڪ ڏسو
[سنواريو]
Sir Isaac Newton (4 January [قديم تاريخ 25 December] 1643 – 31 March [قديم تاريخ 20 March] 1727) was
1643
نيوٽن (4 جنوري - 31 مارچ 1727) هڪ انگريزي پولي ميٿ ,هڪ رياضي دان، فزڪسسٽ، فلڪيات دان، ڪيميا دان، عالم ۽ ليکڪ جي حيثيت سان سرگرم هو. نيوٽن سائنسي انقلاب ۽ ان کان پوءِ روشن خيالي جي د (renaissance) ۾ هڪ اهم شخصيت هو. سندس ڪتاب Philosophiæ Naturalis Principia Mathematica (قدرتي فلسفي جا رياضي جا اصول)، پهريون ڀيرو 1687 ۾ شايع ٿيو. ان فزڪس ۾ پهريون عظيم اتحاد (متحد) حاصل ڪيو ۽ ڪلاسيڪل ميڪينڪس قائم ڪيو. نيوٽن آپٽڪس ۾ پڻ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. ۽ جرمن رياضي دان گوٽفريڊ ولهيلم ليبنز سان گڏ لامحدود (تمام ننڍو، صفر جي ويجهو) ڪيلڪولس ٺاهڻ جو ڪريڊٽ شيئر ڪري ٿو. جيتوڻيڪ هن ليبنز کان سال اڳ ڪيلڪولس تيار ڪيو. نيوٽن سائنسي طريقو ۾ حصو ورتو ۽ ان کي بهتر بڻايو. ۽ سندس ڪم کي جديد سائنس کي اڳتي آڻڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ اثرائتو سمجهيو ويندو آهي.
* پرنسپيا ۾، نيوٽن حرڪت ۽ عالمگير ڪشش ثقل جا قانون ٺاهيا. جيڪو صدين تائين غالب سائنسي نقطه نظر قائم ڪيو. جيستائين ان کي نظريي جي اضافيت سان ختم نه ڪيو ويو. هن ڪيپلر جي گرهن جي حرڪت جي قانونن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪشش ثقل جي پنهنجي رياضياتي وضاحت استعمال ڪئي. لهرن جو حساب. ڪاميٽ جي رفتار (رستي). مساوات ۽ ٻين رجحانن جي اڳڀرائي. شمسي نظام جي هيليو سينٽريٽي (سج کي نظام جي مرڪز طور) بابت شڪ کي ختم ڪرڻ. نيوٽن ٻن جسمن جي مسئلي کي حل ڪيو. ۽ ٽن جسمن جي مسئلي کي متعارف ڪرايو. هن اهو ظاهر ڪيو ته زمين ۽ آسماني جسمن تي شين جي حرڪت ساڳئي اصولن سان حساب ڪري سگهجي ٿي.
an English polymath active as a mathematician, physicist, astronomer, alchemist, theologian, and author.[11] Newton was a key figure in the Scientific Revolution and the Enlightenment that followed.[12] His book Philosophiæ Naturalis Principia Mathematica (Mathematical Principles of Natural Philosophy), first published in 1687, achieved the first great unification in physics and established classical mechanics.[13][14] Newton also made seminal contributions to optics, and shares credit with German mathematician Gottfried Wilhelm Leibniz for formulating infinitesimal calculus, though he developed calculus years before Leibniz. Newton contributed to and refined the scientific method, and his work is considered the most influential in bringing forth modern science.
In the Principia, Newton formulated the laws of motion and universal gravitation that formed the dominant scientific viewpoint for centuries until it was superseded by the theory of relativity. He used his mathematical description of gravity to derive Kepler's laws of planetary motion, account for tides, the trajectories of comets, the precession of the equinoxes and other phenomena, eradicating doubt about the Solar System's heliocentricity.[15] Newton solved the two-body problem, and introduced the three-body problem. He demonstrated that the motion of objects on Earth and celestial bodies could be accounted for by the same principles. Newton's inference that the Earth is an oblate spheroid was later confirmed by the geodetic measurements of Alexis Clairaut, Charles Marie de La Condamine, and others, convincing most European scientists of the superiority of Newtonian mechanics over earlier systems. He was also the first to calculate the age of Earth by experiment, and described a precursor to the modern wind tunnel.
Newton built the first reflecting telescope and developed a sophisticated theory of colour based on the observation that a prism separates white light into the colours of the visible spectrum. His work on light was collected in his book Opticks, published in 1704. He originated prisms as beam expanders and multiple-prism arrays, which would later become integral to the development of tunable lasers. He also anticipated wave–particle duality and was the first to theorize the Goos–Hänchen effect. He further formulated an empirical law of cooling, which was the first heat transfer formulation and serves as the formal basis of convective heat transfer,[16] made the first theoretical calculation of the speed of sound, and introduced the notions of a Newtonian fluid and a black body. He was also the first to explain the Magnus effect. Furthermore, he made early studies into electricity. In addition to his creation of calculus, Newton's work on mathematics was extensive. He generalized the binomial theorem to any real number, introduced the Puiseux series, was the first to state Bézout's theorem, classified most of the cubic plane curves, contributed to the study of Cremona transformations, developed a method for approximating the roots of a function, and also originated the Newton–Cotes formulas for numerical integration. He further initiated the field of calculus of variations, devised an early form of regression analysis, and was a pioneer of vector analysis.
Newton was a fellow of Trinity College and the second Lucasian Professor of Mathematics at the University of Cambridge; he was appointed at the age of 26. He was a devout but unorthodox Christian who privately rejected the doctrine of the Trinity. He refused to take holy orders in the Church of England, unlike most members of the Cambridge faculty of the day. Beyond his work on the mathematical sciences, Newton dedicated much of his time to the study of alchemy and biblical chronology, but most of his work in those areas remained unpublished until long after his death. Politically and personally tied to the Whig party, Newton served two brief terms as Member of Parliament for the University of Cambridge, in 1689–1690 and 1701–1702. He was knighted by Queen Anne in 1705 and spent the last three decades of his life in London, serving as Warden (1696–1699) and Master (1699–1727) of the Royal Mint, in which he increased the accuracy and security of British coinage, as well as the president of the Royal Society (1703–1727).
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| آئزڪ نيوٽن بابت وڌيڪ ڏسو وڪيپيڊيا جي ڀينر رٿائن ۾: | |
| تصويرون ۽ وڊيو ڏسو وڪي ڪامنز تي | |
| تربيتي مواد ڏسو وڪي ورسٽي تي | |
| چَوِڻيون Quotations وڪي ڪوٽ تان | |
| سورس ٽيڪسٽس وڪي سورس تان | |
| درسي ڪتاب وڪي ڪتاب تان | |
- ScienceWorld biography by Eric Weisstein
- Dictionary of Scientific Biography
- "The Newton Project"
- "The Newton Project – Canada"
- "Newton's Dark Secrets" – NOVA TV programme
- from The Stanford Encyclopedia of Philosophy:
- "Isaac Newton", by George Smith
- "Newton's Philosophiae Naturalis Principia Mathematica", by George Smith
- "Newton's Philosophy", by Andrew Janiak
- "Newton's views on space, time, and motion", by Robert Rynasiewicz
- "Newton's Castle" – educational material
- "The Chymistry of Isaac Newton", research on his alchemical writings
- The "General Scholium" to Newton's Principia آرڪائيو ڪيا ويا 2003-05-13 at Archive.is
- Kandaswamy, Anand M. "The Newton/Leibniz Conflict in Context"
- Newton's First ODE آرڪائيو ڪيا ويا 2007-07-05 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. – A study by on how Newton approximated the solutions of a first-order ODE using infinite series
- "The Mind of Isaac Newton" آرڪائيو ڪيا ويا 2006-12-13 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. – images, audio, animations and interactive segments
- Enlightening Science Videos on Newton's biography, optics, physics, reception, and on his views on science and religion
- Newton biography (University of St Andrews)
Chisholm, Hugh, وڪي نويس (1911), "Newton, Sir Isaac", Encyclopædia Britannica (11th ڇاپو), Cambridge University Press --> Chisholm, Hugh, ed. (1911). "Newton, Sir Isaac". Encyclopædia Britannica (11th ed.). Cambridge University Press.- The Linda Hall Library has digitized Two copies of John Marsham's (1676) Canon Chronicus Aegyptiacus آرڪائيو ڪيا ويا 2020-09-20 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., one of which was owned by Isaac Newton آرڪائيو ڪيا ويا 2020-10-13 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., who marked salient passages by dog-earing the pages so that the corners acted as arrows. The books can be compared side-by-side to show what interested Newton.
نيوٽن جون لکڻيون
- Newton's works – full texts, at the Newton Project
- The Newton Manuscripts at the National Library of Israel – the collection of all his religious writings
- "Newton's Principia" آرڪائيو ڪيا ويا 2009-08-10 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. – read and search
- Descartes, Space, and Body and A New Theory of Light and Colour, modernised readable versions by Jonathan Bennett
- Opticks, or a Treatise of the Reflections, Refractions, Inflexions and Colours of Light, full text on archive.org
- "Newton Papers" – Cambridge Digital Library
- (1686) "A letter of Mr. Isaac Newton... containing his new theory about light and colors" آرڪائيو ڪيا ويا 2020-10-09 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., Philosophical Transactions of the Royal Society, Vol. XVI, No. 179, pp. 3057–3087. – digital facsimile at the Linda Hall Library
- (1704) Opticks آرڪائيو ڪيا ويا 2020-10-16 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. – digital facsimile at the Linda Hall Library
- (1719) Optice آرڪائيو ڪيا ويا 2020-09-08 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. – digital facsimile at the Linda Hall Library
- (1729) Lectiones opticae آرڪائيو ڪيا ويا 2020-10-27 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. – digital facsimile at the Linda Hall Library
- (1749) Optices libri tres آرڪائيو ڪيا ويا 2020-09-16 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. – digital facsimile at the Linda Hall Library
حوالا
[سنواريو]- 1 2 "Fellows of the Royal Society", London: Royal Society, اصل کان 16 March 2015 تي آرڪائيو ٿيل۔
- 1 2 تخليق خالق کانسواءِ، ليکڪ عمر عطيلا ايرگي، سنڌيڪار مظفر بخاري آرڪائيو ڪيا ويا 2017-09-12 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. سنڌ سلامت ڪتاب گھر
- ↑ Storr, Anthony (December 1985). "Isaac Newton". British Medical Journal (Clinical Research Edition) (BMJ) 291 (6511): 1779. doi:.
- ↑ Keynes, Milo (20 September 2008). "Balancing Newton's Mind: His Singular Behaviour and His Madness of 1692–93". Notes and Records of the Royal Society of London 62 (3): 293. doi:.
- ↑ Westfall 1980, p. 55
- ↑ {کتاب:سو عظیم آدمی؛ مصنف: مائیکل ھارٹ؛ پیج 31؛ تخلیقات پبلیشرز لاہور}
- ↑ {کتاب:سو عظیم آدمی؛ مصنف: مائیکل ھارٹ؛ پیج 31؛ تخلیقات پبلیشرز لاہور}
- ↑ Kevin C. Knox, Richard Noakes (eds.), From Newton to Hawking: A History of Cambridge University's Lucasian Professors of Mathematics, Cambridge University Press, 2003, p. 61.
- ↑ Feingold, Mordechai. Barrow, Isaac (1630–1677) آرڪائيو ڪيا ويا 29 January 2013 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., Oxford Dictionary of National Biography, Oxford University Press, September 2004; online edn, May 2007. Retrieved 24 February 2009; explained further in Feingold, Mordechai (1993). "Newton, Leibniz, and Barrow Too: An Attempt at a Reinterpretation". Isis 84 (2): 310–338. doi:. ISSN 0021-1753. Bibcode: 1993Isis...84..310F.
- ↑ "Dictionary of Scientific Biography", Notes, No. 4, اصل کان 25 February 2005 تي آرڪائيو ٿيل۔
- ↑ Alex, Berezow (4 February 2022), "Who was the smartest person in the world?", Big Think, اصل کان 28 September 2023 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 28 September 2023۔
- ↑ Matthews, Michael R. (2000) (en ۾). Time for Science Education: How Teaching the History and Philosophy of Pendulum Motion Can Contribute to Science Literacy. New York: Springer Science+Business Media, LLC. pp. 181. ISBN 978-0-306-45880-4. https://books.google.com/books?id=JrcqBgAAQBAJ&pg=PA181.
- ↑ Rynasiewicz, Robert A. (22 August 2011). "Newton's Views on Space, Time, and Motion". Stanford Encyclopedia of Philosophy (Stanford University). https://plato.stanford.edu/entries/newton-stm/. Retrieved 15 November 2024.
- ↑ Klaus Mainzer (2 December 2013). Symmetries of Nature: A Handbook for Philosophy of Nature and Science. Walter de Gruyter. p. 8. ISBN 978-3-11-088693-1. https://books.google.com/books?id=QekhAAAAQBAJ&pg=PA8.
- ↑ More, Louis Trenchard (1934). Isaac Newton: A Biography. Dover Publications. p. 327. https://archive.org/details/isaacnewtonbiogr0000loui/page/327.
- ↑ Cheng, K. C.; Fujii, T. (1998). "Isaac Newton and Heat Transfer". Heat Transfer Engineering 19 (4): 9–21. doi:. ISSN 0145-7632. http://www.tandfonline.com/doi/abs/10.1080/01457639808939932.
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- بهترين مضمون
- Wikipedia indefinitely semi-protected pages
- Use British English from October 2024
- صفحات جيڪي Infobox scientist کي نامعلوم پيرا ميٽر سان استعمال ڪن ٿا
- Articles containing Latin language text
- Wikipaedia airticles incorporatin a citation frae the 1911 Encyclopaedia Britannica wi Wikisource reference
- سان اي سي عنصر18
- VIAF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- ISNI سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- SELIBR سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BNF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BIBSYS سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- ULAN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- NLA سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- Wikipedia articles with faulty authority control identifiers (SBN)
- سائنسدان
- طبیعیات دان
- آئزڪ نيوٽن
- ڪلاسيڪل فزڪس
- نظرياتي سائنسدان
- سائنسدان جي فهرست
- طبيعيات دان جي فهرست
- 1642ع جون پيدائشون
- 1727ع جون وفاتون
- 17th-century English mathematicians
- 17th-century English writers
- 17th-century Latin-language writers
- 18th-century English mathematicians
- 18th-century English writers
- 18th-century Latin-language writers
- Alumni of Trinity College, Cambridge
- Antitrinitarians
- Apocalypticists
- Ballistics experts
- Burials at Westminster Abbey
- Color scientists
- Copernican Revolution
- English alchemists
- English Anglicans
- English astronomers
- English inventors
- English mathematicians
- English MPs 1689–90
- English MPs 1701–02
- English physicists
- Enlightenment scientists
- Experimental physicists
- Fellows of the Royal Society
- Fellows of Trinity College, Cambridge
- Hermeticists
- History of calculus
- Knights Bachelor
- Lucasian Professors of Mathematics
- Masters of the Mint
- Members of the Parliament of the United Kingdom for university constituencies
- Members of the pre-1707 Parliament of England for the University of Cambridge
- Natural philosophers
- Optical physicists
- People educated at The King's School, Grantham
- People from South Kesteven (district)
- Philosophers of science
- Post-Reformation Arian Christians
- Presidents of the Royal Society
- Scientific instrument makers
- Theoretical physicists
- Geometers
- 18th-century British scientists