مواد ڏانھن هلو

بازنطيني سلطنت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بازنطيني سلطنت
Byzantine Empire

330–1453
Location of بازنطيني سلطنت
گادي جو هنڌ قسطنطنيه، (موجوده فتيح ضلعو، استنبول، ترڪي)
تسلیم ٿيل قومي ٻولي لاطيني ٻولي * يوناني ٻولي
مذهب عيسائيت (رومن آرٿوڊوڪس چرچ، سرڪاري مذهب)
مقامي آبادي * بازنطيني
  • رومي
  • مشرقي رومي
حڪومت مطلق العنانيت

بازنطيني سلطنت (ByzantineEmpire)، جن کي مشرقي رومي سلطنت پڻ سڏيو ويندو آهي، رومي سلطنت جو تسلسل هو، جن جي گادي، قديم ۽ وچين دور جي آخر ۾ قسطنطنيه هو. 5 صدي عيسوي ۾ اولهائين رومي سلطنت جي زوال جو سبب بڻجندڙ واقعن کان بچي وڃڻ کان پوءِ، اها 1453ع ۾ قسطنطنيه جي عثماني سلطنت جي سلطان محمد فاتح جي هٿ فتح تائين برقرار رهي. "بازنطيني سلطنت" جي اصطلاح صرف ان جي خاتمي کان پوءِ ٺاهي وئي. ان جا شهري "رومن سلطنت" جي اصطلاح استعمال ڪندا ھئا ۽ پاڻ کي "رومن" سڏائيندا هئا. قرآن ۾ جن رومي سلطنت جو ذڪر آيو آهي، اها ساڳي مشرقي رومي سلطنت ئي هئي.

رومن سلطنت جي شروعاتي صدين دوران، اولهه صوبن کي لاطيني بڻايو ويو، پر اوڀر وارن حصن پنهنجي يوناني ڪلچر کي برقرار رکيو. قسطنطين پھريون (دور: 324-337ع) عيسائيت کي قانوني حيثيت ڏنو ۽ گاديءَ جو هنڌ قسطنطنيه منتقل ڪيو. ٿيوڊوسيس پھريون(دور:379-395ع) عيسائيت کي رياستي مذهب بڻايو ۽ يوناني ٻولي جي جاء تي آهستي آهستي لاطيني ٻولي کي سرڪاري استعمال لاءِ تبديل ڪيو. سلطنت هڪ دفاعي حڪمت عملي اختيار ڪئي ۽ پنهنجي باقي تاريخ ۾، زوال ۽ عروج جي بار بار ٿيندڙ چڪرن جو تجربو ڪيو.

اهو جسٽينين پهريون (دور: 527-565ع) جي دور ۾ پنهنجي وڏي حد تائين پهتي، جنهن مختصر طور تي اٽلي ۽ اولهه رومي ڀونوچ سمنڊ جي ساحل جو گهڻو حصو ٻيهر فتح ڪيو. سال 541ع جي آس پاس طاعون جي وبا ڦھلڻ شروع ٿي ۽ فارس سان هڪ تباهي واري جنگ سلطنت جي وسيلن کي ختم ڪري ڇڏيو. خلافت راشده جي دور ۾ مسلمانن جي فتحن جي ڪري سلطنت جا امير ترين صوبا؛ مصر ۽ سرزمين شام، هٿ سان نڪري ويا. اموي خلافت جي دور ۾، 698ع ۾، مسلمانن جي فتح سان، آفريڪا هٿ سان نڪري ويو، پر سلطنت ايسورين خاندان جي هٿان مستحڪم ٿي. اهو مقدوني خاندان جي هٿان هڪ ڀيري ٻيهر وسيع ٿي، جنهن ۾ ٻه صديون ڊگهي نشاۃِ ثانيه جو تجربو ٿيو. ان کان پوءِ، خانہ جنگي ۽ سلجوقي حملي جي دورن جي نتيجي ۾ ايشيا ڪوچڪ (اناطوليا) جو گهڻو حصو ختم ٿي ويو. سلطنت ڪومنين جي بحالي دوران بحال ٿي ۽ قسطنطنيه 13 صدي تائين يورپ جو سڀ کان وڏو ۽ امير ترين شهر رهيو. چوٿين صليبي جنگ دوران قسطنطنيه جي تباهي کان پوءِ، 1204ع ۾ سلطنت کي وڏي پيماني تي ختم ڪيو ويو؛ ان جا اڳوڻا علائقا پوءِ مقابلي ڪندڙ يوناني رمپ رياستن ۽ لاطيني رياستن ۾ ورهائجي ويا. سال 1261ع ۾ قسطنطنيه جي آخرڪار بحالي جي باوجود، ٻيهر قائم ٿيل سلطنت پنهنجي آخري ٻن صدين دوران صرف علائقائي طاقت استعمال ڪئي. ان جا باقي علائقا 14 هين ۽ 15 هين صدي ۾ وڙهيل جنگين جي هڪ سلسلي ۾ عثمانين پاران بتدريج ملائي ويا. 1453 ۾ قسطنطنيه جي عثمانين هٿان زوال سلطنت جو خاتمو آندو، پر ان جي تاريخ ۽ ورثو اڄ تائين مطالعي ۽ بحث جو موضوع بڻيل آهن.

تفصيل

[سنواريو]
بازنطيني ايمپائر

بازنطيني سلطنت (Byzantine Empire ):-اوڀر- روم ۾ هڪ مشهور سلطنت، جنهن جي گاديءَ جي هنڌ جو نالو ”بازنطيم“ (Byzantium) هو.[5] -ان- ڪري هي سلطنت بازنطيني مشهور ٿي. چوٿين صدي عيسويءَ ۾ جڏهن عظيم رومي سلطنت ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. هڪ حصو اولهه روم واري سلطنت ۽ ٻيو حصو -اوڀر- روم واري سلطنت سڏيو ويو، جيڪا بعد ۾ بازنطيني سلطنت سڏي وئي، اولهه روم واري سلطنت اڳتي هلي وري ڪيترين ننڍين بادشاهتن ۾ ورهائجي وئي، پر -اوڀر- روم واري يعني بازنطيني سلطنت ڪيترين صدين تائين قائم رهي. سن 330ع ۾ رومي شهنشاهه ڪانسٽنٽائين (Constantine) بازنطيم جو نالو بدلائي پنهنجي نالي سان -ان- تي قسطنطنيا (Contantonople) رکي ڇڏيو، جنهن جي معنيٰ ”ڪانسٽنٽائين جو شهر“ آهي. -ان- کانپوءِ انهيءَ شهر کي پنهنجي سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ بڻائي ڇڏيائين، پر سن 1930ع ۾ -ترڪ- حڪومت، هن شهر جو نالو تبديل ڪري ”-استنبول-“ (Istanbul) رکي ڇڏيو. بازنطيني سلطنت ۾ جيڪي ملڪ شامل هئا، -تن- ۾ -ايشيا- مائنر، مصر، ٿريشيا ۽ يونان جا ڪجهه حصا اچي ٿي ويا. سن 395ع ۾ هيءَ سلطنت به ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، 500ع ۾ بلقان جي سلاوي قبيلن ۽ جرمنيءَ جي ونڊال قومن بازنطينين کي شڪست ڏيڻ لاءِ ڪيئي حملا ڪيا. شهنشاهه جسٽينن اقتدار سنڀاليو ته -ان- سان گڏ بازنطيني سلطنت وري عروج حاصل ڪيو، هن جي ملڪه (زال) ٿيوڊرا (Theodora) به هڪ لائق ملڪه طور سندس مدد ڪئي. جڏهن 527ع ۾ شهنشاهه جسٽينن وفات ڪئي ته -ان- سان گڏ وري بازنطيني سلطنت به لوڏن ۾ اچي وئي. ستين صديءَ جي شروعات ۾ هڪ طرف -اتر- واري لمباري (Lombardy) علائقي ۾ -آباد- قوم ۽ ايرانين ته ٻئي طرف عربن انهيءَ سلطنت تي هڪٻئي پويان حملا شروع ڪري ڏنا. نيٺ 643ع تائين فلسطين، مصر، -اتر- آفريڪا ۽ قبرص مسلمانن جي قبضي ۾ اچي ويا. اهڙيءَ طرح اها سلطنت ڪيترن ئي حصن ۾ ورهائجي ويئي ۽ رڳو يونان تائين محدود ٿي وئي. 1453ع ۾ ترڪيءَ جي -بادشاهه- سلطان محمد ٻئي (1432ع-1481ع) قسطنطنيا تي قبضو ڪري بازنطيني سلطنت جو خاتمو آڻي ڇڏيو. انهيءَ -جنگ- ۾ بازنطيني سلطنت جو آخري -بادشاهه- ڪانسٽنٽائين يارهون پليو لوگس جي ميدان تي -جنگ- وڙهندي مري ويو. -ان- سان گڏ بازنطيني سلطنت جو هميشه لاءِ خاتمو اچي ويو.[6]

حوالا

[سنواريو]

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

سانچو:Byzantine Empire topics