ٿيلس
| ٿيلس آف مليٽس | |
|---|---|
| پيدائش | ت. 624 BC |
| وفات | ت. 546 BC (aged ت. 78) |
| عهد | سقراط کان اڳ واري فلاسافي |
| علائقو | مغربي فلسفو |
| مڪتبه فڪر | |
شعبه عمل | |
اهم نظريا |
|
متاثر شخصيتون | |
ٿيلس آف مليٽس ( Thales of Miletus)، مليٽس جو ٿيلس، ھڪ ماھر فلڪيات ھو 624 قبل مسيح ۾ ايشيا مائنر يعني موجوده ترڪيءَ ۾ يوناني نوآبادي ۾ پيدا ٿيو. کيس مغربي فلسفي جو باني سمجھيو ويندو آھي، پر ھي سائنس جي ابتدائي ترقيءَ جو محرڪ ھو. کيس پنھنجي زندگيءَ ۾ ئي رياضي، طبعيات ۽ فلڪيات جو عالم تسليم ڪيو ويو. ھي ھڪ سج گرهڻ جي پيشنگوئي جي ڪري مشھور ٿيو. ان پيشنگوئي سان موجوده ترڪيءَ ۾ موجود درياءَ ھيلائس جي ڪناري تي ميڊيا وارن ماڻهن ۽ لیڊيا جي ماڻهن جي وچ ۾ شروع ٿيڻ واري جنگ کي روڪي ڇڏيو ۽ انھن جي پندرهن سالن کان ھلندڙ دشمني ختم ٿي وئي. جنگ شروع ٿيڻ کان ٿورو اڳي ٿيلز اچي اعلان ڪيو تہ "ديوتا توھان جي جنگ تي ناراض آهن ۽ آھي ڪجهه دير ۾ سج کي غائب ڪري ڇڏيندا ۽ جيڪڏھن توھان جنگ کان توبہ نہ ڪئي تہ ھميشہ لاءِ اوندھ ٿي ويندي".

اھڙي طرح سج گرهڻ جي ڪري کين يقين ٿي ويو ۽ جنگ ٽري وئي. سئو سال بعد ھيروڊوٽس ان واقعي کي قلمبند ڪيو. ھن 546 ق.م. ۾ وفات ڪئي.[1] ھي مشھور ست يوناني ڏاھن مان ھو. ارسطو کيس يونان جو پھريون فلاسافر سمجھندو ھو.[2][3] ھي پھريون شخص ھيو جنھن دنيا ۽ ڪائنات کي سمجھڻ جي ڏندڪٿائي طريقي جي بدران نظرئي يا مفروضي يا ٻين لفظن ۾ سائنسي طريقي سان سمجھڻ جي شروعات ڪئي. رياضي ۾ ھن پھريون دفعو اھرامن جي اوچائي ۽ پاڻيءَ جي جھازن جي سمنڊ ۾ دوري ماپڻ لاءِ جاميٽري جو استعمال ڪيو.[4]
زندگي
[سنواريو]خيال آهي ته ٿيلس شايد مليٽس ۾ 620 قبل مسيح ۾ ڄائو ھوندو.

اٿينز جي قديم ليکڪ اپالوڊورس جي خيال مطابق ٿيلس 625 ق م ۾ ڄائو.[5] [6].[5].[7] قديم يوناني ليکڪن ھن جي وڏن جي نسبت فونيشين سان پڻ ڳنڍي آهي."[8][9][10]
ٿيلس ٿيوريم
[سنواريو]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب:سائنس اور سائنسدان؛ ليکڪ:ايڊم ھارٽ،ڊيوس جان فرينڊن٬ ڊين گرين؛ ايڊيشن:،2018؛ تخليقات پبلشرز،لاھور
- ↑ Aristotle, Metaphysics Alpha, 983b18.
- ↑ سانچو:Cite DGRBM
- ↑ (Boyer 1991, "Ionia and the Pythagoreans" p. 43)
- 1 2 Cohen, Mark S.; Curd, Patricia; Reeve, C. D. C. (2011). Readings in Ancient Greek Philosophy (Fourth Edition): From Thales to Aristotle. Indianapolis, Indiana: Hackett Publishing. ص. 10. ISBN 1603846077.
{{cite book}}: Invalid|ref=harv(مدد) - ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs named "books.google.com". - ↑ Freely, John (2012). The Flame of Miletus: The Birth of Science in Ancient Greece (And How It Changed the World). London, England: I. B. Tauris & Co. Ltd. ص. 7. ISBN 978-1-78076-051-3. 1 October 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Lawson, Russell M. (2004). Science in the Ancient World: An Encyclopedia. Santa Barbara, California, Denver Colorado, and Oxford, England: ABC CLIO. ص. 234–235. ISBN 1-85109-534-9.
- ↑ Diogenes Laertius. "Lives of Eminent Philosophers".
- ↑ Nietzsche, Friedrich. "The Pre-Platonic Philosophers".